Baca Surah Ahzabdengan terjemahan
وَسَبِّحُوهُ بُكْرَةً وَأَصِيلًا
Wasabbihoohu bukratan waaseelan
۽ صبح ۽ سانجھيءَ جو کيس پاڪائيءَ سان واکاڻيو.
هُوَ ٱلَّذِى يُصَلِّى عَلَيْكُمْ وَمَلَٰٓئِكَتُهُۥ لِيُخْرِجَكُم مِّنَ ٱلظُّلُمَٰتِ إِلَى ٱلنُّورِ وَكَانَ بِٱلْمُؤْمِنِينَ رَحِيمًا
Huwa allathee yusallee AAalaykum wamalaikatuhu liyukhrijakum mina alththulumati ila alnnoori wakana bialmumineena raheeman
ھو اُھو آھي جو اوھان تي رحمت موڪلي ٿو ۽ سندس ملائڪ به اوھان لاءِ رحمت جي دُعا گھرندا آھن ته اوھان کي اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍي، ۽ الله مؤمنن تي مھربان آھي.
تَحِيَّتُهُمْ يَوْمَ يَلْقَوْنَهُۥ سَلَٰمٌ وَأَعَدَّ لَهُمْ أَجْرًا كَرِيمًا
Tahiyyatuhum yawma yalqawnahu salamun waaAAadda lahum ajran kareeman
جنھن ڏينھن الله کي ملندا (تنھن ڏينھن) سندن کِيڪر سلام آھي، ۽ اُنھن لاءِ عزت وارو اجر تيار ڪيو اٿس.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ إِنَّآ أَرْسَلْنَٰكَ شَٰهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذِيرًا
Ya ayyuha alnnabiyyu inna arsalnaka shahidan wamubashshiran wanatheeran
اي پيغمبر بيشڪ اسان توکي شاھدي ڏيندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو.
وَدَاعِيًا إِلَى ٱللَّهِ بِإِذْنِهِۦ وَسِرَاجًا مُّنِيرًا
WadaAAiyan ila Allahi biithnihi wasirajan muneeran
۽ الله ڏانھن سندس حُڪم سان سڏيندڙ ۽ روشن ڏيئو (ڪري موڪليوسون).
وَبَشِّرِ ٱلْمُؤْمِنِينَ بِأَنَّ لَهُم مِّنَ ٱللَّهِ فَضْلًا كَبِيرًا
Wabashshiri almumineena bianna lahum mina Allahi fadlan kabeeran
۽ مؤمنن کي خوشخبري ڏي ته انھن لاءِ الله جي پار کان وڏو فضل آھي.
وَلَا تُطِعِ ٱلْكَٰفِرِينَ وَٱلْمُنَٰفِقِينَ وَدَعْ أَذَىٰهُمْ وَتَوَكَّلْ عَلَى ٱللَّهِ وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ وَكِيلًا
Wala tutiAAi alkafireena waalmunafiqeena wadaAA athahum watawakkal AAala Allahi wakafa biAllahi wakeelan
۽ ڪافرن ۽ مُنافقن جو چيو نه مڃ ۽ سندن ايذائڻ (جي خيال) کي ڇڏ ۽ الله تي ڀروسو ڪر، ۽ الله ڪارساز بس آھي.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِذَا نَكَحْتُمُ ٱلْمُؤْمِنَٰتِ ثُمَّ طَلَّقْتُمُوهُنَّ مِن قَبْلِ أَن تَمَسُّوهُنَّ فَمَا لَكُمْ عَلَيْهِنَّ مِنْ عِدَّةٍ تَعْتَدُّونَهَا فَمَتِّعُوهُنَّ وَسَرِّحُوهُنَّ سَرَاحًا جَمِيلًا
Ya ayyuha allatheena amanoo itha nakahtumu almuminati thumma tallaqtumoohunna min qabli an tamassoohunna fama lakum AAalayhinna min AAiddatin taAAtaddoonaha famattiAAoohunna wasarrihoohunna sarahan jameelan
