Baca Surah Saffdengan terjemahan
تُؤْمِنُونَ بِٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦ وَتُجَٰهِدُونَ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ بِأَمْوَٰلِكُمْ وَأَنفُسِكُمْ ذَٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ
Tuminoona biAllahi warasoolihi watujahidoona fee sabeeli Allahi biamwalikum waanfusikum thalikum khayrun lakum in kuntum taAAlamoona
(ته) الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جندن سان الله جي واٽ ۾ لڙائي ڪريو، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو ته اُھو اوھان لاءِ ڀلو آھي.
يَغْفِرْ لَكُمْ ذُنُوبَكُمْ وَيُدْخِلْكُمْ جَنَّٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ وَمَسَٰكِنَ طَيِّبَةً فِى جَنَّٰتِ عَدْنٍ ذَٰلِكَ ٱلْفَوْزُ ٱلْعَظِيمُ
Yaghfir lakum thunoobakum wayudkhilkum jannatin tajree min tahtiha alanharu wamasakina tayyibatan fee jannati AAadnin thalika alfawzu alAAatheemu
اوھان جا گناھ اوھان کي بخشيندو ۽ اوھان کي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن ۽ سُٺين جاين ھميشه (رھڻ) وارن بھشتن ۾، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
وَأُخْرَىٰ تُحِبُّونَهَا نَصْرٌ مِّنَ ٱللَّهِ وَفَتْحٌ قَرِيبٌ وَبَشِّرِ ٱلْمُؤْمِنِينَ
Waokhra tuhibboonaha nasrun mina Allahi wafathun qarreebun wabashshiri almumineena
۽ ٻي (نعمت به ڏيندو) جنھن کي دوست رکندا آھيو، الله جي طرف کان مدد ۽ فتح ويجھي، ۽ مؤمنن کي خوشخبري ڏي.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ كُونُوٓا۟ أَنصَارَ ٱللَّهِ كَمَا قَالَ عِيسَى ٱبْنُ مَرْيَمَ لِلْحَوَارِيِّۦنَ مَنْ أَنصَارِىٓ إِلَى ٱللَّهِ قَالَ ٱلْحَوَارِيُّونَ نَحْنُ أَنصَارُ ٱللَّهِ فَـَٔامَنَت طَّآئِفَةٌ مِّنۢ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ وَكَفَرَت طَّآئِفَةٌ فَأَيَّدْنَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ عَلَىٰ عَدُوِّهِمْ فَأَصْبَحُوا۟ ظَٰهِرِينَ
Ya ayyuha allatheena amanoo koonoo ansara Allahi kama qala AAeesa ibnu maryama lilhawariyyeena man ansaree ila Allahi qala alhawariyyoona nahnu ansaru Allahi faamanat taifatun min banee israeela wakafarat taifatun faayyadna allatheena amanoo AAala AAaduwwihim faasbahoo thahireena
اي ايمان وارؤ الله جي دين جا مددگار ھجو جھري طرح عيسىٰ پٽ مريم جي پنھنجي خاص يارن کي چيو ته الله جي دين ۾ منھنجا مددگار ڪير آھن؟ انھن خاص يارن چيو ته اسين الله (جي دين) جا مددگار آھيون پوءِ بني اسرائيلن مان ھڪ ٽولي ايمان آندو ۽ ٻئي ٽوليءَ انڪار ڪيو، پوءِ ايمان وارن کي سندن دشمنن تي غلبو ڏنوسون پوءِ غالب ٿيا.
يُسَبِّحُ لِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ ٱلْمَلِكِ ٱلْقُدُّوسِ ٱلْعَزِيزِ ٱلْحَكِيمِ
Yusabbihu lillahi ma fee alssamawati wama fee alardi almaliki alquddoosi alAAazeezi alhakeemi
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي (جو) بادشاھ تمام پاڪ (ذات) غالب حڪمت وارو آھي.
