Baca Surah Yusufdengan terjemahan
قَالَ لَا تَثْرِيبَ عَلَيْكُمُ ٱلْيَوْمَ يَغْفِرُ ٱللَّهُ لَكُمْ وَهُوَ أَرْحَمُ ٱلرَّٰحِمِينَ
Qala la tathreeba AAalaykumu alyawma yaghfiru Allahu lakum wahuwa arhamu alrrahimeena
(يوسف) چيو ته اڄ اوھان تي ڪا ميار نه آھي، الله اوھان کي بخشيندو، ۽ اُھو (سڀني) ٻاجھارن کان بلڪل ٻاجھارو آھي.
ٱذْهَبُوا۟ بِقَمِيصِى هَٰذَا فَأَلْقُوهُ عَلَىٰ وَجْهِ أَبِى يَأْتِ بَصِيرًا وَأْتُونِى بِأَهْلِكُمْ أَجْمَعِينَ
Ithhaboo biqameesee hatha faalqoohu AAala wajhi abee yati baseeran watoonee biahlikum ajmaAAeena
ھي منھنجو پھراڻ نيو پوءِ اُھو منھنجي پيءُ جي مُنھن تي گھمايو ته ڏسندڙ ٿيندو، ۽ مڙئي پنھنجي گھر جا آدمي مون وٽ آڻيو.
وَلَمَّا فَصَلَتِ ٱلْعِيرُ قَالَ أَبُوهُمْ إِنِّى لَأَجِدُ رِيحَ يُوسُفَ لَوْلَآ أَن تُفَنِّدُونِ
Walamma fasalati alAAeeru qala aboohum innee laajidu reeha yoosufa lawla an tufannidooni
۽ جنھن مھل قافلو (مصر مان) نڪتو (ته) سندن پيءُ چيو ته جيڪڏھن (اوھين) مون کي ڀورڙو نه ڄاڻو ته مون کي يُوسف جي بوءِ اچي ٿي.
قَالُوا۟ تَٱللَّهِ إِنَّكَ لَفِى ضَلَٰلِكَ ٱلْقَدِيمِ
Qaloo taAllahi innaka lafee dalalika alqadeemi
چيائون ته الله جو قسم ته تون اڳئين ويساري ۾ آھين.
فَلَمَّآ أَن جَآءَ ٱلْبَشِيرُ أَلْقَىٰهُ عَلَىٰ وَجْهِهِۦ فَٱرْتَدَّ بَصِيرًا قَالَ أَلَمْ أَقُل لَّكُمْ إِنِّىٓ أَعْلَمُ مِنَ ٱللَّهِ مَا لَا تَعْلَمُونَ
Falamma an jaa albasheeru alqahu AAala wajhihi fairtadda baseeran qala alam aqul lakum innee aAAlamu mina Allahi ma la taAAlamoona
جنھن مھل خوشخبري ڏيندڙ آيو ته سندس مُنھن تي اھو (پھراڻ) گھمايائين ته موٽي ڏسندڙ ٿيو، چيائين ته اوھان کي نه چيو ھوم ڇا، ته آءٌ الله جي پار کان اھو ڄاڻندو آھيان جو اوھين نه ڄاڻندا آھيو؟
قَالُوا۟ يَٰٓأَبَانَا ٱسْتَغْفِرْ لَنَا ذُنُوبَنَآ إِنَّا كُنَّا خَٰطِـِٔينَ
Qaloo ya abana istaghfir lana thunoobana inna kunna khatieena
چيائون ته اي اسان جا ابا اسان لاءِ اسان جي گناھن جي بخشش گھُر اسين بيشڪ گنھگار آھيون.
قَالَ سَوْفَ أَسْتَغْفِرُ لَكُمْ رَبِّىٓ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلْغَفُورُ ٱلرَّحِيمُ
Qala sawfa astaghfiru lakum rabbee innahu huwa alghafooru alrraheemu
(يعقوب) چيو ته آءٌ سِگھو اوھان لاءِ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرندس، ڇوته اُھو ئي بخشڻھار مھربان آھي.
