Baca Surah Maidahdengan terjemahan
ذَٰلِكَ أَدْنَىٰٓ أَن يَأْتُوا۟ بِٱلشَّهَٰدَةِ عَلَىٰ وَجْهِهَآ أَوْ يَخَافُوٓا۟ أَن تُرَدَّ أَيْمَٰنٌۢ بَعْدَ أَيْمَٰنِهِمْ وَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَٱسْمَعُوا۟ وَٱللَّهُ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلْفَٰسِقِينَ
Thalika adna an yatoo bialshshahadati AAala wajhiha aw yakhafoo an turadda aymanun baAAda aymanihim waittaqoo Allaha waismaAAoo waAllahu la yahdee alqawma alfasiqeena
اِھو (حُڪم ھن ڳالھ کي) ويجھو آھي ته اُھي (وصّي ماڻھو) سچي ڳالھه جي شاھدي ڏيڻ يا پنھنجن قسمن کڻڻ کانپوءِ قسم جي رد ٿيڻ کان ڊڄن، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ھي (حُڪم دل سان) ٻڌو، ۽ الله بي دين قوم کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
يَوْمَ يَجْمَعُ ٱللَّهُ ٱلرُّسُلَ فَيَقُولُ مَاذَآ أُجِبْتُمْ قَالُوا۟ لَا عِلْمَ لَنَآ إِنَّكَ أَنتَ عَلَّٰمُ ٱلْغُيُوبِ
Yawma yajmaAAu Allahu alrrusula fayaqoolu matha ojibtum qaloo la AAilma lana innaka anta AAallamu alghuyoobi
(ياد ڪر) جنھن ڏينھن الله سڀني پيغمبرن کي گڏ ڪندو (تنھن ڏينھن) چوندو ته اوھان کي ڇا جواب ڏنو ويو، چوندا ته اسان کي (ماڻھن جي دلين جي) خبر نه آھي، ڇوته تون ئي ڳجھن جو وڏو ڄاڻندڙ آھين.
إِذْ قَالَ ٱللَّهُ يَٰعِيسَى ٱبْنَ مَرْيَمَ ٱذْكُرْ نِعْمَتِى عَلَيْكَ وَعَلَىٰ وَٰلِدَتِكَ إِذْ أَيَّدتُّكَ بِرُوحِ ٱلْقُدُسِ تُكَلِّمُ ٱلنَّاسَ فِى ٱلْمَهْدِ وَكَهْلًا وَإِذْ عَلَّمْتُكَ ٱلْكِتَٰبَ وَٱلْحِكْمَةَ وَٱلتَّوْرَىٰةَ وَٱلْإِنجِيلَ وَإِذْ تَخْلُقُ مِنَ ٱلطِّينِ كَهَيْـَٔةِ ٱلطَّيْرِ بِإِذْنِى فَتَنفُخُ فِيهَا فَتَكُونُ طَيْرًۢا بِإِذْنِى وَتُبْرِئُ ٱلْأَكْمَهَ وَٱلْأَبْرَصَ بِإِذْنِى وَإِذْ تُخْرِجُ ٱلْمَوْتَىٰ بِإِذْنِى وَإِذْ كَفَفْتُ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ عَنكَ إِذْ جِئْتَهُم بِٱلْبَيِّنَٰتِ فَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِنْهُمْ إِنْ هَٰذَآ إِلَّا سِحْرٌ مُّبِينٌ
Ith qala Allahu ya AAeesa ibna maryama othkur niAAmatee AAalayka waAAala walidatika ith ayyadtuka biroohi alqudusi tukallimu alnnasa fee almahdi wakahlan waith AAallamtuka alkitaba waalhikmata waalttawrata waalinjeela waith takhluqu mina altteeni kahayati alttayri biithnee fatanfukhu feeha fatakoonu tayran biithnee watubrio alakmaha waalabrasa biithnee waith tukhriju almawta biithnee waith kafaftu banee israeela AAanka ith jitahum bialbayyinati faqala allatheena kafaroo minhum in hatha illa sihrun mubeenun
جڏھن (اُن ڏينھن) الله عيسىٰ پٽ مريم جي کي چوندو ته پاڻ تي ۽ پنھنجي ماءُ تي مُنھنجي نعمت ياد ڪر، جڏھن توکي پاڪ رُوح سان مدد ڏنم، (جو) ماڻھن سان پينگھي ۾ (خاص طرح) ۽ وڏي وھيءَ ۾ ڳالھايُئي ٿي، ۽ جڏھن توکي ڪتاب ۽ دانائي ۽ توريت ۽ انجيل سيکاريم، ۽ جڏھن منھنجي حڪم سان مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل جھڙو بڻايئي پوءِ منجھس ڦوڪيئي ته مُنھنجي حڪم سان پکي ٿيو ۽ مُنھنجي حُڪم سان ڄاول انڌي ۽ ڪوڙھي کي ڇٽايئي ٿي، ۽ جڏھن مئل کي منھنجي حُڪم سان (جيئرو ڪري) ڪڍيئي ٿي، ۽ جڏھن بني اسرائيلن (جي شر) کي توکان جھليم جڏھن وٽم معجزن سان آئين تڏھن منجھانئن ڪافرن چيو ته ھيءُ رڳو پڌرو جادو آھي.
