Oku Surat FurqanSure okuma
أَوْ يُلْقَىٰٓ إِلَيْهِ كَنزٌ أَوْ تَكُونُ لَهُۥ جَنَّةٌ يَأْكُلُ مِنْهَا وَقَالَ ٱلظَّٰلِمُونَ إِن تَتَّبِعُونَ إِلَّا رَجُلًا مَّسْحُورًا
Aw yulqa ilayhi kanzun aw takoonu lahu jannatun yakulu minha waqala alththalimoona in tattabiAAoona illa rajulan mashooran
يا ڏانھس (آسمان کان) خزانو ڇو نه اُڇليو ويو يا اُن کي ڪو باغ ڇو نه آھي جو منجھانئس کائي، ۽ ظالم چوندا آھن ته اوھين رڳو جادو ڪيل ماڻھو جي تابعداري ڪندا آھيو.
ٱنظُرْ كَيْفَ ضَرَبُوا۟ لَكَ ٱلْأَمْثَٰلَ فَضَلُّوا۟ فَلَا يَسْتَطِيعُونَ سَبِيلًا
Onthur kayfa daraboo laka alamthala fadalloo fala yastateeAAoona sabeelan
(اي پيغمبر) ڏس ته تو لاءِ ڪھڙي طرح جون ڳالھيون ڪندا آھن پوءِ (اُھي) گمراھ ٿيا ۽ (ھاڻي) ڪا واٽ لھي نٿا سگھن.
تَبَارَكَ ٱلَّذِىٓ إِن شَآءَ جَعَلَ لَكَ خَيْرًا مِّن ذَٰلِكَ جَنَّٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ وَيَجْعَل لَّكَ قُصُورًۢا
Tabaraka allathee in shaa jaAAala laka khayran min thalika jannatin tajree min tahtiha alanharu wayajAAal laka qusooran
اُھو (الله) وڏو برڪت وارو آھي جيڪڏھن گھري ته (دنيا ۾) تولاءِ ھن (چيل) کان ڀلا باغ جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن ڏيئي ۽ توکي وڏيون ماڙيون (به) ڏئي.
بَلْ كَذَّبُوا۟ بِٱلسَّاعَةِ وَأَعْتَدْنَا لِمَن كَذَّبَ بِٱلسَّاعَةِ سَعِيرًا
Bal kaththaboo bialssaAAati waaAAtadna liman kaththaba bialssaAAati saAAeeran
بلڪ قيامت کي ڪُوڙو ڀانيو اٿن ۽ جنھن قيامت کي ڪوڙو ڀانيو تنھن لاءِ دوزخ تيار ڪيو اٿئون.
إِذَا رَأَتْهُم مِّن مَّكَانٍۭ بَعِيدٍ سَمِعُوا۟ لَهَا تَغَيُّظًا وَزَفِيرًا
Itha raathum min makanin baAAeedin samiAAoo laha taghayyuthan wazafeeran
جڏھن (دوزخ) انھن کي ڏوراھين پنڌ کان ڏسندو (تڏھن) اُن جون ڪاوڙ جون ھڪلون ۽ گجڪار ٻڌندا.
وَإِذَآ أُلْقُوا۟ مِنْهَا مَكَانًا ضَيِّقًا مُّقَرَّنِينَ دَعَوْا۟ هُنَالِكَ ثُبُورًا
Waitha olqoo minha makanan dayyiqan muqarraneena daAAaw hunalika thubooran
۽ جڏھن اُتان ھٿ پير جڪڙيل سوڙھي ھنڌ سٽيا ويندا (تڏھن) اُتي (پاڻ لاءِ) ھلاڪ ٿيڻ کي سڏيندا.
لَّا تَدْعُوا۟ ٱلْيَوْمَ ثُبُورًا وَٰحِدًا وَٱدْعُوا۟ ثُبُورًا كَثِيرًا
La tadAAoo alyawma thubooran wahidan waodAAoo thubooran katheeran
(چيو ويندن ته) اڄ اوھين ھڪ ھلاڪ ٿيڻ کي نه پڪاريو پر گھڻن ھلاڪتن کي پُڪاريو.
قُلْ أَذَٰلِكَ خَيْرٌ أَمْ جَنَّةُ ٱلْخُلْدِ ٱلَّتِى وُعِدَ ٱلْمُتَّقُونَ كَانَتْ لَهُمْ جَزَآءً وَمَصِيرًا
Qul athalika khayrun am jannatu alkhuldi allatee wuAAida almuttaqoona kanat lahum jazaan wamaseeran
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ڀلو آھي يا اُھو ھميشه وارو بھشت جنھن جو پرھيزگارن کي انجام ڏنو ويو آھي؟ جو اُنھن لاءِ بدلو ۽ موٽڻ جو ھنڌ ھوندو.
لَّهُمْ فِيهَا مَا يَشَآءُونَ خَٰلِدِينَ كَانَ عَلَىٰ رَبِّكَ وَعْدًا مَّسْـُٔولًا
Lahum feeha ma yashaoona khalideena kana AAala rabbika waAAdan masoolan
جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ منجھس سدائين (موجود) ھوندو، تنھنجي پالڻھار کان (اھو) وعدو گھريل آھي.
وَيَوْمَ يَحْشُرُهُمْ وَمَا يَعْبُدُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ فَيَقُولُ ءَأَنتُمْ أَضْلَلْتُمْ عِبَادِى هَٰٓؤُلَآءِ أَمْ هُمْ ضَلُّوا۟ ٱلسَّبِيلَ
Wayawma yahshuruhum wama yaAAbudoona min dooni Allahi fayaqoolu aantum adlaltum AAibadee haolai am hum dalloo alssabeela
۽ اُن ڏينھن کين ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھن تن کي الله گڏ ڪندو پوءِ چوندو ته اوھان ھنن منھنجن ٻانھن کي گمراھ ڪيو ھو يا اُھي پاڻ واٽ کان گمراھ ٿيا ھوا؟
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.