قراءة سورة الأنفالمع الترجمة
وَإِن يُرِيدُوٓا۟ أَن يَخْدَعُوكَ فَإِنَّ حَسْبَكَ ٱللَّهُ هُوَ ٱلَّذِىٓ أَيَّدَكَ بِنَصْرِهِۦ وَبِٱلْمُؤْمِنِينَ
Wain yureedoo an yakhdaAAooka fainna hasbaka Allahu huwa allathee ayyadaka binasrihi wabialmumineena
۽ جيڪڏھن توکي دولاب ڏيڻ جو ارادو ڪن ٿا ته بيشڪ تو لاءِ الله ڪافي آھي، (۽) اُھوئي آھي جنھن توکي ۽ مؤمنن کي پنھنجي مدد سان سگھ ڏني.
وَأَلَّفَ بَيْنَ قُلُوبِهِمْ لَوْ أَنفَقْتَ مَا فِى ٱلْأَرْضِ جَمِيعًا مَّآ أَلَّفْتَ بَيْنَ قُلُوبِهِمْ وَلَٰكِنَّ ٱللَّهَ أَلَّفَ بَيْنَهُمْ إِنَّهُۥ عَزِيزٌ حَكِيمٌ
Waallafa bayna quloobihim law anfaqta ma fee alardi jameeAAan ma allafta bayna quloobihim walakinna Allaha allafa baynahum innahu AAazeezun hakeemun
۽ اُنھن (مؤمنن) جي دلين ۾ ميلاپ ڏنائين، جيڪي زمين ۾ آھي سو مڙئي جيڪڏھن تون خرچين ھا ته سندين دلين ۾ ميلاپ ڏئي نه سگھين ھا پر الله سندن وچ ۾ ميلاپ ڏنون، بيشڪ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ حَسْبُكَ ٱللَّهُ وَمَنِ ٱتَّبَعَكَ مِنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ
Ya ayyuha alnnabiyyu hasbuka Allahu wamani ittabaAAaka mina almumineena
اي پيغمبر توکي ۽ پڻ مؤمنن مان جن تنھنجي تابعداري ڪئي تن کي الله ڪافي آھي.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ حَرِّضِ ٱلْمُؤْمِنِينَ عَلَى ٱلْقِتَالِ إِن يَكُن مِّنكُمْ عِشْرُونَ صَٰبِرُونَ يَغْلِبُوا۟ مِا۟ئَتَيْنِ وَإِن يَكُن مِّنكُم مِّا۟ئَةٌ يَغْلِبُوٓا۟ أَلْفًا مِّنَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِأَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَفْقَهُونَ
Ya ayyuha alnnabiyyu harridi almumineena AAala alqitali in yakun minkum AAishroona sabiroona yaghliboo miatayni wain yakun minkum miatun yaghliboo alfan mina allatheena kafaroo biannahum qawmun la yafqahoona
اي پيغمبر مؤمنن کي لڙائيءَ تي ھمتاءِ، جيڪڏھن اوھان مان صبر وارا وِيھ آھن ته ٻن سَون تي غالب ٿيندا، ۽ جيڪڏھن اوھان مان سَو آھن ته ھڪ ھزار ڪافرن تي غالب ٿيندا ھن ڪري جو اُھا اھڙي قوم آھي جا نه سمجھندي آھي.
ٱلْـَٰٔنَ خَفَّفَ ٱللَّهُ عَنكُمْ وَعَلِمَ أَنَّ فِيكُمْ ضَعْفًا فَإِن يَكُن مِّنكُم مِّا۟ئَةٌ صَابِرَةٌ يَغْلِبُوا۟ مِا۟ئَتَيْنِ وَإِن يَكُن مِّنكُمْ أَلْفٌ يَغْلِبُوٓا۟ أَلْفَيْنِ بِإِذْنِ ٱللَّهِ وَٱللَّهُ مَعَ ٱلصَّٰبِرِينَ
Alana khaffafa Allahu AAankum waAAalima anna feekum daAAfan fain yakun minkum miatun sabiratun yaghliboo miatayni wain yakun minkum alfun yaghliboo alfayni biithni Allahi waAllahu maAAa alssabireena
ھاڻي الله اوھان تان بار ھلڪو ڪيو ۽ اوھان ۾ ھيڻائي معلوم ڪيائين، پوءِ جيڪڏھن اوھان مان صبر وارا سَو ھوندا ته ٻن سون تي غالب ٿيندا، ۽ جيڪڏھن اوھان مان ھزار ھوندا ته ٻن ھزارن تي الله جي حڪم سان غالب ٿيندا، ۽ الله صابرن ساڻ آھي.
