Baca Surah Anamdengan terjemahan
وَمَا عَلَى ٱلَّذِينَ يَتَّقُونَ مِنْ حِسَابِهِم مِّن شَىْءٍ وَلَٰكِن ذِكْرَىٰ لَعَلَّهُمْ يَتَّقُونَ
Wama AAala allatheena yattaqoona min hisabihim min shayin walakin thikra laAAallahum yattaqoona
۽ جيڪي پرھيزگاري ڪندا آھن تن تي اُنھن (ظالمن) جي حساب جي ڪجھ به (ڇڪ تاڻ) نه آھي پر (انھن تي) نصيحت ڪرڻ لازم آھي مانَ اُھي ڊڄن.
وَذَرِ ٱلَّذِينَ ٱتَّخَذُوا۟ دِينَهُمْ لَعِبًا وَلَهْوًا وَغَرَّتْهُمُ ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَا وَذَكِّرْ بِهِۦٓ أَن تُبْسَلَ نَفْسٌۢ بِمَا كَسَبَتْ لَيْسَ لَهَا مِن دُونِ ٱللَّهِ وَلِىٌّ وَلَا شَفِيعٌ وَإِن تَعْدِلْ كُلَّ عَدْلٍ لَّا يُؤْخَذْ مِنْهَآ أُو۟لَٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ أُبْسِلُوا۟ بِمَا كَسَبُوا۟ لَهُمْ شَرَابٌ مِّنْ حَمِيمٍ وَعَذَابٌ أَلِيمٌۢ بِمَا كَانُوا۟ يَكْفُرُونَ
Wathari allatheena ittakhathoo deenahum laAAiban walahwan wagharrathumu alhayatu alddunya wathakkir bihi an tubsala nafsun bima kasabat laysa laha min dooni Allahi waliyyun wala shafeeAAun wain taAAdil kulla AAadlin la yukhath minha olaika allatheena obsiloo bima kasaboo lahum sharabun min hameemin waAAathabun aleemun bima kanoo yakfuroona
۽ (اي پيغمبر) جن پنھنجي دين کي راند ۽ تماشو بڻايو آھي ۽ کين دُنيا جي حياتيءَ ٺڳيو آھي تن کي ڇڏي ڏي ۽ قرآن سان نصيحت ڪر متان (قيامت جي ڏينھن) ڪوئي پنھنجي ڪئي جي سببان (ھلاڪت ۾) ڦاسي، الله کانسواءِ ان جو نڪو مددگار ۽ نڪو سفارش ڪندڙ آھي، ۽ جيڪڏھن سڀڪا شيء عوض ڏيندو ته کانئس نه ورتو ويندو، اِھي اُھي آھن جو جيڪي ڪيائون تنھن سببان (ھلاڪت ۾) ڦاسي ويا، اُنھن لاءِ ٽھڪندڙ پاڻي مان پيڻ ۽ ڏکوئيندڙ عذاب انھيءَ ڪري آھي جو ڪُفر ڪندا ھوا.
قُلْ أَنَدْعُوا۟ مِن دُونِ ٱللَّهِ مَا لَا يَنفَعُنَا وَلَا يَضُرُّنَا وَنُرَدُّ عَلَىٰٓ أَعْقَابِنَا بَعْدَ إِذْ هَدَىٰنَا ٱللَّهُ كَٱلَّذِى ٱسْتَهْوَتْهُ ٱلشَّيَٰطِينُ فِى ٱلْأَرْضِ حَيْرَانَ لَهُۥٓ أَصْحَٰبٌ يَدْعُونَهُۥٓ إِلَى ٱلْهُدَى ٱئْتِنَا قُلْ إِنَّ هُدَى ٱللَّهِ هُوَ ٱلْهُدَىٰ وَأُمِرْنَا لِنُسْلِمَ لِرَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ
Qul anadAAoo min dooni Allahi ma la yanfaAAuna wala yadurruna wanuraddu AAala aAAqabina baAAda ith hadana Allahu kaallathee istahwathu alshshayateenu fee alardi hayrana lahu ashabun yadAAoonahu ila alhuda itina qul inna huda Allahi huwa alhuda waomirna linuslima lirabbi alAAalameena
(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله کانسواءِ اھڙي کي سڏيون ڇا جيڪو اسان کي نڪي سُک ڏيندو آھي ۽ نڪي ڏُک ڏيندو آھي ۽ اُنھيءَ کان پوءِ جو الله اسان کي ھدايت ڪئي انھيءَ وانگر پنھنجين کڙين (ڀرپوءِ) تي موٽايا وڃون ڇا جنھن کي شيطانن جھنگ ۾ ڀلائي ڇڏيو ھجي اھو حيران پيو ڦري، سندس ڪيئي دوست ھُجن جي ان کي سڌي رستي ڏانھن پيا سڏين ته اسان ڏانھن اچ (۽ اھو اچي ئي نه، اي پيغمبر کين) چؤ ته الله جي ڏسيل واٽ اھائي سڌي واٽ آھي، ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو آھي ته جھانن جي پالڻھار جي فرمانبرداري ڪريون.
