Baca Surah Sajdahdengan terjemahan
تَنزِيلُ ٱلْكِتَٰبِ لَا رَيْبَ فِيهِ مِن رَّبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ
Tanzeelu alkitabi la rayba feehi min rabbi alAAalameena
(ھن) ڪتاب جو لاھڻ جنھن ۾ ڪو شڪ ڪونھي جھانن جي پالڻھار وٽان آھي.
أَمْ يَقُولُونَ ٱفْتَرَىٰهُ بَلْ هُوَ ٱلْحَقُّ مِن رَّبِّكَ لِتُنذِرَ قَوْمًا مَّآ أَتَىٰهُم مِّن نَّذِيرٍ مِّن قَبْلِكَ لَعَلَّهُمْ يَهْتَدُونَ
Am yaqooloona iftarahu bal huwa alhaqqu min rabbika litunthira qawman ma atahum min natheerin min qablika laAAallahum yahtadoona
چوندا آھن ڇا ته اُن (قرآن) کي پاڻون ٺاھيو اٿس، (نه!) بلڪ اُھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچو (آيل) آھي (ھِن لاءِ) ته اُنھيءَ قوم کي ڊيڄارين جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو آھي ته مانَ اُھي ھدايت لھن.
ٱللَّهُ ٱلَّذِى خَلَقَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا فِى سِتَّةِ أَيَّامٍ ثُمَّ ٱسْتَوَىٰ عَلَى ٱلْعَرْشِ مَا لَكُم مِّن دُونِهِۦ مِن وَلِىٍّ وَلَا شَفِيعٍ أَفَلَا تَتَذَكَّرُونَ
Allahu allathee khalaqa alssamawati waalarda wama baynahuma fee sittati ayyamin thumma istawa AAala alAAarshi ma lakum min doonihi min waliyyin wala shafeeAAin afala tatathakkaroona
الله اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي سوڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش ڏانھن متوجه ٿيو، اُن کانسواءِ اوھان لاءِ نڪي ڪو سڄڻ ۽ نڪي ڪو پارت ڪندڙ آھي، پوءِ نصيحت نه ٿا وٺو ڇا؟
يُدَبِّرُ ٱلْأَمْرَ مِنَ ٱلسَّمَآءِ إِلَى ٱلْأَرْضِ ثُمَّ يَعْرُجُ إِلَيْهِ فِى يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهُۥٓ أَلْفَ سَنَةٍ مِّمَّا تَعُدُّونَ
Yudabbiru alamra mina alssamai ila alardi thumma yaAAruju ilayhi fee yawmin kana miqdaruhu alfa sanatin mimma taAAuddoona
آسمان کان زمين ڏانھن ڪم جو بندوبست ڪندو آھي، وري (اُھو بندوبست) اُن ڏينھن ۾ ڏانھس مٿاھون ويندو آھي جنھن ڏينھن جو اندازو ھزار ورھ جيترو انھيءَ ليکي مان آھي جو ڳڻيندا آھيو.
ذَٰلِكَ عَٰلِمُ ٱلْغَيْبِ وَٱلشَّهَٰدَةِ ٱلْعَزِيزُ ٱلرَّحِيمُ
Thalika AAalimu alghaybi waalshshahadati alAAazeezu alrraheemu
اِھو آھي جو ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ غالب مھربان آھي.
ٱلَّذِىٓ أَحْسَنَ كُلَّ شَىْءٍ خَلَقَهُۥ وَبَدَأَ خَلْقَ ٱلْإِنسَٰنِ مِن طِينٍ
Allathee ahsana kulla shayin khalaqahu wabadaa khalqa alinsani min teenin
جنھي جيڪا شيء پيدا ڪئي سا سڀڪا چڱيءَ طرح بڻائي ۽ ماڻھوءَ جي پيدائش کي مٽيءَ مان نئون شروع ڪيائين.
ثُمَّ جَعَلَ نَسْلَهُۥ مِن سُلَٰلَةٍ مِّن مَّآءٍ مَّهِينٍ
Thumma jaAAala naslahu min sulalatin min main maheenin
وري سندس اولاد بي قدر پاڻيءَ جي نچوڙي مان بڻايائين.
ثُمَّ سَوَّىٰهُ وَنَفَخَ فِيهِ مِن رُّوحِهِۦ وَجَعَلَ لَكُمُ ٱلسَّمْعَ وَٱلْأَبْصَٰرَ وَٱلْأَفْـِٔدَةَ قَلِيلًا مَّا تَشْكُرُونَ
Thumma sawwahu wanafakha feehi min roohihi wajaAAala lakumu alssamAAa waalabsara waalafidata qaleelan ma tashkuroona
وري کيس سئين لڱين ڪيائين ۽ منجھس پنھنجو روح ڦوڪيائين ۽ اوھان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين، اوھين ٿورو شڪر ڪندا آھيو.
وَقَالُوٓا۟ أَءِذَا ضَلَلْنَا فِى ٱلْأَرْضِ أَءِنَّا لَفِى خَلْقٍ جَدِيدٍۭ بَلْ هُم بِلِقَآءِ رَبِّهِمْ كَٰفِرُونَ
Waqaloo aitha dalalna fee alardi ainna lafee khalqin jadeedin bal hum biliqai rabbihim kafiroona
۽ چون ٿا ته جڏھن زمين ۾ رلي ملي وياسون (تڏھن به) اسين وري نئين سر بڻباسين ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ملڻ کان منڪر آھن.
Contact Us

Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.