Baca Surah Yusufdengan terjemahan
وَلَمَّا دَخَلُوا۟ عَلَىٰ يُوسُفَ ءَاوَىٰٓ إِلَيْهِ أَخَاهُ قَالَ إِنِّىٓ أَنَا۠ أَخُوكَ فَلَا تَبْتَئِسْ بِمَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
Walamma dakhaloo AAala yoosufa awa ilayhi akhahu qala innee ana akhooka fala tabtais bima kanoo yaAAmaloona
۽ جنھن مھل يُوسف وٽ ويا تنھن مھل اُن پنھنجي (سڳي) ڀاءُ کي پاڻ وٽ جاءِ ڏني چيائين ته سچ پچ آءٌ تنھنجو ڀاءُ آھيان تنھنڪري جيڪي ڪيو اٿن تنھن تي ڏک نه ڪر.
فَلَمَّا جَهَّزَهُم بِجَهَازِهِمْ جَعَلَ ٱلسِّقَايَةَ فِى رَحْلِ أَخِيهِ ثُمَّ أَذَّنَ مُؤَذِّنٌ أَيَّتُهَا ٱلْعِيرُ إِنَّكُمْ لَسَٰرِقُونَ
Falamma jahhazahum bijahazihim jaAAala alssiqayata fee rahli akheehi thumma aththana muaththinun ayyatuha alAAeeru innakum lasariqoona
پوءِ جنھن مھل اُنھن لاءِ سندن سامان سنبرايائين (تنھن مھل) پنھنجي (سڳي) ڀاءُ جي مڏيءَ ۾ پيالو لڪايائين وري آواز ڪندڙ آواز ڪيو ته اي قافلي وارؤ اوھين ضرور چور اھيو.
قَالُوا۟ وَأَقْبَلُوا۟ عَلَيْهِم مَّاذَا تَفْقِدُونَ
Qaloo waaqbaloo AAalayhim matha tafqidoona
(قافلي وارن ٻڌي) انھن ڏانھن مُنھن ڪري چيو ته ڇا وڃايو اٿو؟
قَالُوا۟ نَفْقِدُ صُوَاعَ ٱلْمَلِكِ وَلِمَن جَآءَ بِهِۦ حِمْلُ بَعِيرٍ وَأَنَا۠ بِهِۦ زَعِيمٌ
Qaloo nafqidu suwaAAa almaliki waliman jaa bihi himlu baAAeerin waana bihi zaAAeemun
چيائون ته بادشاھ جو پيالو وڃايو اٿون ۽ جنھن اُھو (لھي) آندو تنھن لاءِ اُٺ جو بار (انعام) آھي ۽ آءٌ (ان انجام) جو ذمي وار آھيان.
قَالُوا۟ تَٱللَّهِ لَقَدْ عَلِمْتُم مَّا جِئْنَا لِنُفْسِدَ فِى ٱلْأَرْضِ وَمَا كُنَّا سَٰرِقِينَ
Qaloo taAllahi laqad AAalimtum ma jina linufsida fee alardi wama kunna sariqeena
چيائون ته الله جو قسم آھي ته اوھان کي خبر ھوندي ته اسين ھن لاءِ نه آيا آھيون ته مُلڪ ۾ ڏڦيڙ وجھون ۽ نڪي اسين چور آھيون.
قَالُوا۟ فَمَا جَزَٰٓؤُهُۥٓ إِن كُنتُمْ كَٰذِبِينَ
Qaloo fama jazaohu in kuntum kathibeena
(وري نوڪرن) چيو ته جيڪڏھن ڪوڙا ھُجو ته اُن (چور) جي سزا ڪھڙي آھي؟
قَالُوا۟ جَزَٰٓؤُهُۥ مَن وُجِدَ فِى رَحْلِهِۦ فَهُوَ جَزَٰٓؤُهُۥ كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلظَّٰلِمِينَ
Qaloo jazaohu man wujida fee rahlihi fahuwa jazaohu kathalika najzee alththalimeena
چيائون ته اُن جي سزا (ھيء) آھي ته جنھنجي مڏيءَ مان اُھو لڌو سو (پاڻ) ان جو بدلو آھي، اھڙي طرح اسين ظالمن کي سزا ڏيندا آھيون.
