وَقَالَ ٱلَّذِينَ ٱتَّبَعُوا۟ لَوْ أَنَّ لَنَا كَرَّةً فَنَتَبَرَّأَ مِنْهُمْ كَمَا تَبَرَّءُوا۟ مِنَّا كَذَٰلِكَ يُرِيهِمُ ٱللَّهُ أَعْمَٰلَهُمْ حَسَرَٰتٍ عَلَيْهِمْ وَمَا هُم بِخَٰرِجِينَ مِنَ ٱلنَّارِ
Waqala allatheena ittabaAAoo law anna lana karratan fanatabarraa minhum kama tabarraoo minna kathalika yureehimu Allahu aAAmalahum hasaratin AAalayhim wama hum bikharijeena mina alnnari
۽ (تنھن مھل) پٺيءَ لڳندڙ چوندا ته جيڪر اسان کي (وري دنيا ۾) موٽڻو ھجي ھا ته کانئن ائين بيزار ٿيون ھا جئن اسان کان بيزار ٿيا آھن، اھڙي طرح الله سندن ڪرتوتن کي مٿن پشيمانيون بڻائي ڏيکاريندو، ۽ اُھي باھ مان نڪرڻ وارا نه آھن.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ كُلُوا۟ مِمَّا فِى ٱلْأَرْضِ حَلَٰلًا طَيِّبًا وَلَا تَتَّبِعُوا۟ خُطُوَٰتِ ٱلشَّيْطَٰنِ إِنَّهُۥ لَكُمْ عَدُوٌّ مُّبِينٌ
Ya ayyuha alnnasu kuloo mimma fee alardi halalan tayyiban wala tattabiAAoo khutuwati alshshaytani innahu lakum AAaduwwun mubeenun
اي ماڻھؤ جيڪي شيون زمين ۾ آھن تن مان پاڪ حلال کائو، ۽ شيطان جي وکن تي نه ھلو، ڇوته اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي.
إِنَّمَا يَأْمُرُكُم بِٱلسُّوٓءِ وَٱلْفَحْشَآءِ وَأَن تَقُولُوا۟ عَلَى ٱللَّهِ مَا لَا تَعْلَمُونَ
Innama yamurukum bialssooi waalfahshai waan taqooloo AAala Allahi ma la taAAlamoona
(شيطان) رڳو اوھان کي بڇڙائيءَ ۽ بي حيائيءَ جو حڪم ڪري ٿو ۽ ھيءُ ته جيڪي ڳالھيون نه ڄاڻندا آھيو سي الله جي نسبت ۾ چئو.
وَإِذَا قِيلَ لَهُمُ ٱتَّبِعُوا۟ مَآ أَنزَلَ ٱللَّهُ قَالُوا۟ بَلْ نَتَّبِعُ مَآ أَلْفَيْنَا عَلَيْهِ ءَابَآءَنَآ أَوَلَوْ كَانَ ءَابَآؤُهُمْ لَا يَعْقِلُونَ شَيْـًٔا وَلَا يَهْتَدُونَ
Waitha qeela lahumu ittabiAAoo ma anzala Allahu qaloo bal nattabiAAu ma alfayna AAalayhi abaana awalaw kana abaohum la yaAAqiloona shayan wala yahtadoona
۽ جڏھن کين چئجي ٿو ته جيڪي الله لاٿو تنھن جي تابعداري ڪريو (تڏھن) چون ٿا ته (نه) بلڪ جنھن تي پنھنجن پئن ڏاڏن کي ڏٺوسون تنھن جي پٺيان لڳنداسون، جيتوڻيڪ سندن ابا ڏاڏا ڪجھ به نه ڄاڻندا هُئا ۽ نڪي سڌيءَ واٽ تي هُئا.
وَمَثَلُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ كَمَثَلِ ٱلَّذِى يَنْعِقُ بِمَا لَا يَسْمَعُ إِلَّا دُعَآءً وَنِدَآءً صُمٌّۢ بُكْمٌ عُمْىٌ فَهُمْ لَا يَعْقِلُونَ
Wamathalu allatheena kafaroo kamathali allathee yanAAiqu bima la yasmaAAu illa duAAaan wanidaan summun bukmun AAumyun fahum la yaAAqiloona
۽ ڪافرن (کي سڏيندڙ) جو مثال اُن ماڻھوءَ جي مثال وانگر آھي جو اھڙِيءَ شي کي واڪو ڪري ٻڌائي جا سڏ ۽ ڪوڪ کانسواءِ (ڪجھ) نه ٻڌي. (ڪافر) ٻوڙا، گونگا، انڌا آھن تنھنڪري اُھي (ڪجھ به) نه ٿا سمجھن.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ كُلُوا۟ مِن طَيِّبَٰتِ مَا رَزَقْنَٰكُمْ وَٱشْكُرُوا۟ لِلَّهِ إِن كُنتُمْ إِيَّاهُ تَعْبُدُونَ
Ya ayyuha allatheena amanoo kuloo min tayyibati ma razaqnakum waoshkuroo lillahi in kuntum iyyahu taAAbudoona
اي مؤمنؤ جيڪا اوھان کي روزي ڏني سون تنھن مان سٺيون شيون کائو ۽ جيڪڏھن اوھين نلو الله جي عبادت ڪندڙ آھيو ته سندس شڪرانو ادا ڪريو.