اي ايمان وارؤ جڏھن مؤمنياڻين کي پرڻجو (۽) وري کين ھٿ لائڻ کان اڳ طلاق ڏيو تڏھن مٿن ڪا عِدّت اوھان لاءِ ڪانھي جنھن کي (اوھين) ڳڻيو، پوءِ کين (ڇڙو) جورو ڏيو ۽ چڱيءَ طرح سان کين ڇڏيو.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ إِنَّآ أَحْلَلْنَا لَكَ أَزْوَٰجَكَ ٱلَّٰتِىٓ ءَاتَيْتَ أُجُورَهُنَّ وَمَا مَلَكَتْ يَمِينُكَ مِمَّآ أَفَآءَ ٱللَّهُ عَلَيْكَ وَبَنَاتِ عَمِّكَ وَبَنَاتِ عَمَّٰتِكَ وَبَنَاتِ خَالِكَ وَبَنَاتِ خَٰلَٰتِكَ ٱلَّٰتِى هَاجَرْنَ مَعَكَ وَٱمْرَأَةً مُّؤْمِنَةً إِن وَهَبَتْ نَفْسَهَا لِلنَّبِىِّ إِنْ أَرَادَ ٱلنَّبِىُّ أَن يَسْتَنكِحَهَا خَالِصَةً لَّكَ مِن دُونِ ٱلْمُؤْمِنِينَ قَدْ عَلِمْنَا مَا فَرَضْنَا عَلَيْهِمْ فِىٓ أَزْوَٰجِهِمْ وَمَا مَلَكَتْ أَيْمَٰنُهُمْ لِكَيْلَا يَكُونَ عَلَيْكَ حَرَجٌ وَكَانَ ٱللَّهُ غَفُورًا رَّحِيمًا
Ya ayyuha alnnabiyyu inna ahlalna laka azwajaka allatee atayta ojoorahunna wama malakat yameenuka mimma afaa Allahu AAalayka wabanati AAammika wabanati AAammatika wabanati khalika wabanati khalatika allatee hajarna maAAaka waimraatan muminatan in wahabat nafsaha lilnnabiyyi in arada alnnabiyyu an yastankihaha khalisatan laka min dooni almumineena qad AAalimna ma faradna AAalayhim fee azwajihim wama malakat aymanuhum likayla yakoona AAalayka harajun wakana Allahu ghafooran raheeman
اي پيغمبر بيشڪ اسان تولاءِ اُھي زالون حلال ڪيون جن کي تو سندن ڪابين ڏنو ۽ جيڪي ٻانھيون الله توتي عنايت ڪيون تن مان جن تي تنھنجو ھٿ مالڪ ٿيو سي ۽ تنھنجي چاچي جون ڌيئر ۽ تنھنجي پڦين جون ڌيئر ۽ ۽ تنھنجي مامي جون ڌيئر ۽ تنھنجي ماسين جون ڌيئر جن توسان ھجرت ڪئي حلال ڪيوسون، ۽ اُھا مؤمنياڻي زال به (حلال ڪئي سون) جيڪا پنھنجي جِند پيغمبر کي (سواءِ مھر وٺڻ جي) بخشي بشرطيڪ پيغمبر کيس پرڻجڻ جو ارادو ڪري، (اھو ڪم) مؤمنن کانسواءِ خلاصو تولاءِ آھي، انھن (مؤمنن) تي سندن زالن ۽ سندن ٻانھين بابت جن تي سندن ھٿ مالڪ ٿيا آھن جيڪي (ڪابين ۽ خرچ ڏيڻ) فرض ڪيو اٿون سو بيشڪ ڄاتو اٿون (اھو) ھن ڪري ته توتي ڪا اوکائي نه ھجي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
تُرْجِى مَن تَشَآءُ مِنْهُنَّ وَتُـْٔوِىٓ إِلَيْكَ مَن تَشَآءُ وَمَنِ ٱبْتَغَيْتَ مِمَّنْ عَزَلْتَ فَلَا جُنَاحَ عَلَيْكَ ذَٰلِكَ أَدْنَىٰٓ أَن تَقَرَّ أَعْيُنُهُنَّ وَلَا يَحْزَنَّ وَيَرْضَيْنَ بِمَآ ءَاتَيْتَهُنَّ كُلُّهُنَّ وَٱللَّهُ يَعْلَمُ مَا فِى قُلُوبِكُمْ وَكَانَ ٱللَّهُ عَلِيمًا حَلِيمًا
Turjee man tashao minhunna watuwee ilayka man tashao wamani ibtaghayta mimman AAazalta fala junaha AAalayka thalika adna an taqarra aAAyunuhunna wala yahzanna wayardayna bima ataytahunna kulluhunna waAllahu yaAAlamu ma fee quloobikum wakana Allahu AAaleeman haleeman
منجھانئن جنھن کي گھرين تنھن کي ڇڏي ڏئين ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي پاڻ وٽ جاءِ ڏئين، ۽ جن کي تو پاسي ڪيو تن مان وري جنھن کي طلب ڪرين ته توتي ڪو گناھ نه آھي، اِھو (اختيار) ھن (ڳالھ) کي تمام ويجھو آھي ته سندن اکيون ٺرن ۽ (اُھي) غمگين نه ٿين ۽ جيڪي تون کين ڏئين تنھن کان اُھي سڀ خوش ٿين، ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ بُردبار آھي.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.