قراءة سورة الأنعاممع الترجمة
وَلَوْ أَنَّنَا نَزَّلْنَآ إِلَيْهِمُ ٱلْمَلَٰٓئِكَةَ وَكَلَّمَهُمُ ٱلْمَوْتَىٰ وَحَشَرْنَا عَلَيْهِمْ كُلَّ شَىْءٍ قُبُلًا مَّا كَانُوا۟ لِيُؤْمِنُوٓا۟ إِلَّآ أَن يَشَآءَ ٱللَّهُ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ يَجْهَلُونَ
Walaw annana nazzalna ilayhimu almalaikata wakallamahumu almawta wahasharna AAalayhim kulla shayin qubulan ma kanoo liyuminoo illa an yashaa Allahu walakinna aktharahum yajhaloona
۽ جيڪڏھن انھن تي اسين ملائڪ لاھيون ھا ۽ ساڻن مُئا (به) ڳالھائين ھا ۽ ھر شيء سندن آمھون سامھون ڪري گڏ (به) ڪريون ھا ته به الله جي گھُر کانسواءِ ڪڏھن ايمان نه آڻين ھا پر اُنھن مان گھڻا بي سمجھائي ڪن ٿا.
وَكَذَٰلِكَ جَعَلْنَا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا شَيَٰطِينَ ٱلْإِنسِ وَٱلْجِنِّ يُوحِى بَعْضُهُمْ إِلَىٰ بَعْضٍ زُخْرُفَ ٱلْقَوْلِ غُرُورًا وَلَوْ شَآءَ رَبُّكَ مَا فَعَلُوهُ فَذَرْهُمْ وَمَا يَفْتَرُونَ
Wakathalika jaAAalna likulli nabiyyin AAaduwwan shayateena alinsi waaljinni yoohee baAAduhum ila baAAdin zukhrufa alqawli ghurooran walaw shaa rabbuka ma faAAaloohu fatharhum wama yaftaroona
۽ اھڙي طرح ھر ڪنھن پيغمبر لاءِ ماڻھن ۽ جنن مان شيطان ويري بڻاياسون (ته پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کي وسوسو وجھي ڳالھ جي مُلَمَّعۡ سان ٺڳين، ۽ جيڪڏھن تنھنجو پالڻھار گھُري ھا ته اھو ڪم نه ڪن ھا تنھنڪري کين ۽ جيڪي ٺاہ ٺاھيندا تنھن کي ڇڏي (ڏي).
وَلِتَصْغَىٰٓ إِلَيْهِ أَفْـِٔدَةُ ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱلْءَاخِرَةِ وَلِيَرْضَوْهُ وَلِيَقْتَرِفُوا۟ مَا هُم مُّقْتَرِفُونَ
Walitasgha ilayhi afidatu allatheena la yuminoona bialakhirati waliyardawhu waliyaqtarifoo ma hum muqtarifoona
۽ (ھن لاءِ وسوسو وجھندا آھن) ته جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جون دليون ڏانھس لڙن ۽ ان کي پسند ڪن ۽ (ھن لاءِ) ته اُھي جيڪي ڪم ڪندڙ آھن سي ڪندا رھن.
أَفَغَيْرَ ٱللَّهِ أَبْتَغِى حَكَمًا وَهُوَ ٱلَّذِىٓ أَنزَلَ إِلَيْكُمُ ٱلْكِتَٰبَ مُفَصَّلًا وَٱلَّذِينَ ءَاتَيْنَٰهُمُ ٱلْكِتَٰبَ يَعْلَمُونَ أَنَّهُۥ مُنَزَّلٌ مِّن رَّبِّكَ بِٱلْحَقِّ فَلَا تَكُونَنَّ مِنَ ٱلْمُمْتَرِينَ
Afaghayra Allahi abtaghee hakaman wahuwa allathee anzala ilaykumu alkitaba mufassalan waallatheena ataynahumu alkitaba yaAAlamoona annahu munazzalun min rabbika bialhaqqi fala takoonanna mina almumtareena
(اي پيغمبر چؤ ته) الله ڌاران ٻيو فيصلو ڪندڙ ھن ھوندي ڇو گُھران؟ جو اُنھيءَ اوھان ڏانھن کولي بيان ڪندڙ ڪتاب لاٿو آھي، ۽ جن کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون سي (چڱي طرح) ڄاڻندا آھن ته اُھو تنھنجي پالڻھار کان جائي لاٿل آھي تنھنڪري تون شڪ ڪندڙن مان مور نه ٿج.