وَإِذْ أَوْحَيْتُ إِلَى ٱلْحَوَارِيِّۦنَ أَنْ ءَامِنُوا۟ بِى وَبِرَسُولِى قَالُوٓا۟ ءَامَنَّا وَٱشْهَدْ بِأَنَّنَا مُسْلِمُونَ
Waith awhaytu ila alhawariyyeena an aminoo bee wabirasoolee qaloo amanna waishhad biannana muslimoona
۽ جڏھن حوارين ڏانھن الھام ڪيم ته مون تي ۽ مُنھنجي پيغمبر تي ايمان آڻيو، چيائون ته ايمان آندوسون ۽ (اي عيسى) شاھد ھج ته اسان مسلمان آھيون.
إِذْ قَالَ ٱلْحَوَارِيُّونَ يَٰعِيسَى ٱبْنَ مَرْيَمَ هَلْ يَسْتَطِيعُ رَبُّكَ أَن يُنَزِّلَ عَلَيْنَا مَآئِدَةً مِّنَ ٱلسَّمَآءِ قَالَ ٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ
Ith qala alhawariyyoona ya AAeesa ibna maryama hal yastateeAAu rabbuka an yunazzila AAalayna maidatan mina alssamai qala ittaqoo Allaha in kuntum mumineena
(ياد ڪر) جڏھن حوارين چيو ته اي عيسىٰ پُٽ مريم جا تنھنجو پالڻھار اسان تي آسمان کان ڪو (طعام جو) خونچو لاھي سگھندو ڇا؟ (عيسى) چيو ته جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله کان ڊڄو.
قَالُوا۟ نُرِيدُ أَن نَّأْكُلَ مِنْهَا وَتَطْمَئِنَّ قُلُوبُنَا وَنَعْلَمَ أَن قَدْ صَدَقْتَنَا وَنَكُونَ عَلَيْهَا مِنَ ٱلشَّٰهِدِينَ
Qaloo nureedu an nakula minha watatmainna quloobuna wanaAAlama an qad sadaqtana wanakoona AAalayha mina alshshahideena
چيائون (اسين ھيءُ) گھرون ٿا ته منجھانئس کائون ۽ اسان جون دليون آرام وٺن ۽ ڄاڻون ته اسان کي سچ چيو اٿيئي ۽ مٿس شاھد ھجون.
قَالَ عِيسَى ٱبْنُ مَرْيَمَ ٱللَّهُمَّ رَبَّنَآ أَنزِلْ عَلَيْنَا مَآئِدَةً مِّنَ ٱلسَّمَآءِ تَكُونُ لَنَا عِيدًا لِّأَوَّلِنَا وَءَاخِرِنَا وَءَايَةً مِّنكَ وَٱرْزُقْنَا وَأَنتَ خَيْرُ ٱلرَّٰزِقِينَ
Qala AAeesa ibnu maryama allahumma rabbana anzil AAalayna maidatan mina alssamai takoonu lana AAeedan liawwalina waakhirina waayatan minka waorzuqna waanta khayru alrraziqeena
(تڏھن) عيسىٰ پٽ مريم جي چيو ته اي اسان جا پالڻھار الله اسان تي ھڪ خونچو آسمان کان لاھ ته اسان جي اڳين ۽ اسان جي پوين (سڀني) لاءِ عيد ٿئي ۽ تنھنجي نشاني ٿئي، ۽ اسان کي روزي ڏي ۽ تون چڱو روزي ڏيندڙ آھين.
