Oku Surat JathiyahSure okuma
وَإِذَا قِيلَ إِنَّ وَعْدَ ٱللَّهِ حَقٌّ وَٱلسَّاعَةُ لَا رَيْبَ فِيهَا قُلْتُم مَّا نَدْرِى مَا ٱلسَّاعَةُ إِن نَّظُنُّ إِلَّا ظَنًّا وَمَا نَحْنُ بِمُسْتَيْقِنِينَ
Waitha qeela inna waAAda Allahi haqqun waalssaAAatu la rayba feeha qultum ma nadree ma alssaAAatu in nathunnu illa thannan wama nahnu bimustayqineena
۽ جڏھن چئبو ھُيَوَ ته الله جو وعدو سچو آھي ۽ قيامت ۾ ڪو شڪ نه آھي (تڏھن) چوندا ھئو ته (اسين) نه ڄاڻندا آھيون ته قيامت ڇا آھي اسين رڳو ھڪ (ٿورو) گمان ڀائيندا آھيون ۽ اسين (ڪڏھن) يقين ڪرڻ وارا نه آھيون.
وَبَدَا لَهُمْ سَيِّـَٔاتُ مَا عَمِلُوا۟ وَحَاقَ بِهِم مَّا كَانُوا۟ بِهِۦ يَسْتَهْزِءُونَ
Wabada lahum sayyiatu ma AAamiloo wahaqa bihim ma kanoo bihi yastahzioona
۽ جيڪي ڪمايو ھوائون تنھن جون مدايون کين پڌريون ٿينديون ۽ جنھن شيءَ تي چٿرون ڪندا ھوا سا کين وڪوڙي ويندي.
وَقِيلَ ٱلْيَوْمَ نَنسَىٰكُمْ كَمَا نَسِيتُمْ لِقَآءَ يَوْمِكُمْ هَٰذَا وَمَأْوَىٰكُمُ ٱلنَّارُ وَمَا لَكُم مِّن نَّٰصِرِينَ
Waqeela alyawma nansakum kama naseetum liqaa yawmikum hatha wamawakumu alnnaru wama lakum min nasireena
۽ چئبو ته اڄ اوھان کي (ائين) وسارينداسون جيئن اوھان پنھنجي ھن ڏينھن جي اچي پھچڻ کي وساريو ھو ۽ (ھاڻي) اوھان جي جاءِ دوزخ آھي ۽ اوھان جو ڪو مددگار نه آھي.
ذَٰلِكُم بِأَنَّكُمُ ٱتَّخَذْتُمْ ءَايَٰتِ ٱللَّهِ هُزُوًا وَغَرَّتْكُمُ ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَا فَٱلْيَوْمَ لَا يُخْرَجُونَ مِنْهَا وَلَا هُمْ يُسْتَعْتَبُونَ
Thalikum biannakumu ittakhathtum ayati Allahi huzuwan wagharratkumu alhayatu alddunya faalyawma la yukhrajoona minha wala hum yustaAAtaboona
اِھو (عذاب اوھان کي) ھن ڪري آھي جو اوھان الله جي آيتن کي ٺـٺوليون ڪري ورتو ھو ۽ دنيوي حياتيءَ اوھان کي ٺڳيو ھو، تنھنڪري اڄ منجھانئس نه ڪڍبن ۽ نڪي عذر طلب ڪبن.
فَلِلَّهِ ٱلْحَمْدُ رَبِّ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَرَبِّ ٱلْأَرْضِ رَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ
Falillahi alhamdu rabbi alssamawati warabbi alardi rabbi alAAalameena
پوءِ سڀ ساراھ خاص الله کي جڳائي جو آسمانن جو پالڻھار ۽ زمين جو پالڻھار ۽ جھانن جو پالڻھار آھي.
وَلَهُ ٱلْكِبْرِيَآءُ فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
Walahu alkibriyao fee alssamawati waalardi wahuwa alAAazeezu alhakeemu
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سنديس وڏائي آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.
تَنزِيلُ ٱلْكِتَٰبِ مِنَ ٱللَّهِ ٱلْعَزِيزِ ٱلْحَكِيمِ
Tanzeelu alkitabi mina Allahi alAAazeezi alhakeemi
ڪتاب جو لاھڻ غالب حڪمت واري الله وٽان آھي.
مَا خَلَقْنَا ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَآ إِلَّا بِٱلْحَقِّ وَأَجَلٍ مُّسَمًّى وَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ عَمَّآ أُنذِرُوا۟ مُعْرِضُونَ
Ma khalaqna alssamawati waalarda wama baynahuma illa bialhaqqi waajalin musamman waallatheena kafaroo AAamma onthiroo muAAridoona
نه پيدا ڪيوسون آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي مگر پوريءَ رِٿ سان ۽ ھڪ مقرر مدت تائين (رھڻ لاءِ)، ۽ ڪافر جنھن کان ڊيڄاريا ويا (تنھن کان) مُنھن موڙيندڙ آھن.
قُلْ أَرَءَيْتُم مَّا تَدْعُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ أَرُونِى مَاذَا خَلَقُوا۟ مِنَ ٱلْأَرْضِ أَمْ لَهُمْ شِرْكٌ فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ ٱئْتُونِى بِكِتَٰبٍ مِّن قَبْلِ هَٰذَآ أَوْ أَثَٰرَةٍ مِّنْ عِلْمٍ إِن كُنتُمْ صَٰدِقِينَ
Qul araaytum ma tadAAoona min dooni Allahi aroonee matha khalaqoo mina alardi am lahum shirkun fee alssamawati eetoonee bikitabin min qabli hatha aw atharatin min AAilmin in kuntum sadiqeena
(کين) چؤ ته ڏسيو ته سھي الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو تن ڪا بڻاوت بڻائي آھي ڇا مون کي ڏيکاريو ته زمين (جي شين) منجھان ڪھڙي شيء پيدا ڪئي اٿن يا آسمانن (جي بڻائڻ) ۾ انھن جي ڪا ڀائيواري (ثابت) آھي ڇا؟ جيڪڏھن سچا آھيو ته ھن کان اڳ (آيل) ڪوبه ڪتاب يا ڪا علمي سَند مون وٽ آڻيو.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.