فَبَدَأَ بِأَوْعِيَتِهِمْ قَبْلَ وِعَآءِ أَخِيهِ ثُمَّ ٱسْتَخْرَجَهَا مِن وِعَآءِ أَخِيهِ كَذَٰلِكَ كِدْنَا لِيُوسُفَ مَا كَانَ لِيَأْخُذَ أَخَاهُ فِى دِينِ ٱلْمَلِكِ إِلَّآ أَن يَشَآءَ ٱللَّهُ نَرْفَعُ دَرَجَٰتٍ مَّن نَّشَآءُ وَفَوْقَ كُلِّ ذِى عِلْمٍ عَلِيمٌ
Fabadaa biawAAiyatihim qabla wiAAai akheehi thumma istakhrajaha min wiAAai akheehi kathalika kidna liyoosufa ma kana liyakhutha akhahu fee deeni almaliki illa an yashaa Allahu narfaAAu darajatin man nashao wafawqa kulli thee AAilmin AAaleemun
پوءِ (يُوسف) پنھنجي ڀاءُ جي ٻوري (ڳولڻ) کان اڳ انھن (ٻـين) جون ٻوريون ڳولڻ شروع ڪيون وري اُھو (پيالو) پنھنجي ڀاءُ جي ٻوري مان ڪڍيائين، اھڙي طرح يُوسف کي تجويز سيکاري سون، جو بادشاہ جي قانون موجب پنھنجي ڀاءُ کي الله جي گھُر کانسواءِ وٺي نٿي سگھيو، جنھن کي گھرندا آھيون تنھن کي درجن ۾ مٿاھون ڪندا آھيون، ۽ ھر ڪنھن سياڻي جي مٿان سياڻو آھي.
قَالُوٓا۟ إِن يَسْرِقْ فَقَدْ سَرَقَ أَخٌ لَّهُۥ مِن قَبْلُ فَأَسَرَّهَا يُوسُفُ فِى نَفْسِهِۦ وَلَمْ يُبْدِهَا لَهُمْ قَالَ أَنتُمْ شَرٌّ مَّكَانًا وَٱللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا تَصِفُونَ
Qaloo in yasriq faqad saraqa akhun lahu min qablu faasarraha yoosufu fee nafsihi walam yubdiha lahum qala antum sharrun makanan waAllahu aAAlamu bima tasifoona
چيائون ته جيڪڏھن (ھن) چوري ڪئي آڳي ته اڳ سندس ڀاءُ (به) بيشڪ چوري ڪئي ھئي، پوءِ ان (ڳالھ) کي يوسف پنھنجي دل ۾ لڪايو ۽ کين اُھا پڌري نه ڪيائين، (دل ۾) چيائين ته اوھين بڇڙي مان وارا آھيو، ۽ جيڪي بيان ڪريو ٿا سو الله چڱو ڄاڻندڙ آھي.
قَالُوا۟ يَٰٓأَيُّهَا ٱلْعَزِيزُ إِنَّ لَهُۥٓ أَبًا شَيْخًا كَبِيرًا فَخُذْ أَحَدَنَا مَكَانَهُۥٓ إِنَّا نَرَىٰكَ مِنَ ٱلْمُحْسِنِينَ
Qaloo ya ayyuha alAAazeezu inna lahu aban shaykhan kabeeran fakhuth ahadana makanahu inna naraka mina almuhsineena
چيائون ته اي عزيز ھن جو پيءُ پوڙھو وڏيءَ ڄمار وارو آھي اِن ڪري اسان مان ھڪڙو سندس بدران وٺ، اسين توکي نيڪن مان ڏسون ٿا.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.