قَالَ ٱللَّهُ إِنِّى مُنَزِّلُهَا عَلَيْكُمْ فَمَن يَكْفُرْ بَعْدُ مِنكُمْ فَإِنِّىٓ أُعَذِّبُهُۥ عَذَابًا لَّآ أُعَذِّبُهُۥٓ أَحَدًا مِّنَ ٱلْعَٰلَمِينَ
Qala Allahu innee munazziluha AAalaykum faman yakfur baAAdu minkum fainnee oAAaththibuhu AAathaban la oAAaththibuhu ahadan mina alAAalameena
الله چيو ته آءٌ اوھان تي (خونچو) لاھيندس، پوءِ اوھان مان جيڪو ھن کان پوءِ بي فرماني ڪندو تنھن کي آءٌ اھڙو سخت عذاب ڪندس جو جھانن (جي رھندڙن) مان ڪنھن ھڪ کي عذاب نه ڪندس.
وَإِذْ قَالَ ٱللَّهُ يَٰعِيسَى ٱبْنَ مَرْيَمَ ءَأَنتَ قُلْتَ لِلنَّاسِ ٱتَّخِذُونِى وَأُمِّىَ إِلَٰهَيْنِ مِن دُونِ ٱللَّهِ قَالَ سُبْحَٰنَكَ مَا يَكُونُ لِىٓ أَنْ أَقُولَ مَا لَيْسَ لِى بِحَقٍّ إِن كُنتُ قُلْتُهُۥ فَقَدْ عَلِمْتَهُۥ تَعْلَمُ مَا فِى نَفْسِى وَلَآ أَعْلَمُ مَا فِى نَفْسِكَ إِنَّكَ أَنتَ عَلَّٰمُ ٱلْغُيُوبِ
Waith qala Allahu ya AAeesa ibna maryama aanta qulta lilnnasi ittakhithoonee waommiya ilahayni min dooni Allahi qala subhanaka ma yakoonu lee an aqoola ma laysa lee bihaqqin in kuntu qultuhu faqad AAalimtahu taAAlamu ma fee nafsee wala aAAlamu ma fee nafsika innaka anta AAallamu alghuyoobi
۽ (اُھو وقت ياد ڪر) جڏھن الله چوندو ته اي عيسىٰ پٽ مريم جا تو ماڻھن کي چيو ھو ڇا؟ ته الله کانسواءِ مونکي ۽ منھنجي ماءُ کي به خدا ڪري مڃيو، (عيسى) چوندو ته تون پاڪ آھين جنھن چوڻ جو مون کي ڪو حق نه آھي سو چوڻ مون کي ڪئن جڳائيندو ھو، جيڪڏھن مون اھو چيو ھوندو ته بيشڪ اُھو توکي معلوم ھوندو، جيڪي منھنجي دل ۾ آھي سو (تون) ڄاڻندو آھين ۽ جيڪي تنھنجي دل ۾ آھي سو (آءٌ) نه ڄاڻندو آھيان، بيشڪ تون ئي ڳُجھن جو ڏاڍو ڄاڻندڙ آھين.
مَا قُلْتُ لَهُمْ إِلَّا مَآ أَمَرْتَنِى بِهِۦٓ أَنِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ رَبِّى وَرَبَّكُمْ وَكُنتُ عَلَيْهِمْ شَهِيدًا مَّا دُمْتُ فِيهِمْ فَلَمَّا تَوَفَّيْتَنِى كُنتَ أَنتَ ٱلرَّقِيبَ عَلَيْهِمْ وَأَنتَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ شَهِيدٌ
Ma qultu lahum illa ma amartanee bihi ani oAAbudoo Allaha rabbee warabbakum wakuntu AAalayhim shaheedan ma dumtu feehim falamma tawaffaytanee kunta anta alrraqeeba AAalayhim waanta AAala kulli shayin shaheedun
جنھن لاءِ مون کي حُڪم ڪيو اٿيئي تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي) کين نه چيو اٿم (يعني) ھي ته الله جي عبادت ڪريو جو منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، جيسين منجھن رھيس ته (آءٌ) مٿن نگھبان رھيس، پوءِ جنھن مھل تو مونکي کڻي ورتو ته تون ئي مٿن نگھبان رھيئن، ۽ تون سڀڪنھن شيء تي خبردار آھين.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.