فَقُلْنَا ٱضْرِبُوهُ بِبَعْضِهَا كَذَٰلِكَ يُحْىِ ٱللَّهُ ٱلْمَوْتَىٰ وَيُرِيكُمْ ءَايَٰتِهِۦ لَعَلَّكُمْ تَعْقِلُونَ
Faqulna idriboohu bibaAAdiha kathalika yuhyee Allahu almawta wayureekum ayatihi laAAallakum taAAqiloona
پوءِ چيوسين ته سندس (گوشت جو) ڪُجھ ڀاڱو اُن (مئل) کي ھڻو، اھڙي طرح الله مئلن کي جياريندو آھي ۽ اوھان کي پنھنجيون نشانيون ڏيکاريندو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.
ثُمَّ قَسَتْ قُلُوبُكُم مِّنۢ بَعْدِ ذَٰلِكَ فَهِىَ كَٱلْحِجَارَةِ أَوْ أَشَدُّ قَسْوَةً وَإِنَّ مِنَ ٱلْحِجَارَةِ لَمَا يَتَفَجَّرُ مِنْهُ ٱلْأَنْهَٰرُ وَإِنَّ مِنْهَا لَمَا يَشَّقَّقُ فَيَخْرُجُ مِنْهُ ٱلْمَآءُ وَإِنَّ مِنْهَا لَمَا يَهْبِطُ مِنْ خَشْيَةِ ٱللَّهِ وَمَا ٱللَّهُ بِغَٰفِلٍ عَمَّا تَعْمَلُونَ
Thumma qasat quloobukum min baAAdi thalika fahiya kaalhijarati aw ashaddu qaswatan wainna mina alhijarati lama yatafajjaru minhu alanharu wainna minha lama yashshaqqaqu fayakhruju minhu almao wainna minha lama yahbitu min khashyati Allahi wama Allahu bighafilin AAamma taAAmaloona
وري ان کانپوءِ اوھان جون دليون ڏاڍيون ٿيون پوءِ پھڻ وانگر بلڪ ڏاڍيون سخت آھن، ۽ پھڻن مان ڪي اھڙا (به) آھن جو منجھائن واھيون ڦاٽي نڪرنديون آھن، ۽ منجھائن ڪو ڦاٽندو آھي پوءِ منجھانئس پاڻي نڪرندو آھي، ۽ منجھائس ڪو الله جي ڀؤ کان ڪرندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بيخبر نه آھي.
أَفَتَطْمَعُونَ أَن يُؤْمِنُوا۟ لَكُمْ وَقَدْ كَانَ فَرِيقٌ مِّنْهُمْ يَسْمَعُونَ كَلَٰمَ ٱللَّهِ ثُمَّ يُحَرِّفُونَهُۥ مِنۢ بَعْدِ مَا عَقَلُوهُ وَهُمْ يَعْلَمُونَ
AfatatmaAAoona an yuminoo lakum waqad kana fareequn minhum yasmaAAoona kalama Allahi thumma yuharrifoonahu min baAAdi ma AAaqaloohu wahum yaAAlamoona
(اي مسلمانؤ! اوھين يھودين ۾) پاڻ لاءِ فرمانبردار ھجڻ جو ھِن ھوندي به اڃان آسرو رکو ٿا ڇا؟ جو بيشڪ منجھائن ھڪ ٽولي اِھڙي آھي جو الله جو ڪلام ٻڌندا آھن وري ان جي سمجھڻ کان پوءِ اُھي ڄاڻ ھوندي ان کي مٽائيندا آھن.
وَإِذَا لَقُوا۟ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ قَالُوٓا۟ ءَامَنَّا وَإِذَا خَلَا بَعْضُهُمْ إِلَىٰ بَعْضٍ قَالُوٓا۟ أَتُحَدِّثُونَهُم بِمَا فَتَحَ ٱللَّهُ عَلَيْكُمْ لِيُحَآجُّوكُم بِهِۦ عِندَ رَبِّكُمْ أَفَلَا تَعْقِلُونَ
Waitha laqoo allatheena amanoo qaloo amanna waitha khala baAAduhum ila baAAdin qaloo atuhaddithoonahum bima fataha Allahu AAalaykum liyuhajjookum bihi AAinda rabbikum afala taAAqiloona
۽ جڏھن مؤمنن کي ملندا آھن تڏھن چوندا آھن ته مڃيوسين، ۽ جڏھن ھڪ ٻئي کي ھيڪلو ملندا آھن (تڏھن پاڻ ۾) چوندا آھن ته جيڪي الله اوھان تي کوليو آھي تنھن جي ڳالھ ساڻن ڇو ڪندا آھيو ته اِن سببان اوھان جي پالڻھار وٽ اوھان تي حجت وٺندا رھن، اوھين ڇونه سمجھندا آھيو؟
أَوَلَا يَعْلَمُونَ أَنَّ ٱللَّهَ يَعْلَمُ مَا يُسِرُّونَ وَمَا يُعْلِنُونَ
Awala yaAAlamoona anna Allaha yaAAlamu ma yusirroona wama yuAAlinoona
نه ڄاڻندا آھن ڇا ته جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن سو الله ڄاڻندو آھي.
