Baca Surah Anfaldengan terjemahan
إِنَّ شَرَّ ٱلدَّوَآبِّ عِندَ ٱللَّهِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ
Inna sharra alddawabbi AAinda Allahi allatheena kafaroo fahum la yuminoona
جاندارن مان (سڀ کان) بڇڙا الله وٽ ڪافر آھن پوءِ اُھي ايمان نه ٿا آڻين.
ٱلَّذِينَ عَٰهَدتَّ مِنْهُمْ ثُمَّ يَنقُضُونَ عَهْدَهُمْ فِى كُلِّ مَرَّةٍ وَهُمْ لَا يَتَّقُونَ
Allatheena AAahadta minhum thumma yanqudoona AAahdahum fee kulli marratin wahum la yattaqoona
انھن مان جن سان (صلح جو) انجام ڪيو اٿيئي پوءِ وري ھر ڀيري پنھنجو انجام ڀڃيندا آھن ۽ اُھي نه ڊڄندا آھن.
فَإِمَّا تَثْقَفَنَّهُمْ فِى ٱلْحَرْبِ فَشَرِّدْ بِهِم مَّنْ خَلْفَهُمْ لَعَلَّهُمْ يَذَّكَّرُونَ
Faimma tathqafannahum fee alharbi fasharrid bihim man khalfahum laAAallahum yaththakkaroona
پوءِ جيڪڏھن لڙائيءَ ۾ کين لھين ته (انھن کي اھڙي سزا ڏي جنھن جي ڪري) جيڪي سندن پوئتان ھجن تن کي ڀڄاءِ ته مانَ اھي ياد ڪن.
وَإِمَّا تَخَافَنَّ مِن قَوْمٍ خِيَانَةً فَٱنۢبِذْ إِلَيْهِمْ عَلَىٰ سَوَآءٍ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يُحِبُّ ٱلْخَآئِنِينَ
Waimma takhafanna min qawmin khiyanatan fainbith ilayhim AAala sawain inna Allaha la yuhibbu alkhaineena
۽ جيڪڏھن ڪنھن قوم جي (انجام ڀڃڻ جي) خيانت کان ڊڄين ته اُنھن ڏانھن (سندن انجام) پوري ٿيڻ مھل بيزاريءَ جو اطلاع موڪل، ڇوته الله خيانت ڪندڙن کي دوست نه رکندو آھي.
وَلَا يَحْسَبَنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ سَبَقُوٓا۟ إِنَّهُمْ لَا يُعْجِزُونَ
Wala yahsabanna allatheena kafaroo sabaqoo innahum la yuAAjizoona
۽ ڪافر (ايئن) نه ڀائين ته (ڪو) اڳرائي ڪيائون، بيشڪ اُھي نه ٿڪائيندا.
وَأَعِدُّوا۟ لَهُم مَّا ٱسْتَطَعْتُم مِّن قُوَّةٍ وَمِن رِّبَاطِ ٱلْخَيْلِ تُرْهِبُونَ بِهِۦ عَدُوَّ ٱللَّهِ وَعَدُوَّكُمْ وَءَاخَرِينَ مِن دُونِهِمْ لَا تَعْلَمُونَهُمُ ٱللَّهُ يَعْلَمُهُمْ وَمَا تُنفِقُوا۟ مِن شَىْءٍ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ يُوَفَّ إِلَيْكُمْ وَأَنتُمْ لَا تُظْلَمُونَ
WaaAAiddoo lahum ma istataAAtum min quwwatin wamin ribati alkhayli turhiboona bihi AAaduwwa Allahi waAAaduwwakum waakhareena min doonihim la taAAlamoonahumu Allahu yaAAlamuhum wama tunfiqoo min shayin fee sabeeli Allahi yuwaffa ilaykum waantum la tuthlamoona
۽ انھن لاءِ (لڙائي جي ھٿيارن جي) سگھ مان ۽ گھوڙن جي تيار رکڻ مان جيڪي ٿي سگھيوَ سو الله جي ويرين ۽ پنھنجن ويرين کي دھشت ڏيڻ لاءِ تيار رکو ۽ انھي کانسواءِ ٻي قوم کي (به) کين نه ڄاڻندا آھيو، اُنھن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي ڪنھن شيء مان الله جي واٽ ۾ خرچيو سو اوھان کي پورو ڏبو ۽ اوھان کي گھٽ نه ڏبو.
وَإِن جَنَحُوا۟ لِلسَّلْمِ فَٱجْنَحْ لَهَا وَتَوَكَّلْ عَلَى ٱللَّهِ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْعَلِيمُ
Wain janahoo lilssalmi faijnah laha watawakkal AAala Allahi innahu huwa alssameeAAu alAAaleemu
۽ جيڪڏھن صلح لاءِ لاڙو ڪن ته (تون به) اُن ڏانھن لاڙو ڪر ۽ الله تي ڀروسو ڪر، بيشڪ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
وَإِن يُرِيدُوٓا۟ أَن يَخْدَعُوكَ فَإِنَّ حَسْبَكَ ٱللَّهُ هُوَ ٱلَّذِىٓ أَيَّدَكَ بِنَصْرِهِۦ وَبِٱلْمُؤْمِنِينَ
Wain yureedoo an yakhdaAAooka fainna hasbaka Allahu huwa allathee ayyadaka binasrihi wabialmumineena
۽ جيڪڏھن توکي دولاب ڏيڻ جو ارادو ڪن ٿا ته بيشڪ تو لاءِ الله ڪافي آھي، (۽) اُھوئي آھي جنھن توکي ۽ مؤمنن کي پنھنجي مدد سان سگھ ڏني.
وَأَلَّفَ بَيْنَ قُلُوبِهِمْ لَوْ أَنفَقْتَ مَا فِى ٱلْأَرْضِ جَمِيعًا مَّآ أَلَّفْتَ بَيْنَ قُلُوبِهِمْ وَلَٰكِنَّ ٱللَّهَ أَلَّفَ بَيْنَهُمْ إِنَّهُۥ عَزِيزٌ حَكِيمٌ
Waallafa bayna quloobihim law anfaqta ma fee alardi jameeAAan ma allafta bayna quloobihim walakinna Allaha allafa baynahum innahu AAazeezun hakeemun
۽ اُنھن (مؤمنن) جي دلين ۾ ميلاپ ڏنائين، جيڪي زمين ۾ آھي سو مڙئي جيڪڏھن تون خرچين ھا ته سندين دلين ۾ ميلاپ ڏئي نه سگھين ھا پر الله سندن وچ ۾ ميلاپ ڏنون، بيشڪ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ حَسْبُكَ ٱللَّهُ وَمَنِ ٱتَّبَعَكَ مِنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ
Ya ayyuha alnnabiyyu hasbuka Allahu wamani ittabaAAaka mina almumineena
اي پيغمبر توکي ۽ پڻ مؤمنن مان جن تنھنجي تابعداري ڪئي تن کي الله ڪافي آھي.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.