Oku Surat NisaSure okuma
وَإِنْ خِفْتُمْ شِقَاقَ بَيْنِهِمَا فَٱبْعَثُوا۟ حَكَمًا مِّنْ أَهْلِهِۦ وَحَكَمًا مِّنْ أَهْلِهَآ إِن يُرِيدَآ إِصْلَٰحًا يُوَفِّقِ ٱللَّهُ بَيْنَهُمَآ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَلِيمًا خَبِيرًا
Wain khiftum shiqaqa baynihima faibAAathoo hakaman min ahlihi wahakaman min ahliha in yureeda islahan yuwaffiqi Allahu baynahuma inna Allaha kana AAaleeman khabeeran
۽ جيڪڏھن سندن وچ ۾ ڦيٽي کان ڊڄو ته ھِن جي گھراڻي مان ھڪ امين ۽ ھُن جي گھراڻي مان (به) ھڪ امين مُقرّر ڪريو، جيڪڏھن ٻئي (امين) صُلح ڪرائڻ گھرندا ته الله سندن وچ ۾ ميلاپ ڪندو، ڇوته الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي.
وَٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ وَلَا تُشْرِكُوا۟ بِهِۦ شَيْـًٔا وَبِٱلْوَٰلِدَيْنِ إِحْسَٰنًا وَبِذِى ٱلْقُرْبَىٰ وَٱلْيَتَٰمَىٰ وَٱلْمَسَٰكِينِ وَٱلْجَارِ ذِى ٱلْقُرْبَىٰ وَٱلْجَارِ ٱلْجُنُبِ وَٱلصَّاحِبِ بِٱلْجَنۢبِ وَٱبْنِ ٱلسَّبِيلِ وَمَا مَلَكَتْ أَيْمَٰنُكُمْ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يُحِبُّ مَن كَانَ مُخْتَالًا فَخُورًا
WaoAAbudoo Allaha wala tushrikoo bihi shayan wabialwalidayni ihsanan wabithee alqurba waalyatama waalmasakeeni waaljari thee alqurba waaljari aljunubi waalssahibi bialjanbi waibni alssabeeli wama malakat aymanukum inna Allaha la yuhibbu man kana mukhtalan fakhooran
۽ (خاص) الله جي عبادت ڪريو ۽ ساڻس ڪنھن شيء کي شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ۽ مٽيءَ وارن سان ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن ۽ مٽيءَ واريءَ پاڙيچي ۽ ڌاريي پاڙيچي ۽ ويجھي سنگتي ۽ مسافر ۽ پنھنجن ٻانھن سان چڱائي ڪريو، ڇوته جيڪو ھٺيلو وڏائي ڪندڙ ھجي تنھن کي الله دوست نه رکندو آھي.
ٱلَّذِينَ يَبْخَلُونَ وَيَأْمُرُونَ ٱلنَّاسَ بِٱلْبُخْلِ وَيَكْتُمُونَ مَآ ءَاتَىٰهُمُ ٱللَّهُ مِن فَضْلِهِۦ وَأَعْتَدْنَا لِلْكَٰفِرِينَ عَذَابًا مُّهِينًا
Allatheena yabkhaloona wayamuroona alnnasa bialbukhli wayaktumoona ma atahumu Allahu min fadlihi waaAAtadna lilkafireena AAathaban muheenan
(۽ نڪي اُنھن کي) جيڪي (پاڻ) ڪنجوسي ڪندا آھن ۽ ماڻھن کي به ڪنجوسي ڪرڻ جو حُڪم ڪندا آھن ۽ الله پنھنجي فضل سان کين جيڪي ڏنو آھي سو لڪائيندا آھن، ۽ اھڙن نه مڃيندڙن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو اٿئون.
وَٱلَّذِينَ يُنفِقُونَ أَمْوَٰلَهُمْ رِئَآءَ ٱلنَّاسِ وَلَا يُؤْمِنُونَ بِٱللَّهِ وَلَا بِٱلْيَوْمِ ٱلْءَاخِرِ وَمَن يَكُنِ ٱلشَّيْطَٰنُ لَهُۥ قَرِينًا فَسَآءَ قَرِينًا
Waallatheena yunfiqoona amwalahum riaa alnnasi wala yuminoona biAllahi wala bialyawmi alakhiri waman yakuni alshshaytanu lahu qareenan fasaa qareenan
۽ (اُنھن لاءِ به) جيڪي پنھنجن مالن کي ماڻھن جي ڏيکاريءَ لاءِ خرچيندا آھن ۽ نڪي الله کي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن، ۽ جنھن جو سنگتي شيطان ٿيو ته اُھو سنگتي بڇڙو آھي.
وَمَاذَا عَلَيْهِمْ لَوْ ءَامَنُوا۟ بِٱللَّهِ وَٱلْيَوْمِ ٱلْءَاخِرِ وَأَنفَقُوا۟ مِمَّا رَزَقَهُمُ ٱللَّهُ وَكَانَ ٱللَّهُ بِهِمْ عَلِيمًا
Wamatha AAalayhim law amanoo biAllahi waalyawmi alakhiri waanfaqoo mimma razaqahumu Allahu wakana Allahu bihim AAaleeman
۽ مٿن ڪھڙي (ڏکيائي) ھئي جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃين ھا ۽ الله جيڪي کين ڏنو آھي ان مان خرچين ھا، ۽ الله انھن (جي حال) کي (چڱو) ڄاڻندڙ آھي.