وَمِنْهُمْ أُمِّيُّونَ لَا يَعْلَمُونَ ٱلْكِتَٰبَ إِلَّآ أَمَانِىَّ وَإِنْ هُمْ إِلَّا يَظُنُّونَ
Waminhum ommiyyoona la yaAAlamoona alkitaba illa amaniyya wain hum illa yathunnoona
۽ منجھائن ڪي اڻ پڙھيا آھن جي ڪوڙن خيالن کانسواءِ ڪتاب کي نه ڄاڻندا آھن ۽ اُھي رڳو اٽڪل ھلندا آھن.
فَوَيْلٌ لِّلَّذِينَ يَكْتُبُونَ ٱلْكِتَٰبَ بِأَيْدِيهِمْ ثُمَّ يَقُولُونَ هَٰذَا مِنْ عِندِ ٱللَّهِ لِيَشْتَرُوا۟ بِهِۦ ثَمَنًا قَلِيلًا فَوَيْلٌ لَّهُم مِّمَّا كَتَبَتْ أَيْدِيهِمْ وَوَيْلٌ لَّهُم مِّمَّا يَكْسِبُونَ
Fawaylun lillatheena yaktuboona alkitaba biaydeehim thumma yaqooloona hatha min AAindi Allahi liyashtaroo bihi thamanan qaleelan fawaylun lahum mimma katabat aydeehim wawaylun lahum mimma yaksiboona
پوءِ اُنھن لاءِ خرابي آھي جيڪي پنھنجو ھٿراڌو ڪتاب لکندا آھن، موٽي (ماڻھن کي) چوندا آھن ته ھيءُ الله وٽان (آيو) آھي ھِن لاءِ ته ان سان (دنيا جو) ٿورو ملھ وٺن، پوءِ جيڪي سندن ھٿن لکيو تنھن سببان انھن لاءِ خرابي آھي ۽ جيڪي ڪمائيندا آھن تنھن سببان (پڻ) انھن لاءِ خرابي آھي.
وَقَالُوا۟ لَن تَمَسَّنَا ٱلنَّارُ إِلَّآ أَيَّامًا مَّعْدُودَةً قُلْ أَتَّخَذْتُمْ عِندَ ٱللَّهِ عَهْدًا فَلَن يُخْلِفَ ٱللَّهُ عَهْدَهُۥٓ أَمْ تَقُولُونَ عَلَى ٱللَّهِ مَا لَا تَعْلَمُونَ
Waqaloo lan tamassana alnnaru illa ayyaman maAAdoodatan qul attakhathtum AAinda Allahi AAahdan falan yukhlifa Allahu AAahdahu am taqooloona AAala Allahi ma la taAAlamoona
۽ چون ٿا ته باھ ڳڻيلن ڏينھن کان سواءِ اسان کي ڪڏھن نه ڇھندي. اي (پيغمبرکين) چئو ته الله وٽان اھڙو انجام ورتو اٿوَ ڇا؟ ته الله پنھنجي انجام کي ڪڏھن نه ڦيريندو يا الله تي اڻ ڄاتو (ڪوڙ) ڳالھائيندا آھيو.
بَلَىٰ مَن كَسَبَ سَيِّئَةً وَأَحَٰطَتْ بِهِۦ خَطِيٓـَٔتُهُۥ فَأُو۟لَٰٓئِكَ أَصْحَٰبُ ٱلنَّارِ هُمْ فِيهَا خَٰلِدُونَ
Bala man kasaba sayyiatan waahatat bihi khateeatuhu faolaika ashabu alnnari hum feeha khalidoona
ھائو جن مدائي ڪمائي ۽ سندن بڇڙائي کين ويڙھي وئي سي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.
وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ أُو۟لَٰٓئِكَ أَصْحَٰبُ ٱلْجَنَّةِ هُمْ فِيهَا خَٰلِدُونَ
Waallatheena amanoo waAAamiloo alssalihati olaika ashabu aljannati hum feeha khalidoona
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.