Baca Surah Ahqafdengan terjemahan
قُلْ مَا كُنتُ بِدْعًا مِّنَ ٱلرُّسُلِ وَمَآ أَدْرِى مَا يُفْعَلُ بِى وَلَا بِكُمْ إِنْ أَتَّبِعُ إِلَّا مَا يُوحَىٰٓ إِلَىَّ وَمَآ أَنَا۠ إِلَّا نَذِيرٌ مُّبِينٌ
Qul ma kuntu bidAAan mina alrrusuli wama adree ma yufAAalu bee wala bikum in attabiAAu illa ma yooha ilayya wama ana illa natheerun mubeenun
چؤ ته آءٌ پيغمبرن مان ڪو نئون (آيل) نه آھيان ۽ نٿو ڄاڻان ته مون سان ۽ اوھان سان (دنيا ۾) ڇا ڪيو ويندو، جيڪي مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي تنھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن (ڳالھ) جي تابعداري نه ڪندو آھي ۽ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
قُلْ أَرَءَيْتُمْ إِن كَانَ مِنْ عِندِ ٱللَّهِ وَكَفَرْتُم بِهِۦ وَشَهِدَ شَاهِدٌ مِّنۢ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ عَلَىٰ مِثْلِهِۦ فَـَٔامَنَ وَٱسْتَكْبَرْتُمْ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلظَّٰلِمِينَ
Qul araaytum in kana min AAindi Allahi wakafartum bihi washahida shahidun min banee israeela AAala mithlihi faamana waistakbartum inna Allaha la yahdee alqawma alththalimeena
(کين) چؤ ته ڏسو ته سھي جيڪڏھن (اھو قرآن) الله وٽان آيل آھي ۽ اوھين اُن کي نه مڃيو ۽ بني اسرائيلن مان ھڪ شاھد اھڙي (ڪتاب) تي شاھدي ڏني ھجي پوءِ اُنھيءَ ايمان آندو ۽ اوھان (مڃڻ کان) وڏائي ڪئي (ته ضرور ظالم ٿيندؤ) بيشڪ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لِلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَوْ كَانَ خَيْرًا مَّا سَبَقُونَآ إِلَيْهِ وَإِذْ لَمْ يَهْتَدُوا۟ بِهِۦ فَسَيَقُولُونَ هَٰذَآ إِفْكٌ قَدِيمٌ
Waqala allatheena kafaroo lillatheena amanoo law kana khayran ma sabaqoona ilayhi waith lam yahtadoo bihi fasayaqooloona hatha ifkun qadeemun
۽ ڪافرن مؤمنن به نسبت چيو ته جيڪڏھن (اھو دين) چڱو ھجي ھا ته اُھي اُن ڏانھن اسان کان اڳرائي نه ڪن ھا، ۽ جڏھن (ڪافرن) اُن سان واٽ نه لڌي تڏھن چوندا ته ھيءُ (قرآن) ھڪ پراڻو ڪوڙ آھي.
وَمِن قَبْلِهِۦ كِتَٰبُ مُوسَىٰٓ إِمَامًا وَرَحْمَةً وَهَٰذَا كِتَٰبٌ مُّصَدِّقٌ لِّسَانًا عَرَبِيًّا لِّيُنذِرَ ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ وَبُشْرَىٰ لِلْمُحْسِنِينَ
Wamin qablihi kitabu moosa imaman warahmatan wahatha kitabun musaddiqun lisanan AAarabiyyan liyunthira allatheena thalamoo wabushra lilmuhsineena
۽ ھن (قرآن) کان اڳ مُوسىٰ جو ڪتاب اڳواڻ ۽ ٻاجھ ھو، ۽ ھي ڪتاب (ان جو) سچّو ڪندڙ عربيءَ ٻوليءَ ۾ آھي ھن لاءِ ته ظالمن کي ڊيڄاري، ۽ ڀلارن کي خوشخبري ڏئي.
إِنَّ ٱلَّذِينَ قَالُوا۟ رَبُّنَا ٱللَّهُ ثُمَّ ٱسْتَقَٰمُوا۟ فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ
Inna allatheena qaloo rabbuna Allahu thumma istaqamoo fala khawfun AAalayhim wala hum yahzanoona
بيشڪ جن چيو ته اسان جو پالڻھار الله آھي پوءِ اِن (چوڻ) تي مُحڪم رھيا تن کي نڪو ڀَؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين ھوندا.
أُو۟لَٰٓئِكَ أَصْحَٰبُ ٱلْجَنَّةِ خَٰلِدِينَ فِيهَا جَزَآءًۢ بِمَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
Olaika ashabu aljannati khalideena feeha jazaan bima kanoo yaAAmaloona
اِھي بھشتي آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، جيڪي عمل ڪندا ھوا تنھنجو بدلو آھي.