وَتَمَّتْ كَلِمَتُ رَبِّكَ صِدْقًا وَعَدْلًا لَّا مُبَدِّلَ لِكَلِمَٰتِهِۦ وَهُوَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْعَلِيمُ
Watammat kalimatu rabbika sidqan waAAadlan la mubaddila likalimatihi wahuwa alssameeAAu alAAaleemu
۽ تنھنجي پالڻھار جو سخن سچائي ۽ انصاف ۾ پورو آھي، سندس سخنن کي ڪو مٽائيندڙ نه آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
وَإِن تُطِعْ أَكْثَرَ مَن فِى ٱلْأَرْضِ يُضِلُّوكَ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا ٱلظَّنَّ وَإِنْ هُمْ إِلَّا يَخْرُصُونَ
Wain tutiAA akthara man fee alardi yudillooka AAan sabeeli Allahi in yattabiAAoona illa alththanna wain hum illa yakhrusoona
۽ جيڪڏھن زمين وارن (ماڻھن) مان گھڻن (يعني ڪافرن) جو چيو مڃيندين ته توکي الله جي واٽ کان ڀُلائيندا، (اُھي) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ اُھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن.
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ مَن يَضِلُّ عَن سَبِيلِهِۦ وَهُوَ أَعْلَمُ بِٱلْمُهْتَدِينَ
Inna rabbaka huwa aAAlamu man yadillu AAan sabeelihi wahuwa aAAlamu bialmuhtadeena
بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھن کي (به) چڱو ڄاڻندڙ آھي جيڪي سندس واٽ کان ڀُلا، ۽ اُھو ھدايت وارن کي (به) چڱو ڄاڻندڙ آھي.
فَكُلُوا۟ مِمَّا ذُكِرَ ٱسْمُ ٱللَّهِ عَلَيْهِ إِن كُنتُم بِـَٔايَٰتِهِۦ مُؤْمِنِينَ
Fakuloo mimma thukira ismu Allahi AAalayhi in kuntum biayatihi mumineena
پوءِ جيڪڏھن اوھين سندس آيتن کي مڃيندا آھيو ته جنھن تي الله جو نالو ياد ڪجي تنھن مان کائو.
وَمَا لَكُمْ أَلَّا تَأْكُلُوا۟ مِمَّا ذُكِرَ ٱسْمُ ٱللَّهِ عَلَيْهِ وَقَدْ فَصَّلَ لَكُم مَّا حَرَّمَ عَلَيْكُمْ إِلَّا مَا ٱضْطُرِرْتُمْ إِلَيْهِ وَإِنَّ كَثِيرًا لَّيُضِلُّونَ بِأَهْوَآئِهِم بِغَيْرِ عِلْمٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِٱلْمُعْتَدِينَ
Wama lakum alla takuloo mimma thukira ismu Allahi AAalayhi waqad fassala lakum ma harrama AAalaykum illa ma idturirtum ilayhi wainna katheeran layudilloona biahwaihim bighayri AAilmin inna rabbaka huwa aAAlamu bialmuAAtadeena
۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو جنھن (شيء) تي الله جو نالو ياد ڪجي تنھن مان نه کائيندا آھيو ھن ھوندي جو جيڪي (شيون) الله اوھان تي حرام ڪيون آھن سي اوھان لاءِ بيشڪ بيان ڪيون اٿس؟ پر جنھن (حرام جي کائڻ) لاءِ اوھين لاچار ٿيو (سو به روا آھي) ۽ گھڻا اڻ ڄاڻائيءَ سان پنھنجن سَڌن سببان ضرور ڀلائين ٿا، ڇوته تنھنجو پالڻھار حد کان لنگھندڙن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
وَذَرُوا۟ ظَٰهِرَ ٱلْإِثْمِ وَبَاطِنَهُۥٓ إِنَّ ٱلَّذِينَ يَكْسِبُونَ ٱلْإِثْمَ سَيُجْزَوْنَ بِمَا كَانُوا۟ يَقْتَرِفُونَ
Watharoo thahira alithmi wabatinahu inna allatheena yaksiboona alithma sayujzawna bima kanoo yaqtarifoona
۽ ظاھري گناہ ۽ باطني گناہ (سڀ طرح) ڇڏي ڏيو، جيڪي گناہ ڪندا آھن سي جيڪي ڪن ٿا تنھن سببان سگھو سزا ڏبين.
يقوم الباحث الإسلامي بجلب القرآن, mp3 القرآن الكريم اليك حتى يجعل تلاوته أكثر سهولة. مع أداة إستكشاف القرآن، بضغطة زر يُمكنك إختيار الصورة التي ترغب في تلاوتها! مٌقدماً لك الترجمة والنسخ بالعربية والعديد من اللغات الأخرى، لم تكن تلاوة القرآن بهذه السهولة من قبل. قراءة سعيدة!
روابط سريعة
Contact Us

Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.