وَأَنْ أَقِيمُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَٱتَّقُوهُ وَهُوَ ٱلَّذِىٓ إِلَيْهِ تُحْشَرُونَ
Waan aqeemoo alssalata waittaqoohu wahuwa allathee ilayhi tuhsharoona
۽ (ھيءُ به حڪم ڏنو ويو آھي) ته نماز پڙھو ۽ کانئس ڊڄو، ۽ اُھو (الله) آھي جنھن ڏانھن اُٿاريا ويندؤ.
وَهُوَ ٱلَّذِى خَلَقَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ بِٱلْحَقِّ وَيَوْمَ يَقُولُ كُن فَيَكُونُ قَوْلُهُ ٱلْحَقُّ وَلَهُ ٱلْمُلْكُ يَوْمَ يُنفَخُ فِى ٱلصُّورِ عَٰلِمُ ٱلْغَيْبِ وَٱلشَّهَٰدَةِ وَهُوَ ٱلْحَكِيمُ ٱلْخَبِيرُ
Wahuwa allathee khalaqa alssamawati waalarda bialhaqqi wayawma yaqoolu kun fayakoonu qawluhu alhaqqu walahu almulku yawma yunfakhu fee alssoori AAalimu alghaybi waalshshahadati wahuwa alhakeemu alkhabeeru
۽ اُھو ئي آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايو آھي، ۽ جنھن ڏينھن (قيامت لاءِ) چوندو ته ٿيءُ ته ٿي پوندي. سندس ڳالھ سچي آھي، ۽ جنھن ڏينھن صور ۾ ڦوڪيو ويندو (تنھن ڏينھن) رڳو اُن جي بادشاھي آھي، ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي، ۽ اُھو حِڪمت وارو خبردار آھي.
وَإِذْ قَالَ إِبْرَٰهِيمُ لِأَبِيهِ ءَازَرَ أَتَتَّخِذُ أَصْنَامًا ءَالِهَةً إِنِّىٓ أَرَىٰكَ وَقَوْمَكَ فِى ضَلَٰلٍ مُّبِينٍ
Waith qala ibraheemu liabeehi azara atattakhithu asnaman alihatan innee araka waqawmaka fee dalalin mubeenin
۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم پنھنجي پيءُ آزر کي چيو ته بُتن کي خدا ڪري ڇوٿا وٺو؟ بيشڪ آءٌ توکي ۽ تنھنجي قوم کي پڌري گمراھيءَ ۾ ڏسان ٿو.
وَكَذَٰلِكَ نُرِىٓ إِبْرَٰهِيمَ مَلَكُوتَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَلِيَكُونَ مِنَ ٱلْمُوقِنِينَ
Wakathalika nuree ibraheema malakoota alssamawati waalardi waliyakoona mina almooqineena
۽ اھڙي طرح ابراھيم کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي ڏيکاري سون ٿي (ھِن لاءِ) ته (اُھو) يقين ڪندڙن مان ٿيئي.
فَلَمَّا جَنَّ عَلَيْهِ ٱلَّيْلُ رَءَا كَوْكَبًا قَالَ هَٰذَا رَبِّى فَلَمَّآ أَفَلَ قَالَ لَآ أُحِبُّ ٱلْءَافِلِينَ
Falamma janna AAalayhi allaylu raa kawkaban qala hatha rabbee falamma afala qala la ohibbu alafileena
پوءِ جنھن مھل رات مٿس اونداھي ڪئي (ته آسمان ۾) ھڪ تارو ڏٺائين، چيائين ھي منھنجو پالڻھار آھي، پوءِ جنھن مھل لٿو (ته) چيائين ته لھندڙن کي پيارو نه ٿو رکان.
فَلَمَّا رَءَا ٱلْقَمَرَ بَازِغًا قَالَ هَٰذَا رَبِّى فَلَمَّآ أَفَلَ قَالَ لَئِن لَّمْ يَهْدِنِى رَبِّى لَأَكُونَنَّ مِنَ ٱلْقَوْمِ ٱلضَّآلِّينَ
Falamma raa alqamara bazighan qala hatha rabbee falamma afala qala lain lam yahdinee rabbee laakoonanna mina alqawmi alddalleena
پوءِ جنھن مھل چنڊ کي چمڪندڙ ڏٺائين ته چيائين ھي منھنجو پالڻھار آھي، پوءِ جنھن مھل لٿو (ته) چيائين ته جيڪڏھن منھنجو پالڻھار مون کي ھدايت نه ڪندو ته آءٌ ضرور گمراہ قوم مان ٿيندس.
فَلَمَّا رَءَا ٱلشَّمْسَ بَازِغَةً قَالَ هَٰذَا رَبِّى هَٰذَآ أَكْبَرُ فَلَمَّآ أَفَلَتْ قَالَ يَٰقَوْمِ إِنِّى بَرِىٓءٌ مِّمَّا تُشْرِكُونَ
Falamma raa alshshamsa bazighatan qala hatha rabbee hatha akbaru falamma afalat qala ya qawmi innee bareeon mimma tushrikoona
پوءِ جنھن مھل سج کي چمڪندڙ ڏٺائين (ته) چيائين ھي منھنجو پالڻھار آھي (جو) ھي وڏو آھي، پوءِ جنھن مھل لٿو (ته) چيائين اي منھنجي قوم جن کي اوھين خُدا سان شريڪ بڻائيندا آھيو تن کان آءٌ بيزار آھيان.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.