فَلَمَّا دَخَلُوا۟ عَلَىٰ يُوسُفَ ءَاوَىٰٓ إِلَيْهِ أَبَوَيْهِ وَقَالَ ٱدْخُلُوا۟ مِصْرَ إِن شَآءَ ٱللَّهُ ءَامِنِينَ
Falamma dakhaloo AAala yoosufa awa ilayhi abawayhi waqala odkhuloo misra in shaa Allahu amineena
جنھن مھل يُوسف وٽ پُھتا (ته اُن وقت) پنھنجي ماءُ پيءُ کي پاڻ وٽ جاءِ ڏنائين ۽ چيائين جيڪڏھن الله گھريو ته مصر ۾ بي ڀوا ٿي گِھڙو.
وَرَفَعَ أَبَوَيْهِ عَلَى ٱلْعَرْشِ وَخَرُّوا۟ لَهُۥ سُجَّدًا وَقَالَ يَٰٓأَبَتِ هَٰذَا تَأْوِيلُ رُءْيَٰىَ مِن قَبْلُ قَدْ جَعَلَهَا رَبِّى حَقًّا وَقَدْ أَحْسَنَ بِىٓ إِذْ أَخْرَجَنِى مِنَ ٱلسِّجْنِ وَجَآءَ بِكُم مِّنَ ٱلْبَدْوِ مِنۢ بَعْدِ أَن نَّزَغَ ٱلشَّيْطَٰنُ بَيْنِى وَبَيْنَ إِخْوَتِىٓ إِنَّ رَبِّى لَطِيفٌ لِّمَا يَشَآءُ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلْعَلِيمُ ٱلْحَكِيمُ
WarafaAAa abawayhi AAala alAAarshi wakharroo lahu sujjadan waqala ya abati hatha taweelu ruyaya min qablu qad jaAAalaha rabbee haqqan waqad ahsana bee ith akhrajanee mina alssijni wajaa bikum mina albadwi min baAAdi an nazagha alshshaytanu baynee wabayna ikhwatee inna rabbee lateefun lima yashao innahu huwa alAAaleemu alhakeemu
۽ پنھنجي ماءُ پيءُ کي تخت تي وھاريائين ۽ اُھي ڏانھس سجدو ڪندي ڪريا، ۽ (يُوسف) چيو ته اي منھنجا ابا ھيءُ منھنجي اڳين خوابن جو تعبير آھي، بيشڪ منھنجي پالڻھار ان کي سچو ڪيو، ۽ (الله) مون سان تڏھن بيشڪ احسان ڪيو جڏھن مون کي قيد مان ٻاھر ڪڍيائين ۽ منھنجي ۽ منھنجي ڀائرن جي وچ ۾ شيطان جھيڙو وڌو تنھن کانپوءِ اوھان کي ٻھراڙيءَ کان (شھر) ۾ آندائين، ڇوته منھنجو پالڻھار جنھن لاءِ وڻيس تنھن تي احسان ڪندڙ آھي، سچ آھي ته اُھو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
رَبِّ قَدْ ءَاتَيْتَنِى مِنَ ٱلْمُلْكِ وَعَلَّمْتَنِى مِن تَأْوِيلِ ٱلْأَحَادِيثِ فَاطِرَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ أَنتَ وَلِىِّۦ فِى ٱلدُّنْيَا وَٱلْءَاخِرَةِ تَوَفَّنِى مُسْلِمًا وَأَلْحِقْنِى بِٱلصَّٰلِحِينَ
Rabbi qad ataytanee mina almulki waAAallamtanee min taweeli alahadeethi fatira alssamawati waalardi anta waliyyee fee alddunya waalakhirati tawaffanee musliman waalhiqnee bialssaliheena
(يُوسف چيو ته) اي منھنجا پالڻھار بيشڪ مون کي بادشاھي ڏني اٿئي ۽ مون کي خوابن جو تعبير سيکاريو اٿئي، اي آسمانن ۽ زمين جا بڻائيندڙ، تون دُنيا ۽ آخرت ۾ منھنجو وارث آھين، مون کي مسلمان ڪري مار ۽ مون کي صالحن سان شامل ڪر.
Contact Us

Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.