إِنَّمَا حَرَّمَ عَلَيْكُمُ ٱلْمَيْتَةَ وَٱلدَّمَ وَلَحْمَ ٱلْخِنزِيرِ وَمَآ أُهِلَّ بِهِۦ لِغَيْرِ ٱللَّهِ فَمَنِ ٱضْطُرَّ غَيْرَ بَاغٍ وَلَا عَادٍ فَلَآ إِثْمَ عَلَيْهِ إِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
Innama harrama AAalaykumu almaytata waalddama walahma alkhinzeeri wama ohilla bihi lighayri Allahi famani idturra ghayra baghin wala AAadin fala ithma AAalayhi inna Allaha ghafoorun raheemun
اوھان تي رڳو مُئل ۽ رَت ۽ سُوئر جو ماس ۽ جنھن شي تي الله کانسواءِ ٻئي جو نالو پڪارجي سا حرام ڪيائين، پوءِ جيڪو نڪي بي فرماني ڪندڙ ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿي لاچار ٿئي (۽ کائي) تنھن تي گناہ نه آھي، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.
إِنَّ ٱلَّذِينَ يَكْتُمُونَ مَآ أَنزَلَ ٱللَّهُ مِنَ ٱلْكِتَٰبِ وَيَشْتَرُونَ بِهِۦ ثَمَنًا قَلِيلًا أُو۟لَٰٓئِكَ مَا يَأْكُلُونَ فِى بُطُونِهِمْ إِلَّا ٱلنَّارَ وَلَا يُكَلِّمُهُمُ ٱللَّهُ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ وَلَا يُزَكِّيهِمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
Inna allatheena yaktumoona ma anzala Allahu mina alkitabi wayashtaroona bihi thamanan qaleelan olaika ma yakuloona fee butoonihim illa alnnara wala yukallimuhumu Allahu yawma alqiyamati wala yuzakkeehim walahum AAathabun aleemun
الله ڪتاب مان جيڪي لاٿو سو جيڪي ماڻھو لڪائيندا آھن ۽ اُن جي بدلي ٿورو ملھ وٺندا آھن اِھي پنھنجن پيٽن ۾ باھ کانسواءِ نه کائيندا آھن ۽ الله ساڻن قيامت جي ڏينھن نه ڳالھائيندو ۽ نڪي کين سنواريندو، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
أُو۟لَٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ ٱشْتَرَوُا۟ ٱلضَّلَٰلَةَ بِٱلْهُدَىٰ وَٱلْعَذَابَ بِٱلْمَغْفِرَةِ فَمَآ أَصْبَرَهُمْ عَلَى ٱلنَّارِ
Olaika allatheena ishtarawoo alddalalata bialhuda waalAAathaba bialmaghfirati fama asbarahum AAala alnnari
اِھي (اُھي) آھن جن ھدايت جي بدران گمراھي ۽ بخشش جي بدران عذاب ڳڌو، پوءِ عجب آھي ته کين (دوزخ جي) باہ تي ڪھڙيءَ (ڳالھ) صبر ڪرايو.
ذَٰلِكَ بِأَنَّ ٱللَّهَ نَزَّلَ ٱلْكِتَٰبَ بِٱلْحَقِّ وَإِنَّ ٱلَّذِينَ ٱخْتَلَفُوا۟ فِى ٱلْكِتَٰبِ لَفِى شِقَاقٍۭ بَعِيدٍ
Thalika bianna Allaha nazzala alkitaba bialhaqqi wainna allatheena ikhtalafoo fee alkitabi lafee shiqaqin baAAeedin
اِھو ھِن ڪري (آھي) جو الله سچ سان ڪتاب (توريت) لاٿو، ۽ جن ڪتاب بابت تڪرار ڪيو سي ضرور وڏي ڦيٽي ۾ آھن.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.