Baca Surah Nahldengan terjemahan
ٱلَّذِينَ صَبَرُوا۟ وَعَلَىٰ رَبِّهِمْ يَتَوَكَّلُونَ
Allatheena sabaroo waAAala rabbihim yatawakkaloona
(اُھي نعمتون انھن کي آھن) جن صبر ڪيو ۽ (جي) پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪن ٿا.
وَمَآ أَرْسَلْنَا مِن قَبْلِكَ إِلَّا رِجَالًا نُّوحِىٓ إِلَيْهِمْ فَسْـَٔلُوٓا۟ أَهْلَ ٱلذِّكْرِ إِن كُنتُمْ لَا تَعْلَمُونَ
Wama arsalna min qablika illa rijalan noohee ilayhim faisaloo ahla alththikri in kuntum la taAAlamoona
۽ (اي پيغمبر) توکان اڳ (ڪو پيغمبر) مَردن کان کانسواءِ نه موڪليو اٿون انھن ڏانھن وحي ٿي ڪيوسون پوءِ (اي ماڻھو) جيڪڏھن اوھين نه ڄاڻندا آھيو ته ڪتاب وارن کان پڇو.
بِٱلْبَيِّنَٰتِ وَٱلزُّبُرِ وَأَنزَلْنَآ إِلَيْكَ ٱلذِّكْرَ لِتُبَيِّنَ لِلنَّاسِ مَا نُزِّلَ إِلَيْهِمْ وَلَعَلَّهُمْ يَتَفَكَّرُونَ
Bialbayyinati waalzzuburi waanzalna ilayka alththikra litubayyina lilnnasi ma nuzzila ilayhim walaAAallahum yatafakkaroona
دليلن ۽ ڪتابن سان (موڪلياسون)، ۽ اسان توڏانھن قرآن ھن لاءِ نازل ڪيو ته جيڪي ماڻھن ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي سو اُنھن کي بيان ڪري ٻڌائين ۽ مانَ اُھي پروڙين.
أَفَأَمِنَ ٱلَّذِينَ مَكَرُوا۟ ٱلسَّيِّـَٔاتِ أَن يَخْسِفَ ٱللَّهُ بِهِمُ ٱلْأَرْضَ أَوْ يَأْتِيَهُمُ ٱلْعَذَابُ مِنْ حَيْثُ لَا يَشْعُرُونَ
Afaamina allatheena makaroo alssayyiati an yakhsifa Allahu bihimu alarda aw yatiyahumu alAAathabu min haythu la yashAAuroona
جن بڇڙي رٿ رٿي سي (ھن کان) بي ڀوا ٿيا آھن ڇا ته الله کين زمين ۾ ڳھائي ڇڏي يا جتان نه ڄاڻندا ھُجن اُتان مٿن عذاب اچي.
أَوْ يَأْخُذَهُمْ فِى تَقَلُّبِهِمْ فَمَا هُم بِمُعْجِزِينَ
Aw yakhuthahum fee taqallubihim fama hum bimuAAjizeena
يا اُنھن کي سندن گھمڻ ڦرڻ ۾ پڪڙي پوءِ اُھي عاجز ڪرڻ وارا نه آھن.
أَوْ يَأْخُذَهُمْ عَلَىٰ تَخَوُّفٍ فَإِنَّ رَبَّكُمْ لَرَءُوفٌ رَّحِيمٌ
Aw yakhuthahum AAala takhawwufin fainna rabbakum laraoofun raheemun
يا ڀوائتيءَ حالت ۾ کين پڪڙي، پوءِ اوھان جو پالڻھار ٻاجھارو مھربان آھي.
أَوَلَمْ يَرَوْا۟ إِلَىٰ مَا خَلَقَ ٱللَّهُ مِن شَىْءٍ يَتَفَيَّؤُا۟ ظِلَٰلُهُۥ عَنِ ٱلْيَمِينِ وَٱلشَّمَآئِلِ سُجَّدًا لِّلَّهِ وَهُمْ دَٰخِرُونَ
Awa lam yaraw ila ma khalaqa Allahu min shayin yatafayyao thilaluhu AAani alyameeni waalshshamaili sujjadan lillahi wahum dakhiroona
الله جيڪي شيون خلقيون تن ڏانھن ڇونه ڏسندا آھن جو سندن پاڇا سڄي ۽ کٻي (پاسي) الله کي سجدو ڪندڙ ٿي لڙندا آھن ۽ اُھي عاجزي ڪندڙ آھن.
وَلِلَّهِ يَسْجُدُ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ مِن دَآبَّةٍ وَٱلْمَلَٰٓئِكَةُ وَهُمْ لَا يَسْتَكْبِرُونَ
Walillahi yasjudu ma fee alssamawati wama fee alardi min dabbatin waalmalaikatu wahum la yastakbiroona
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھن سي ۽ جيڪي جانور زمين ۾ آھن سي ۽ ملائڪ الله کي سجدو ڪندا آھن ۽ اُھي وڏائي نه ڪندا آھن.
يَخَافُونَ رَبَّهُم مِّن فَوْقِهِمْ وَيَفْعَلُونَ مَا يُؤْمَرُونَ
Yakhafoona rabbahum min fawqihim wayafAAaloona ma yumaroona
(ملائڪ) پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن جو سندن مٿان غالب آھي ۽ جيڪي حُڪم ڪبو اٿن سو ڪندا آھن.
وَقَالَ ٱللَّهُ لَا تَتَّخِذُوٓا۟ إِلَٰهَيْنِ ٱثْنَيْنِ إِنَّمَا هُوَ إِلَٰهٌ وَٰحِدٌ فَإِيَّٰىَ فَٱرْهَبُونِ
Waqala Allahu la tattakhithoo ilahayni ithnayni innama huwa ilahun wahidun faiyyaya fairhabooni
۽ الله فرمايو آھي ته اوھين ٻه خدا ڪري نه وٺو، اُن ھڪ الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي، تنھنڪري اوھين خاص مون کان ڊڄندا رھو.
Contact Us
![](/static/live188/images/blank.gif)
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.