مَا كَانَ لِنَبِىٍّ أَن يَكُونَ لَهُۥٓ أَسْرَىٰ حَتَّىٰ يُثْخِنَ فِى ٱلْأَرْضِ تُرِيدُونَ عَرَضَ ٱلدُّنْيَا وَٱللَّهُ يُرِيدُ ٱلْءَاخِرَةَ وَٱللَّهُ عَزِيزٌ حَكِيمٌ
Ma kana linabiyyin an yakoona lahu asra hatta yuthkhina fee alardi tureedoona AAarada alddunya waAllahu yureedu alakhirata waAllahu AAazeezun hakeemun
پيغمبر کي نه جڳائيندو آھي جو وٽس قيدي ھجن (بلڪ ڪُٺا وڃن) جيستائين مُلڪ ۾ (ڪافرن جي عام) خونريزي نه ڪري، (اوھين) دنيا جو سامان گھرندا آھيو، ۽ الله آخرت (جو ثواب ڏيڻ) گھرندو آھي، ۽ الله غالب حِڪمت وارو آھي.
لَّوْلَا كِتَٰبٌ مِّنَ ٱللَّهِ سَبَقَ لَمَسَّكُمْ فِيمَآ أَخَذْتُمْ عَذَابٌ عَظِيمٌ
Lawla kitabun mina Allahi sabaqa lamassakum feema akhathtum AAathabun AAatheemun
جيڪڏھن خدا جي تقدير ۾ اڳي لکيل نه ھجي ھا ته اوھان جيڪي (فديو) ورتو تنھن ۾ اوھان کي ضرور وڏو عذاب پھچي ھا.
فَكُلُوا۟ مِمَّا غَنِمْتُمْ حَلَٰلًا طَيِّبًا وَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ إِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
Fakuloo mimma ghanimtum halalan tayyiban waittaqoo Allaha inna Allaha ghafoorun raheemun
پوءِ جيڪي اوھان مال غنيمت ورتو سو پاڪ حلال (ڀانيو ۽) کائو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ قُل لِّمَن فِىٓ أَيْدِيكُم مِّنَ ٱلْأَسْرَىٰٓ إِن يَعْلَمِ ٱللَّهُ فِى قُلُوبِكُمْ خَيْرًا يُؤْتِكُمْ خَيْرًا مِّمَّآ أُخِذَ مِنكُمْ وَيَغْفِرْ لَكُمْ وَٱللَّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
Ya ayyuha alnnabiyyu qul liman fee aydeekum mina alasra in yaAAlami Allahu fee quloobikum khayran yutikum khayran mimma okhitha minkum wayaghfir lakum waAllahu ghafoorun raheemun
اي پيغمبر، قيدين مان جيڪي اوھان جي ھٿن ۾ آھن تن کي چؤ ته جيڪڏھن الله اوھان جي دلين ۾ ڪا چڱائي ڄاتي ته جيڪي اوھان کان ورتو ويو تنھن کان چڱو اوھان کي ڏيندو ۽ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
وَإِن يُرِيدُوا۟ خِيَانَتَكَ فَقَدْ خَانُوا۟ ٱللَّهَ مِن قَبْلُ فَأَمْكَنَ مِنْهُمْ وَٱللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
Wain yureedoo khiyanataka faqad khanoo Allaha min qablu faamkana minhum waAllahu AAaleemun hakeemun
۽ جيڪڏھن توسان خيانت ڪرڻ گھرندا ته بيشڪ الله سان (به) اڳ خيانت ڪئي ھوائون پوءِ (اوھان کي) انھن تي سگھارو ڪيائين، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
يقوم الباحث الإسلامي بجلب القرآن, mp3 القرآن الكريم اليك حتى يجعل تلاوته أكثر سهولة. مع أداة إستكشاف القرآن، بضغطة زر يُمكنك إختيار الصورة التي ترغب في تلاوتها! مٌقدماً لك الترجمة والنسخ بالعربية والعديد من اللغات الأخرى، لم تكن تلاوة القرآن بهذه السهولة من قبل. قراءة سعيدة!
روابط سريعة
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.