إِنَّ ٱللَّهَ لَا يَظْلِمُ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ وَإِن تَكُ حَسَنَةً يُضَٰعِفْهَا وَيُؤْتِ مِن لَّدُنْهُ أَجْرًا عَظِيمًا
Inna Allaha la yathlimu mithqala tharratin wain taku hasanatan yudaAAifha wayuti min ladunhu ajran AAatheeman
الله ذري جيترو به ظلم نه ڪندو آھي، ۽ جيڪڏھن (ڪا) چڱائي ھوندي ته ان کي ٻيڻو ڪندو آھي ۽ پاڻ وٽان وڏو اجر ڏيندو آھي.
فَكَيْفَ إِذَا جِئْنَا مِن كُلِّ أُمَّةٍۭ بِشَهِيدٍ وَجِئْنَا بِكَ عَلَىٰ هَٰٓؤُلَآءِ شَهِيدًا
Fakayfa itha jina min kulli ommatin bishaheedin wajina bika AAala haolai shaheedan
پوءِ (تڏھن) ڪئن (ڪندا) جڏھن سڀڪنھن ٽوليءَ مان (ھڪ) شاھد آڻينداسون ۽ (اي پيغمبر) توکي (به) ھن ٽوليءَ تي شاھد ڪري آڻينداسون.
يَوْمَئِذٍ يَوَدُّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَعَصَوُا۟ ٱلرَّسُولَ لَوْ تُسَوَّىٰ بِهِمُ ٱلْأَرْضُ وَلَا يَكْتُمُونَ ٱللَّهَ حَدِيثًا
Yawmaithin yawaddu allatheena kafaroo waAAasawoo alrrasoola law tusawwa bihimu alardu wala yaktumoona Allaha hadeethan
اُنھيءَ ڏينھن ڪافر ۽ جن پيغمبر جو چيو نه مڃيو سي گھرندا ته جيڪر مٿن زمين سنئين ڪئي وڃي، ۽ الله کان ڪائي ڳالھ لڪائي نه سگھندا.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تَقْرَبُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَأَنتُمْ سُكَٰرَىٰ حَتَّىٰ تَعْلَمُوا۟ مَا تَقُولُونَ وَلَا جُنُبًا إِلَّا عَابِرِى سَبِيلٍ حَتَّىٰ تَغْتَسِلُوا۟ وَإِن كُنتُم مَّرْضَىٰٓ أَوْ عَلَىٰ سَفَرٍ أَوْ جَآءَ أَحَدٌ مِّنكُم مِّنَ ٱلْغَآئِطِ أَوْ لَٰمَسْتُمُ ٱلنِّسَآءَ فَلَمْ تَجِدُوا۟ مَآءً فَتَيَمَّمُوا۟ صَعِيدًا طَيِّبًا فَٱمْسَحُوا۟ بِوُجُوهِكُمْ وَأَيْدِيكُمْ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَفُوًّا غَفُورًا
Ya ayyuha allatheena amanoo la taqraboo alssalata waantum sukara hatta taAAlamoo ma taqooloona wala junuban illa AAabiree sabeelin hatta taghtasiloo wain kuntum marda aw AAala safarin aw jaa ahadun minkum mina alghaiti aw lamastumu alnnisaa falam tajidoo maan fatayammamoo saAAeedan tayyiban faimsahoo biwujoohikum waaydeekum inna Allaha kana AAafuwwan ghafooran
اي ايمان وارؤ! اوھان نشي ۾ ٿي ايستائين نماز کي ويجھا نه وڃو جيستائين جيڪي ڳالھايو ٿا سو سمجھو ۽ نڪي مسافرن کانسواءِ (مقيم) تڙ وارو (نماز پڙھي) جيسين تڙ ڪريو، ۽ جيڪڏھن اوھين بيمار ھجو يا مسافري تي ھجو يا اوھان مان ڪوئي جاءِ ضرور کان اچي يا زالن کي ويجھا ويا ھجو ۽ پاڻي نه لھو ته پاڪ مٽيءَ سان تيمّم ڪريو پوءِ پنھنجن مُنھن ۽ پنھنجن ھٿن کي مک ڪريو، ڇوته الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي.
أَلَمْ تَرَ إِلَى ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ نَصِيبًا مِّنَ ٱلْكِتَٰبِ يَشْتَرُونَ ٱلضَّلَٰلَةَ وَيُرِيدُونَ أَن تَضِلُّوا۟ ٱلسَّبِيلَ
Alam tara ila allatheena ootoo naseeban mina alkitabi yashtaroona alddalalata wayureedoona an tadilloo alssabeela
(اي پيغمبر) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا؟ جن کي ڪتاب مان حصّو ڏنو ويو آھي اُھي گمراھي ڳنھندا آھن ۽ اوھان جو واٽ کان ڀلڻ (به) گھُرندا آھن.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.