إِلَّآ أَن يَشَآءَ ٱللَّهُ وَٱذْكُر رَّبَّكَ إِذَا نَسِيتَ وَقُلْ عَسَىٰٓ أَن يَهْدِيَنِ رَبِّى لِأَقْرَبَ مِنْ هَٰذَا رَشَدًا
Illa an yashaa Allahu waothkur rabbaka itha naseeta waqul AAasa an yahdiyani rabbee liaqraba min hatha rashadan
۽ جڏھن پنھنجي پالڻھار کي وسارين (تڏھن تون اُن کي) ياد ڪر ۽ چؤ ته سگھوئي منھنجو پالڻھار ھن کان به ڏاڍي ويجھي سڌي ھدايت ڪندو.
وَلَبِثُوا۟ فِى كَهْفِهِمْ ثَلَٰثَ مِا۟ئَةٍ سِنِينَ وَٱزْدَادُوا۟ تِسْعًا
Walabithoo fee kahfihim thalatha miatin sineena waizdadoo tisAAan
۽ اُھي پنھنجي غار ۾ ٽن سون ورھن کان وڌيڪ نَو ورھ رھيا.
قُلِ ٱللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا لَبِثُوا۟ لَهُۥ غَيْبُ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ أَبْصِرْ بِهِۦ وَأَسْمِعْ مَا لَهُم مِّن دُونِهِۦ مِن وَلِىٍّ وَلَا يُشْرِكُ فِى حُكْمِهِۦٓ أَحَدًا
Quli Allahu aAAlamu bima labithoo lahu ghaybu alssamawati waalardi absir bihi waasmiAA ma lahum min doonihi min waliyyin wala yushriku fee hukmihi ahadan
(جيڪڏھن اُھي نه مڃين ته) چئو ته جيڪي رھيا سو الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، اُن کي آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ (معلوم) آھي، ڪھڙو عجيب ڏسندڙ ۽ ڪھڙو عجيب ٻڌندڙ آھي، اُن کانسواءِ ڪو انھن جو مددگار نه آھي، ۽ پنھنجي حُڪم ۾ ڪنھن ھڪ کي ڀائيوار نه ڪندو آھي.
وَٱتْلُ مَآ أُوحِىَ إِلَيْكَ مِن كِتَابِ رَبِّكَ لَا مُبَدِّلَ لِكَلِمَٰتِهِۦ وَلَن تَجِدَ مِن دُونِهِۦ مُلْتَحَدًا
Waotlu ma oohiya ilayka min kitabi rabbika la mubaddila likalimatihi walan tajida min doonihi multahadan
۽ تنھنجي پالڻھار جي ڪتاب مان جيڪي توڏانھن وحي ڪيو ويو سو پڙھ، سندس حُڪم کي ڪا ڦير ڦار نه آھي، ۽ اُن کانسواءِ تون ڪا واھ نه لھندين.
وَٱصْبِرْ نَفْسَكَ مَعَ ٱلَّذِينَ يَدْعُونَ رَبَّهُم بِٱلْغَدَوٰةِ وَٱلْعَشِىِّ يُرِيدُونَ وَجْهَهُۥ وَلَا تَعْدُ عَيْنَاكَ عَنْهُمْ تُرِيدُ زِينَةَ ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا وَلَا تُطِعْ مَنْ أَغْفَلْنَا قَلْبَهُۥ عَن ذِكْرِنَا وَٱتَّبَعَ هَوَىٰهُ وَكَانَ أَمْرُهُۥ فُرُطًا
Waisbir nafsaka maAAa allatheena yadAAoona rabbahum bialghadati waalAAashiyyi yureedoona wajhahu wala taAAdu AAaynaka AAanhum tureedu zeenata alhayati alddunya wala tutiAA man aghfalna qalbahu AAan thikrina waittabaAAa hawahu wakana amruhu furutan
۽ پاڻ کي انھن سان صبر ۾ رک جيڪي پنھنجي پالڻھار کي صُبح ۽ سانجھيءَ جو ياد ڪندا آھن (۽) سندس رضا مندي گھرندا آھن ۽ (گھرجي ته) تنھنجون اکيون دُنيا جي حياتيءَ جي سينگار جو ارادو رکي انھن (ياد ڪندڙن) کان (ٻئي پاسي) نه واجھائين، ۽ انھيءَ جي فرمانبرداري نه ڪر جنھن جي دل اسان پنھنجي ياد ڪرڻ کان غافل ڪئي ۽ پنھنجي خواھش جي پٺيان لڳو ۽ سندس ڪم حد کان وڌيل آھي.
