Oku Surat HadidSure okuma
سَابِقُوٓا۟ إِلَىٰ مَغْفِرَةٍ مِّن رَّبِّكُمْ وَجَنَّةٍ عَرْضُهَا كَعَرْضِ ٱلسَّمَآءِ وَٱلْأَرْضِ أُعِدَّتْ لِلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ بِٱللَّهِ وَرُسُلِهِۦ ذَٰلِكَ فَضْلُ ٱللَّهِ يُؤْتِيهِ مَن يَشَآءُ وَٱللَّهُ ذُو ٱلْفَضْلِ ٱلْعَظِيمِ
Sabiqoo ila maghfiratin min rabbikum wajannatin AAarduha kaAAardi alssamai waalardi oAAiddat lillatheena amanoo biAllahi warusulihi thalika fadlu Allahi yuteehi man yashao waAllahu thoo alfadli alAAatheemi
پنھنجي پالڻھار جي بخشش ۽ انھي بھشت ڏانھن اڳرائي ڪريو جنھن جي ويڪرائي آسمان ۽ زمين جي ويڪرائي وانگر آھي انھن لاءِ تيار ڪيو ويو آھي جن الله ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آندو، اھو الله جو فضل آھي جنھن کي وڻيس تنھن کي ڏيندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.
مَآ أَصَابَ مِن مُّصِيبَةٍ فِى ٱلْأَرْضِ وَلَا فِىٓ أَنفُسِكُمْ إِلَّا فِى كِتَٰبٍ مِّن قَبْلِ أَن نَّبْرَأَهَآ إِنَّ ذَٰلِكَ عَلَى ٱللَّهِ يَسِيرٌ
Ma asaba min museebatin fee alardi wala fee anfusikum illa fee kitabin min qabli an nabraaha inna thalika AAala Allahi yaseerun
ڪابه مُصيبت نڪي زمين ۾ ۽ نڪي اوھان جي جندن ۾ پھچندي آھي پر اُنھي کان اڳ اُن کي پيدا ڪريون ھڪ ڪتاب ۾ لکيل آھي، بيشڪ اھو (ڪم) الله کي آسان آھي.
لِّكَيْلَا تَأْسَوْا۟ عَلَىٰ مَا فَاتَكُمْ وَلَا تَفْرَحُوا۟ بِمَآ ءَاتَىٰكُمْ وَٱللَّهُ لَا يُحِبُّ كُلَّ مُخْتَالٍ فَخُورٍ
Likayla tasaw AAala ma fatakum wala tafrahoo bima atakum waAllahu la yuhibbu kulla mukhtalin fakhoorin
ھن ڪري (اھا خبر ڏني اٿون) ته جيڪي اوھان جي ھٿن مان ويو تنھن تي ارمان نه ڪريو ۽ جيڪي اوھان کي عطا ڪيائين تنھن تي خوشي نه ڪريو، ۽ الله سڀڪنھن ھٺيلي پاڻ سڏائيندڙ کي دوست نه رکندو آھي.
ٱلَّذِينَ يَبْخَلُونَ وَيَأْمُرُونَ ٱلنَّاسَ بِٱلْبُخْلِ وَمَن يَتَوَلَّ فَإِنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلْغَنِىُّ ٱلْحَمِيدُ
Allatheena yabkhaloona wayamuroona alnnasa bialbukhli waman yatawalla fainna Allaha huwa alghaniyyu alhameedu
جيڪي پيچائي ڪندا آھن ۽ ماڻھن کي به پيچائي ڏسيندا آھن، ۽ جيڪو منھن موڙيندو ته بيشڪ الله ئي بي پرواھ ساراھيل آھي.
لَقَدْ أَرْسَلْنَا رُسُلَنَا بِٱلْبَيِّنَٰتِ وَأَنزَلْنَا مَعَهُمُ ٱلْكِتَٰبَ وَٱلْمِيزَانَ لِيَقُومَ ٱلنَّاسُ بِٱلْقِسْطِ وَأَنزَلْنَا ٱلْحَدِيدَ فِيهِ بَأْسٌ شَدِيدٌ وَمَنَٰفِعُ لِلنَّاسِ وَلِيَعْلَمَ ٱللَّهُ مَن يَنصُرُهُۥ وَرُسُلَهُۥ بِٱلْغَيْبِ إِنَّ ٱللَّهَ قَوِىٌّ عَزِيزٌ
Laqad arsalna rusulana bialbayyinati waanzalna maAAahumu alkitaba waalmeezana liyaqooma alnnasu bialqisti waanzalna alhadeeda feehi basun shadeedun wamanafiAAu lilnnasi waliyaAAlama Allahu man yansuruhu warusulahu bialghaybi inna Allaha qawiyyun AAazeezun
بيشڪ پنھنجن پيغمبرن کي پڌرين نشانين سان موڪليوسون ۽ ساڻن ڪتاب ۽ تارازي ھن لاءِ موڪليوسون ته ماڻھو انصاف سان بيھڪ وٺن، ۽ لوھ موڪليوسون جنھن جي ڪري سخت ويڙھ آھي ۽ ماڻھن لاءِ (ٻيا) فائدا (به) آھن ۽ ته جيڪو الله ۽ سندس پيغمبرن کي پرپُٺ مدد ڏئي تنھن کي الله معلوم ڪري، بيشڪ الله سگھارو غالب آھي.
