Baca Surah Fussilatdengan terjemahan
إِنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِٱلذِّكْرِ لَمَّا جَآءَهُمْ وَإِنَّهُۥ لَكِتَٰبٌ عَزِيزٌ
Inna allatheena kafaroo bialththikri lamma jaahum wainnahu lakitabun AAazeezun
بيشڪ جن قرآن جو (اُنھي وقت) انڪار ڪيو جڏھن وٽن آيو (سي اسان کان ڳُجھا نه آھن)، ۽ بيشڪ اُھو ڪتاب عزّت وارو آھي.
لَّا يَأْتِيهِ ٱلْبَٰطِلُ مِنۢ بَيْنِ يَدَيْهِ وَلَا مِنْ خَلْفِهِۦ تَنزِيلٌ مِّنْ حَكِيمٍ حَمِيدٍ
La yateehi albatilu min bayni yadayhi wala min khalfihi tanzeelun min hakeemin hameedin
جو نڪي اُن جي اڳيان ۽ نڪي اُن جي پويان ڪُوڙ داخل ٿيندو آھي، حڪمت واري ساراھيل (الله جي پار) کان لاٿل آھي.
مَّا يُقَالُ لَكَ إِلَّا مَا قَدْ قِيلَ لِلرُّسُلِ مِن قَبْلِكَ إِنَّ رَبَّكَ لَذُو مَغْفِرَةٍ وَذُو عِقَابٍ أَلِيمٍ
Ma yuqalu laka illa ma qad qeela lilrrusuli min qablika inna rabbaka lathoo maghfiratin wathoo AAiqabin aleemin
(اي پيغمبر) توکي اُنھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه چئبو آھي جيڪي توکان اڳ (ٻـين) پيغمبرن کي چيو ويو ھو، بيشڪ تنھنجو پالڻھار بخشش وارو (به) آھي ۽ ڏکوئيندڙ سزا ڏيڻ وارو (به) آھي.
وَلَوْ جَعَلْنَٰهُ قُرْءَانًا أَعْجَمِيًّا لَّقَالُوا۟ لَوْلَا فُصِّلَتْ ءَايَٰتُهُۥٓ ءَا۬عْجَمِىٌّ وَعَرَبِىٌّ قُلْ هُوَ لِلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ هُدًى وَشِفَآءٌ وَٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ فِىٓ ءَاذَانِهِمْ وَقْرٌ وَهُوَ عَلَيْهِمْ عَمًى أُو۟لَٰٓئِكَ يُنَادَوْنَ مِن مَّكَانٍۭ بَعِيدٍ
Walaw jaAAalnahu quranan aAAjamiyyan laqaloo lawla fussilat ayatuhu aaAAjamiyyun waAAarabiyyun qul huwa lillatheena amanoo hudan washifaon waallatheena la yuminoona fee athanihim waqrun wahuwa AAalayhim AAaman olaika yunadawna min makanin baAAeedin
۽ جيڪڏھن اِن (ڪتاب) کي عجمي (يعني عربيءَ کان ڌارين ٻوليءَ ۾) قرآن ڪريون ھا ته ضرور (ڪافر) چون ھا ته سنديس آيتون ڇونه کولي بيان ڪيون ويون، ڀلا (قرآن) عجمي (ٻوليءَ ۾) ۽ (ٻڌڻ وارا) عربيءَ (ٻوليءَ) وارا آھن (سو ڇو)؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ شفا آھي، ۽ جيڪي نه مڃيندا آھن تن جي ڪَنّن ۾ گھٻرائي آھي ۽ اُھو (قرآن) مٿن انڌائي آھي، اِھي (اُنھن وانگر آھن جو) ڄڻڪ ڏورانھين ھنڌ کان سڏيا ويندا آھن.
وَلَقَدْ ءَاتَيْنَا مُوسَى ٱلْكِتَٰبَ فَٱخْتُلِفَ فِيهِ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِن رَّبِّكَ لَقُضِىَ بَيْنَهُمْ وَإِنَّهُمْ لَفِى شَكٍّ مِّنْهُ مُرِيبٍ
Walaqad atayna moosa alkitaba faikhtulifa feehi walawla kalimatun sabaqat min rabbika laqudiya baynahum wainnahum lafee shakkin minhu mureebin
۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ منجھس اختلاف ڪيو ويو، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار کان حُڪم آڳاٽو نه ٿئي ھا ته سندن وچ ۾ ضرور نبيرو ڪيو وڃي ھا، ۽ بيشڪ اُھي کانئس وڏي شڪ ۾ (پيل) آھن.