وَقُلِ ٱلْحَقُّ مِن رَّبِّكُمْ فَمَن شَآءَ فَلْيُؤْمِن وَمَن شَآءَ فَلْيَكْفُرْ إِنَّآ أَعْتَدْنَا لِلظَّٰلِمِينَ نَارًا أَحَاطَ بِهِمْ سُرَادِقُهَا وَإِن يَسْتَغِيثُوا۟ يُغَاثُوا۟ بِمَآءٍ كَٱلْمُهْلِ يَشْوِى ٱلْوُجُوهَ بِئْسَ ٱلشَّرَابُ وَسَآءَتْ مُرْتَفَقًا
Waquli alhaqqu min rabbikum faman shaa falyumin waman shaa falyakfur inna aAAtadna lilththalimeena naran ahata bihim suradiquha wain yastagheethoo yughathoo bimain kaalmuhli yashwee alwujooha bisa alshsharabu wasaat murtafaqan
۽ چؤ ته (اھو سخن) اوھان جي پالڻھار وٽان (آيل) سچ آھي، پوءِ جنھن کي وڻي سو ايمان آڻي ۽ جنھن کي وڻي سو نه مڃي، اسان ظالمن لاءِ باھ تيار ڪئي آھي (۽) اُن جا پردا اُنھن کي ويڙھيندا، ۽ جيڪڏھن فرياد ڪندا ته انھن جي فرياد اھڙي پاڻيءَ سان ورائي ويندي جو پگھاريل ٽامي وانگر ھوندو سندن منھن کي ڀڃندو، اُھو بڇڙو پيڻ آھي، ۽ بڇڙو آرام جو ھنڌ آھي.
إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ إِنَّا لَا نُضِيعُ أَجْرَ مَنْ أَحْسَنَ عَمَلًا
Inna allatheena amanoo waAAamiloo alssalihati inna la nudeeAAu ajra man ahsana AAamalan
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ته جنھن چڱو ڪم ڪيو آھي تنھن جو اجر اسين نه وڃائينداسون.
أُو۟لَٰٓئِكَ لَهُمْ جَنَّٰتُ عَدْنٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهِمُ ٱلْأَنْهَٰرُ يُحَلَّوْنَ فِيهَا مِنْ أَسَاوِرَ مِن ذَهَبٍ وَيَلْبَسُونَ ثِيَابًا خُضْرًا مِّن سُندُسٍ وَإِسْتَبْرَقٍ مُّتَّكِـِٔينَ فِيهَا عَلَى ٱلْأَرَآئِكِ نِعْمَ ٱلثَّوَابُ وَحَسُنَتْ مُرْتَفَقًا
Olaika lahum jannatu AAadnin tajree min tahtihimu alanharu yuhallawna feeha min asawira min thahabin wayalbasoona thiyaban khudran min sundusin waistabraqin muttakieena feeha AAala alaraiki niAAma alththawabu wahasunat murtafaqan
اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ ھميشگيءَ جا بھشت (ھوندا) جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سونن ڪنگڻن جا زيور انھن کي پارايا ويندا ۽ سَنھي ۽ ٿُلھي پٽ جي سائي پوشاڪ ڍڪيندا (۽) اتي تختن تي تڪيو لائي وھندا، اِھو بدلو چڱو آھي، ۽ آرام جي جاءِ به چڱي آھي.
وَٱضْرِبْ لَهُم مَّثَلًا رَّجُلَيْنِ جَعَلْنَا لِأَحَدِهِمَا جَنَّتَيْنِ مِنْ أَعْنَٰبٍ وَحَفَفْنَٰهُمَا بِنَخْلٍ وَجَعَلْنَا بَيْنَهُمَا زَرْعًا
Waidrib lahum mathalan rajulayni jaAAalna liahadihima jannatayni min aAAnabin wahafafnahuma binakhlin wajaAAalna baynahuma zarAAan
۽ (اي پيغمبر) کين ٻن مڙسن جو قصو بيان ڪر ۽ انھن مان ھڪڙي لاءِ ڊاکن جا ٻه باغ پيدا ڪيا ھئاسون ۽ انھن جي چوڌاري کجيون پيدا ڪيو ھيوسون ۽ انھن جي وچ ۾ پوک پيدا ڪئي ھئي سون.
كِلْتَا ٱلْجَنَّتَيْنِ ءَاتَتْ أُكُلَهَا وَلَمْ تَظْلِم مِّنْهُ شَيْـًٔا وَفَجَّرْنَا خِلَٰلَهُمَا نَهَرًا
Kilta aljannatayni atat okulaha walam tathlim minhu shayan wafajjarna khilalahuma naharan
ٻنھين باغن پنھنجا ميوا پچايا ۽ منجھانئن ڪجھ گھٽ نه ڪيائون ۽ انھن جي وچ ۾ واھيون وھايون سون.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.