هُوَ ٱلَّذِى بَعَثَ فِى ٱلْأُمِّيِّۦنَ رَسُولًا مِّنْهُمْ يَتْلُوا۟ عَلَيْهِمْ ءَايَٰتِهِۦ وَيُزَكِّيهِمْ وَيُعَلِّمُهُمُ ٱلْكِتَٰبَ وَٱلْحِكْمَةَ وَإِن كَانُوا۟ مِن قَبْلُ لَفِى ضَلَٰلٍ مُّبِينٍ
Huwa allathee baAAatha fee alommiyyeena rasoolan minhum yatloo AAalayhim ayatihi wayuzakkeehim wayuAAallimuhumu alkitaba waalhikmata wain kanoo min qablu lafee dalalin mubeenin
(الله) اُھو آھي جنھن اڻ پڙھيلن ۾ انھن (جي قوم) مان ھڪ پيغمبر پيدا ڪيو جو وٽن سندس آيتون پڙھندو آھي ۽ کين پاڪ ڪندو آھي ۽ کين ڪتاب ۽ دانائي سيکاريندو آھي، ۽ بيشڪ اِھي (ھن کان) اڳ پڌري گمراھي ۾ ھوا.
وَءَاخَرِينَ مِنْهُمْ لَمَّا يَلْحَقُوا۟ بِهِمْ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
Waakhareena minhum lamma yalhaqoo bihim wahuwa alAAazeezu alhakeemu
۽ انھن مان ٻـين لاءِ به جي اڃا انھن (مسلمانن) سان نه مليا آھن، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.
ذَٰلِكَ فَضْلُ ٱللَّهِ يُؤْتِيهِ مَن يَشَآءُ وَٱللَّهُ ذُو ٱلْفَضْلِ ٱلْعَظِيمِ
Thalika fadlu Allahi yuteehi man yashao waAllahu thoo alfadli alAAatheemi
اِھو الله جو فضل آھي انھن کي ڏيندو آھي جنھن کي وڻندو اٿس، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.
مَثَلُ ٱلَّذِينَ حُمِّلُوا۟ ٱلتَّوْرَىٰةَ ثُمَّ لَمْ يَحْمِلُوهَا كَمَثَلِ ٱلْحِمَارِ يَحْمِلُ أَسْفَارًۢا بِئْسَ مَثَلُ ٱلْقَوْمِ ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِ ٱللَّهِ وَٱللَّهُ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلظَّٰلِمِينَ
Mathalu allatheena hummiloo alttawrata thumma lam yahmilooha kamathali alhimari yahmilu asfaran bisa mathalu alqawmi allatheena kaththaboo biayati Allahi waAllahu la yahdee alqawma alththalimeena
جن (ماڻھن) کي توريت کڻايو ويو پوءِ اُھو نه کنيائون تن جو مثال (انھيءَ) گڏھ جي مثال وانگر آھي جو (گھڻا) ڪتاب کڻي، جن الله جي آيتن کي ڪوڙ ٿي ڀانيو تنھن قوم جو مثال بڇڙو آھي، ۽ الله ظالم ماڻھن کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
قُلْ يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ هَادُوٓا۟ إِن زَعَمْتُمْ أَنَّكُمْ أَوْلِيَآءُ لِلَّهِ مِن دُونِ ٱلنَّاسِ فَتَمَنَّوُا۟ ٱلْمَوْتَ إِن كُنتُمْ صَٰدِقِينَ
Qul ya ayyuha allatheena hadoo in zaAAamtum annakum awliyao lillahi min dooni alnnasi fatamannawoo almawta in kuntum sadiqeena
(اي پيغمبر) چؤ ته اي يھوديو جيڪڏھن ڀائيندا آھيو ته ٻـين (سڀني) ماڻھن کانسواءِ رڳو اوھين الله جا دوست آھيو ته جيڪڏھن (انھي ڳالھ ۾) سچا آھيو ته موت گھرو.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.