وَوَصَّيْنَا ٱلْإِنسَٰنَ بِوَٰلِدَيْهِ إِحْسَٰنًا حَمَلَتْهُ أُمُّهُۥ كُرْهًا وَوَضَعَتْهُ كُرْهًا وَحَمْلُهُۥ وَفِصَٰلُهُۥ ثَلَٰثُونَ شَهْرًا حَتَّىٰٓ إِذَا بَلَغَ أَشُدَّهُۥ وَبَلَغَ أَرْبَعِينَ سَنَةً قَالَ رَبِّ أَوْزِعْنِىٓ أَنْ أَشْكُرَ نِعْمَتَكَ ٱلَّتِىٓ أَنْعَمْتَ عَلَىَّ وَعَلَىٰ وَٰلِدَىَّ وَأَنْ أَعْمَلَ صَٰلِحًا تَرْضَىٰهُ وَأَصْلِحْ لِى فِى ذُرِّيَّتِىٓ إِنِّى تُبْتُ إِلَيْكَ وَإِنِّى مِنَ ٱلْمُسْلِمِينَ
Wawassayna alinsana biwalidayhi ihsanan hamalathu ommuhu kurhan wawadaAAathu kurhan wahamluhu wafisaluhu thalathoona shahran hatta itha balagha ashuddahu wabalagha arbaAAeena sanatan qala rabbi awziAAnee an ashkura niAAmataka allatee anAAamta AAalayya waAAala walidayya waan aAAmala salihan tardahu waaslih lee fee thurriyyatee innee tubtu ilayka wainnee mina almuslimeena
۽ ماڻھوءَ کي پنھنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حُڪم ڪيوسون، (جو) اوکائيءَ سان سنديس ماءُ کيس (پيٽ ۾) کنيو آھي ۽ اوکائيءَ سان کيس ڄڻيو آھي، ۽ اُنجو (پيٽ ۾) کڻڻ ۽ اُن جو (کير کان) ڇڏائڻ ٽيھ مھينا آھي، تان جو جڏھن پنھنجيءَ جواني کي پُھتو ۽ چاليھن ورھن کي پھتو (تڏھن) چوندو آھي ته اي منھنجا پالڻھار مون کي توفيق ڏي ته تنھنجي انھيءَ نعمت جو شڪر ڪريان جيڪا مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي انعام ڪئي اٿيئي ۽ ته (اھڙا) چڱا ڪم ڪريان جن کان راضي رھين ۽ منھنجي اولاد مون لاءِ سُڌار، بيشڪ آءٌ توڏانھن موٽيس ۽ بيشڪ آءٌ مسلمانن منجھان آھيان.
أُو۟لَٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ نَتَقَبَّلُ عَنْهُمْ أَحْسَنَ مَا عَمِلُوا۟ وَنَتَجَاوَزُ عَن سَيِّـَٔاتِهِمْ فِىٓ أَصْحَٰبِ ٱلْجَنَّةِ وَعْدَ ٱلصِّدْقِ ٱلَّذِى كَانُوا۟ يُوعَدُونَ
Olaika allatheena nataqabbalu AAanhum ahsana ma AAamiloo wanatajawazu AAan sayyiatihim fee ashabi aljannati waAAda alssidqi allathee kanoo yooAAadoona
اِھي اُھي آھن جن جا تمام چڱا ڪم جيڪي ڪيائون سي قبول ڪندا آھيون ۽ سندين مداين کان ٽرندا آھيون (اھي) بھشتين ۾ ھوندا، جيڪو ساڻن سچو وعدو ڪبو ھو تنھن جي ڪري.
وَٱلَّذِى قَالَ لِوَٰلِدَيْهِ أُفٍّ لَّكُمَآ أَتَعِدَانِنِىٓ أَنْ أُخْرَجَ وَقَدْ خَلَتِ ٱلْقُرُونُ مِن قَبْلِى وَهُمَا يَسْتَغِيثَانِ ٱللَّهَ وَيْلَكَ ءَامِنْ إِنَّ وَعْدَ ٱللَّهِ حَقٌّ فَيَقُولُ مَا هَٰذَآ إِلَّآ أَسَٰطِيرُ ٱلْأَوَّلِينَ
Waallathee qala liwalidayhi offin lakuma ataAAidaninee an okhraja waqad khalati alquroonu min qablee wahuma yastagheethani Allaha waylaka amin inna waAAda Allahi haqqun fayaqoolu ma hatha illa asateeru alawwaleena
۽ جنھن پنھنجي ماءُ پيءُ کي چيو ته اوھان کان بيزار آھيان مون کي انجام ڏيو ٿا ڇا ته (قبرن مان) ڪڍيو ويندس ۽ بيشڪ مون کان اڳ (ماڻھن جا) ڪيترائي جُڳ گذري ويا آھن، ۽ اُھي ٻئي الله کي ٻاڏائيندا آھن ۽ (چوندا اٿس ته) پنھنجي ڪم بختي ڇڏي ايمان آڻ، بيشڪ الله جو انجام سچو آھي، پوءِ چوندو آھي ته اِھي رڳو اڳوڻن جو آکاڻيون آھن.
أُو۟لَٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ حَقَّ عَلَيْهِمُ ٱلْقَوْلُ فِىٓ أُمَمٍ قَدْ خَلَتْ مِن قَبْلِهِم مِّنَ ٱلْجِنِّ وَٱلْإِنسِ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ خَٰسِرِينَ
Olaika allatheena haqqa AAalayhimu alqawlu fee umamin qad khalat min qablihim mina aljinni waalinsi innahum kanoo khasireena
اِھي اُھي آھن جن تي اھڙي سزا لازم ٿي (جھڙي اُنھن) ٽولين ۾ ٿي جي جِنن ۽ ماڻھن مان کائن اڳ گذري ويا، بيشڪ اُھي ڇيئي وارا ھوا.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.