Read Surah Maidahwith translation
وَلَوْ أَنَّ أَهْلَ ٱلْكِتَٰبِ ءَامَنُوا۟ وَٱتَّقَوْا۟ لَكَفَّرْنَا عَنْهُمْ سَيِّـَٔاتِهِمْ وَلَأَدْخَلْنَٰهُمْ جَنَّٰتِ ٱلنَّعِيمِ
Walaw anna ahla alkitabi amanoo waittaqaw lakaffarna AAanhum sayyiatihim walaadkhalnahum jannati alnnaAAeemi
۽ جيڪڏھن ڪتاب وارا ايمان آڻين ھا ۽ پرھيزگاري ڪن ھا ته سندن گناہ کانئن ضرور ميٽيون ھا ۽ کين نعمت جي باغن ۾ ضرور داخل ڪريون ھا.
وَلَوْ أَنَّهُمْ أَقَامُوا۟ ٱلتَّوْرَىٰةَ وَٱلْإِنجِيلَ وَمَآ أُنزِلَ إِلَيْهِم مِّن رَّبِّهِمْ لَأَكَلُوا۟ مِن فَوْقِهِمْ وَمِن تَحْتِ أَرْجُلِهِم مِّنْهُمْ أُمَّةٌ مُّقْتَصِدَةٌ وَكَثِيرٌ مِّنْهُمْ سَآءَ مَا يَعْمَلُونَ
Walaw annahum aqamoo alttawrata waalinjeela wama onzila ilayhim min rabbihim laakaloo min fawqihim wamin tahti arjulihim minhum ommatun muqtasidatun wakatheerun minhum saa ma yaAAmaloona
۽ جيڪڏھن اُھي توريت ۽ انجيل ۽ جيڪي سندن پالڻھار وٽان اُنھن ڏانھن لاٿو ويو (تن جي حڪمن کي) پورو بيھارين ھا ته پنھنجي مٿان ۽ پنھنجي پيرن ھيٺان ضرور (روزي) کائين ھا، منجھانئن ھڪ ٽولي سئين رستي آھي، ۽ اُنھن مان گھڻا جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلرَّسُولُ بَلِّغْ مَآ أُنزِلَ إِلَيْكَ مِن رَّبِّكَ وَإِن لَّمْ تَفْعَلْ فَمَا بَلَّغْتَ رِسَالَتَهُۥ وَٱللَّهُ يَعْصِمُكَ مِنَ ٱلنَّاسِ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلْكَٰفِرِينَ
Ya ayyuha alrrasoolu balligh ma onzila ilayka min rabbika wain lam tafAAal fama ballaghta risalatahu waAllahu yaAAsimuka mina alnnasi inna Allaha la yahdee alqawma alkafireena
اي پيغمبر جيڪو (قرآن) توڏانھن تنھنجي پالڻھار وٽان لاٿو ويو آھي سو پُھچاءِ، ۽ جيڪڏھن (ايئن) نه ڪيئي ته سندس پيغام نه پھچايئي، ۽ الله توکي ماڻھن کان پناہ ڏيندو، ۽ الله ڪافرن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
قُلْ يَٰٓأَهْلَ ٱلْكِتَٰبِ لَسْتُمْ عَلَىٰ شَىْءٍ حَتَّىٰ تُقِيمُوا۟ ٱلتَّوْرَىٰةَ وَٱلْإِنجِيلَ وَمَآ أُنزِلَ إِلَيْكُم مِّن رَّبِّكُمْ وَلَيَزِيدَنَّ كَثِيرًا مِّنْهُم مَّآ أُنزِلَ إِلَيْكَ مِن رَّبِّكَ طُغْيَٰنًا وَكُفْرًا فَلَا تَأْسَ عَلَى ٱلْقَوْمِ ٱلْكَٰفِرِينَ
Qul ya ahla alkitabi lastum AAala shayin hatta tuqeemoo alttawrata waalinjeela wama onzila ilaykum min rabbikum walayazeedanna katheeran minhum ma onzila ilayka min rabbika tughyanan wakufran fala tasa AAala alqawmi alkafireena
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ اوھين ايستائين ڪنھن واٽ تي نه آھيو جيستائين توريت ۽ انجيل ۽ جيڪي پالڻھار کان اوھان ڏانھن لاٿو ويو تنھن (جي حڪمن) تي بيھڪ نه ڪريو، ۽ جيڪي تنھنجي پالڻھار کان توڏانھن لاٿو ويو آھي سو منجھانئن گھڻن (يھودين) جي بي فرمَانيءَ ۽ ڪُفر کي وڌائيندو، تنھنڪري ڪافرن جي قوم تي ارمان نه ڪر.
إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَٱلَّذِينَ هَادُوا۟ وَٱلصَّٰبِـُٔونَ وَٱلنَّصَٰرَىٰ مَنْ ءَامَنَ بِٱللَّهِ وَٱلْيَوْمِ ٱلْءَاخِرِ وَعَمِلَ صَٰلِحًا فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ
Inna allatheena amanoo waallatheena hadoo waalssabioona waalnnasara man amana biAllahi waalyawmi alakhiri waAAamila salihan fala khawfun AAalayhim wala hum yahzanoona
(جيڪي) مؤمن ۽ يھودي ۽ صابي ۽ نصارىٰ (آھن اُنھن مان) جن الله کي ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي ڪو ڀؤ ڪونه آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.