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا نُوحًا وَإِبْرَٰهِيمَ وَجَعَلْنَا فِى ذُرِّيَّتِهِمَا ٱلنُّبُوَّةَ وَٱلْكِتَٰبَ فَمِنْهُم مُّهْتَدٍ وَكَثِيرٌ مِّنْهُمْ فَٰسِقُونَ
Walaqad arsalna noohan waibraheema wajaAAalna fee thurriyyatihima alnnubuwwata waalkitaba faminhum muhtadin wakatheerun minhum fasiqoona
۽ بيشڪ نُوح ۽ ابراھيم کي موڪليوسون ۽ سندن اولاد ۾ پيغمبري ۽ ڪتاب (امانت) رکيوسون پوءِ منجھائن ڪي ھدايت وارا آھن، ۽ منجھائن گھڻا بي دين آھن.
ثُمَّ قَفَّيْنَا عَلَىٰٓ ءَاثَٰرِهِم بِرُسُلِنَا وَقَفَّيْنَا بِعِيسَى ٱبْنِ مَرْيَمَ وَءَاتَيْنَٰهُ ٱلْإِنجِيلَ وَجَعَلْنَا فِى قُلُوبِ ٱلَّذِينَ ٱتَّبَعُوهُ رَأْفَةً وَرَحْمَةً وَرَهْبَانِيَّةً ٱبْتَدَعُوهَا مَا كَتَبْنَٰهَا عَلَيْهِمْ إِلَّا ٱبْتِغَآءَ رِضْوَٰنِ ٱللَّهِ فَمَا رَعَوْهَا حَقَّ رِعَايَتِهَا فَـَٔاتَيْنَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مِنْهُمْ أَجْرَهُمْ وَكَثِيرٌ مِّنْهُمْ فَٰسِقُونَ
Thumma qaffayna AAala atharihim birusulina waqaffayna biAAeesa ibni maryama waataynahu alinjeela wajaAAalna fee quloobi allatheena ittabaAAoohu rafatan warahmatan warahbaniyyatan ibtadaAAooha ma katabnaha AAalayhim illa ibtighaa ridwani Allahi fama raAAawha haqqa riAAayatiha faatayna allatheena amanoo minhum ajrahum wakatheerun minhum fasiqoona
وري پٺيانئن پنھنجا (ٻيا) پيغمبر موڪلياسون ۽ پوئتان عيسىٰ پُٽ مريم جي کي موڪليوسون ۽ کيس انجيل ڏنوسون، ۽ جن سندس تابعداري ڪئي تن جي دلين ۾ نرمي ۽ ٻاجھ رکي سون، ۽ اُھا گوشه نشيني جا پاڻ ٺاھي ھوائون سا اسان مٿن فرض نه ڪئي ھُئي پر الله جي رضامندي جي طلب لاءِ پاڻ ٺاھي ھوائون پوءِ اُن جو پورو حق نظر نه رکيائون، پوءِ منجھائن جن ايمان آندو تن کي سندن اجر ڏنوسون، ۽ منجھائن گھڻا بي دين آھن.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَءَامِنُوا۟ بِرَسُولِهِۦ يُؤْتِكُمْ كِفْلَيْنِ مِن رَّحْمَتِهِۦ وَيَجْعَل لَّكُمْ نُورًا تَمْشُونَ بِهِۦ وَيَغْفِرْ لَكُمْ وَٱللَّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
Ya ayyuha allatheena amanoo ittaqoo Allaha waaminoo birasoolihi yutikum kiflayni min rahmatihi wayajAAal lakum nooran tamshoona bihi wayaghfir lakum waAllahu ghafoorun raheemun
اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ته اوھان کي پنھنجي ٻاجھ مان به ڀاڱا ڏئي ۽ اوھان کي اھڙو نُور ڏئي جنھن سان (رستو) ھلو ۽ اوھان کي بخشي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
لِّئَلَّا يَعْلَمَ أَهْلُ ٱلْكِتَٰبِ أَلَّا يَقْدِرُونَ عَلَىٰ شَىْءٍ مِّن فَضْلِ ٱللَّهِ وَأَنَّ ٱلْفَضْلَ بِيَدِ ٱللَّهِ يُؤْتِيهِ مَن يَشَآءُ وَٱللَّهُ ذُو ٱلْفَضْلِ ٱلْعَظِيمِ
Lialla yaAAlama ahlu alkitabi alla yaqdiroona AAala shayin min fadli Allahi waanna alfadla biyadi Allahi yuteehi man yashao waAllahu thoo alfadli alAAatheemi
ھن ڪري (الله ھي خبر ڏني) ته اھل ڪتاب جا ڄاڻن ته اُھي الله جي فضل مان ڪنھن شيءَ تي سگھ رکي نه سگھندا آھن ۽ ته فضل الله جي ھٿ ۾ آھي جنھن کي وڻيس تنھن کي ڏيندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.
قَدْ سَمِعَ ٱللَّهُ قَوْلَ ٱلَّتِى تُجَٰدِلُكَ فِى زَوْجِهَا وَتَشْتَكِىٓ إِلَى ٱللَّهِ وَٱللَّهُ يَسْمَعُ تَحَاوُرَكُمَآ إِنَّ ٱللَّهَ سَمِيعٌۢ بَصِيرٌ
Qad samiAAa Allahu qawla allatee tujadiluka fee zawjiha watashtakee ila Allahi waAllahu yasmaAAu tahawurakuma inna Allaha sameeAAun baseerun
بيشڪ الله انھيءَ (زال) جو ڳالھائڻ ٻڌو جنھن مڙس بابت توسان جھڳڙو ٿي ڪيو ۽ الله جي آڏو (پنھنجو) ڏک جو احوال (بيان) ٿي ڪيو، ۽ الله اوھان ٻنھي جو پاڻ ۾ ڳالھائڻ ٻڌو ٿي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.