Baca Surah Saddengan terjemahan
أَءُنزِلَ عَلَيْهِ ٱلذِّكْرُ مِنۢ بَيْنِنَا بَلْ هُمْ فِى شَكٍّ مِّن ذِكْرِى بَل لَّمَّا يَذُوقُوا۟ عَذَابِ
Aonzila AAalayhi alththikru min baynina bal hum fee shakkin min thikree bal lamma yathooqoo AAathabi
اسان مڙني جي وچان مٿس قرآن نازل ڪيو ويو ڇا؟ بلڪ اِھي (ڪافر) منھنجي نصيحت کان شڪ ۾ (پيل) آھن، (نه!) بلڪ اڃا منھنجو عذاب نه چکيو اٿن.
أَمْ عِندَهُمْ خَزَآئِنُ رَحْمَةِ رَبِّكَ ٱلْعَزِيزِ ٱلْوَهَّابِ
Am AAindahum khazainu rahmati rabbika alAAazeezi alwahhabi
تنھنجي پالڻھار غالب بخشڻھار جي ٻاجھ جا (ڪي) خزانا وٽن آھن ڇا؟
أَمْ لَهُم مُّلْكُ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا فَلْيَرْتَقُوا۟ فِى ٱلْأَسْبَٰبِ
Am lahum mulku alssamawati waalardi wama baynahuma falyartaqoo fee alasbabi
آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اِنھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي تنھنجي بادشاھي انھن جي آھي ڇا؟ (جي ايئن آھي) ته جڳائي ته رسين سان (لڙڪي) مٿي چڙھن.
جُندٌ مَّا هُنَالِكَ مَهْزُومٌ مِّنَ ٱلْأَحْزَابِ
Jundun ma hunalika mahzoomun mina alahzabi
شڪست کاڌل ٽولين مان ھيءُ (ڪافر) ھتي ھڪ (گڏ ٿيل) لشڪر آھي.
كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوحٍ وَعَادٌ وَفِرْعَوْنُ ذُو ٱلْأَوْتَادِ
Kaththabat qablahum qawmu noohin waAAadun wafirAAawnu thoo alawtadi
انھن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ فرعون ميخن وارو ڪوڙ ڄاتو.
وَثَمُودُ وَقَوْمُ لُوطٍ وَأَصْحَٰبُ لْـَٔيْكَةِ أُو۟لَٰٓئِكَ ٱلْأَحْزَابُ
Wathamoodu waqawmu lootin waashabu alaykati olaika alahzabu
۽ ثمود ۽ لُوط جي قوم ۽ (شھر) ايڪه وارن، انھن جماعتن به (ڪوڙ ڀانيو).
إِن كُلٌّ إِلَّا كَذَّبَ ٱلرُّسُلَ فَحَقَّ عِقَابِ
In kullun illa kaththaba alrrusula fahaqqa AAiqabi
اِھي ٽوليون (جيڪي به ھيون تن) سڀني پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو تنھنڪري منھنجي سزا (مٿن) لازم ٿي.
وَمَا يَنظُرُ هَٰٓؤُلَآءِ إِلَّا صَيْحَةً وَٰحِدَةً مَّا لَهَا مِن فَوَاقٍ
Wama yanthuru haolai illa sayhatan wahidatan ma laha min fawaqin
۽ ھيءُ (ھن وقت جا ڪافر به) رڳو ھڪ آواز جا منتظر رھندا آھن جنھن کي ڪا ساھي نه ھوندي.
وَقَالُوا۟ رَبَّنَا عَجِّل لَّنَا قِطَّنَا قَبْلَ يَوْمِ ٱلْحِسَابِ
Waqaloo rabbana AAajjil lana qittana qabla yawmi alhisabi
۽ (ٺـٺولي طرح) چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار حساب جي ڏينھن کان اڳ اسان (جي عذاب) جي چٺي اسان کي جلد ڏي.
ٱصْبِرْ عَلَىٰ مَا يَقُولُونَ وَٱذْكُرْ عَبْدَنَا دَاوُۥدَ ذَا ٱلْأَيْدِ إِنَّهُۥٓ أَوَّابٌ
Isbir AAala ma yaqooloona waothkur AAabdana dawooda tha alaydi innahu awwabun
(اي پيغمبر) جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ اسان جي سگھ واري ٻانھي داؤد کي ياد ڪر، بيشڪ اُھو رجوع ڪرڻ وارو ھو.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.