لَقَدْ أَخَذْنَا مِيثَٰقَ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ وَأَرْسَلْنَآ إِلَيْهِمْ رُسُلًا كُلَّمَا جَآءَهُمْ رَسُولٌۢ بِمَا لَا تَهْوَىٰٓ أَنفُسُهُمْ فَرِيقًا كَذَّبُوا۟ وَفَرِيقًا يَقْتُلُونَ
Laqad akhathna meethaqa banee israeela waarsalna ilayhim rusulan kullama jaahum rasoolun bima la tahwa anfusuhum fareeqan kaththaboo wafareeqan yaqtuloona
بيشڪ بني اسرائيلن کان انجام ورتوسون ۽ اُنھن ڏانھن (گھڻا) پيغمبر موڪلياسون، جڏھن ڪڏھن وٽن ڪنھن پيغمبر جيڪي سندن دلين نه ٿي گھريو سو حُڪم ٿي آندو تڏھن ھڪ ٽوليءَ کي ڪُوڙو ٿي ڀانيائون ۽ ھڪ ٽوليءَ کي ڪُٺائون ٿي.
وَحَسِبُوٓا۟ أَلَّا تَكُونَ فِتْنَةٌ فَعَمُوا۟ وَصَمُّوا۟ ثُمَّ تَابَ ٱللَّهُ عَلَيْهِمْ ثُمَّ عَمُوا۟ وَصَمُّوا۟ كَثِيرٌ مِّنْهُمْ وَٱللَّهُ بَصِيرٌۢ بِمَا يَعْمَلُونَ
Wahasiboo alla takoona fitnatun faAAamoo wasammoo thumma taba Allahu AAalayhim thumma AAamoo wasammoo katheerun minhum waAllahu baseerun bima yaAAmaloona
۽ ڀانيائون ٿي ته ڪا خرابي ٿيڻي نه آھي پوءِ (حق کان) انڌا ٿيا ۽ ٻوڙا ٿيا وري (به) الله مٿن ٻاجھ سان موٽيو (جو پيغمبر موڪليائين) وري منجھانئن گھڻا (حق کان) انڌا ٿيا ۽ ٻوڙا ٿيا، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڏسندڙ آھي.
لَقَدْ كَفَرَ ٱلَّذِينَ قَالُوٓا۟ إِنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلْمَسِيحُ ٱبْنُ مَرْيَمَ وَقَالَ ٱلْمَسِيحُ يَٰبَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ رَبِّى وَرَبَّكُمْ إِنَّهُۥ مَن يُشْرِكْ بِٱللَّهِ فَقَدْ حَرَّمَ ٱللَّهُ عَلَيْهِ ٱلْجَنَّةَ وَمَأْوَىٰهُ ٱلنَّارُ وَمَا لِلظَّٰلِمِينَ مِنْ أَنصَارٍ
Laqad kafara allatheena qaloo inna Allaha huwa almaseehu ibnu maryama waqala almaseehu ya banee israeela oAAbudoo Allaha rabbee warabbakum innahu man yushrik biAllahi faqad harrama Allahu AAalayhi aljannata wamawahu alnnaru wama lilththalimeena min ansarin
بيشڪ جن چيو ته عيسىٰ پٽ مريم جو پاڻ الله آھي سي ڪافر ٿيا، ۽ عيسىٰ چوندو ھو ته اي بني اسرائيلؤ الله جي عبادت ڪريو جو منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، (ھيءَ پڪي ڳالھ آھي ته) جيڪو الله سان شريڪ مقرر ڪندو تنھن تي بيشڪ الله بھشت حرام ڪيو آھي ۽ سندس ھنڌ باھ آھي، ۽ ظالمن جو ھو مددگار آھي.
لَّقَدْ كَفَرَ ٱلَّذِينَ قَالُوٓا۟ إِنَّ ٱللَّهَ ثَالِثُ ثَلَٰثَةٍ وَمَا مِنْ إِلَٰهٍ إِلَّآ إِلَٰهٌ وَٰحِدٌ وَإِن لَّمْ يَنتَهُوا۟ عَمَّا يَقُولُونَ لَيَمَسَّنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِنْهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
Laqad kafara allatheena qaloo inna Allaha thalithu thalathatin wama min ilahin illa ilahun wahidun wain lam yantahoo AAamma yaqooloona layamassanna allatheena kafaroo minhum AAathabun aleemun
جن چيو ته الله ٽن مان ھڪڙو آھي سي بيشڪ ڪافرٿيا، حالانڪ ھڪ الله کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي، جيڪي چوندا آھن تنھن کان جيڪڏھن پاڻ کي نه جھليندا ته منجھانئن ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب ضرور پھچندو.
أَفَلَا يَتُوبُونَ إِلَى ٱللَّهِ وَيَسْتَغْفِرُونَهُۥ وَٱللَّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
Afala yatooboona ila Allahi wayastaghfiroonahu waAllahu ghafoorun raheemun
پوءِ الله ڏانھن ڇونه موٽندا آھن ۽ سندس بخشش ڇونه گھرندا آھن؟ ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
IslamicFinder brings Al Quran to you making the Holy Quran recitation a whole lot easier. With our Al Quran explorer feature, just with a tap, you can select the Surah you want to recite or listen Quran mp3 audio! Offering your Holy Quran Translation and Quran Transliteration in English and several other languages, Quran recitation has never been easier. Happy reading!
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.