مَّنْ عَمِلَ صَٰلِحًا فَلِنَفْسِهِۦ وَمَنْ أَسَآءَ فَعَلَيْهَا وَمَا رَبُّكَ بِظَلَّٰمٍ لِّلْعَبِيدِ
Man AAamila salihan falinafsihi waman asaa faAAalayha wama rabbuka bithallamin lilAAabeedi
جيڪو چڱا ڪم ڪندو سو پاڻ لاءِ (ڪندو) تنھن تي (ئي اُن جو نقصان) آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار ٻانھن تي ظلم ڪرڻ وارو آھي.
إِلَيْهِ يُرَدُّ عِلْمُ ٱلسَّاعَةِ وَمَا تَخْرُجُ مِن ثَمَرَٰتٍ مِّنْ أَكْمَامِهَا وَمَا تَحْمِلُ مِنْ أُنثَىٰ وَلَا تَضَعُ إِلَّا بِعِلْمِهِۦ وَيَوْمَ يُنَادِيهِمْ أَيْنَ شُرَكَآءِى قَالُوٓا۟ ءَاذَنَّٰكَ مَا مِنَّا مِن شَهِيدٍ
Ilayhi yuraddu AAilmu alssaAAati wama takhruju min thamaratin min akmamiha wama tahmilu min ontha wala tadaAAu illa biAAilmihi wayawma yunadeehim ayna shurakaee qaloo athannaka ma minna min shaheedin
قيامت (اچڻ) جي خبر الله (ئي) جي حوالي آھي، ۽ سندس ڄاڻپ ڌاران ڪي ميوا پنھنجن ڳڀين مان نه نڪرندا آھن ۽ (سندس ڄاڻپ ڌاران) ڪابه مادي نڪي ڍُڪي ٿيندي آھي ۽ نڪي ڄڻيندي آھي، ۽ اُن ڏينھن (الله) کين سڏيندو ته منھنجا شريڪ (جي اوھين مُقرّر ڪندا ھئو سي) ڪٿي آھن چوندا ته توکي خبر ڏني سون ته اسان سان ڪوبه (اُنھن جو) شاھد ڪونھي.
وَضَلَّ عَنْهُم مَّا كَانُوا۟ يَدْعُونَ مِن قَبْلُ وَظَنُّوا۟ مَا لَهُم مِّن مَّحِيصٍ
Wadalla AAanhum ma kanoo yadAAoona min qablu wathannoo ma lahum min maheesin
۽ جن کي (ھن کان) اڳ (دنيا ۾) پوڄيندا ھوا سي کائن ڀُلجي ويندا ۽ ڀانئيندا ته کين ڪو ڇوٽڪارو ڪونھي.
لَّا يَسْـَٔمُ ٱلْإِنسَٰنُ مِن دُعَآءِ ٱلْخَيْرِ وَإِن مَّسَّهُ ٱلشَّرُّ فَيَـُٔوسٌ قَنُوطٌ
La yasamu alinsanu min duAAai alkhayri wain massahu alshsharru fayaoosun qanootun
ماڻھو چڱائيءَ جي سڏڻ (دُعا گھرڻ) کان نه ٿڪبو آھي، ۽ جيڪڏھن کيس (ڪا) مدائي پھچندي آھي ته پوءِ آسرو ڇِني نا اُميد ٿيندو آھي.
وَلَئِنْ أَذَقْنَٰهُ رَحْمَةً مِّنَّا مِنۢ بَعْدِ ضَرَّآءَ مَسَّتْهُ لَيَقُولَنَّ هَٰذَا لِى وَمَآ أَظُنُّ ٱلسَّاعَةَ قَآئِمَةً وَلَئِن رُّجِعْتُ إِلَىٰ رَبِّىٓ إِنَّ لِى عِندَهُۥ لَلْحُسْنَىٰ فَلَنُنَبِّئَنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِمَا عَمِلُوا۟ وَلَنُذِيقَنَّهُم مِّنْ عَذَابٍ غَلِيظٍ
Walain athaqnahu rahmatan minna min baAAdi darraa massathu layaqoolanna hatha lee wama athunnu alssaAAata qaimatan walain rujiAAtu ila rabbee inna lee AAindahu lalhusna falanunabbianna allatheena kafaroo bima AAamiloo walanutheeqannahum min AAathabin ghaleethin
۽ جيڪڏھن کيس اوکائي پھچڻ کان پوءِ پاڻ وٽان ڪا ٻاجھ چکائيندا آھيون ته ضرور چوندو آھي ته ھيءَ مون (ئي) لاءِ آھي ۽ نه ٿو ڀانيان ته قيامت قائم ٿيڻي آھي ۽ جيڪڏھن (آءٌ) پنھنجي پالڻھار ڏانھن (کڻي) موٽائبس ته بيشڪ مون لاءِ وٽس (به) ضرور چڱي حالت ھوندي، پوءِ ڪافرن جيڪي ڪيو آھي تنھن بابت کين ضرور خبردار ڪنداسون، ۽ کين سخت عذاب ضرور چکائينداسون.
Contact Us

Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.