إِنَّآ أَرْسَلْنَٰكَ بِٱلْحَقِّ بَشِيرًا وَنَذِيرًا وَلَا تُسْـَٔلُ عَنْ أَصْحَٰبِ ٱلْجَحِيمِ
Inna arsalnaka bialhaqqi basheeran wanatheeran wala tusalu Aaan ashabi aljaheemi
(اي پيغمبر) بيشڪ اسان توکي سچ سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو ۽ (تون) دوزخين بابت نه پڇبين.
وَلَن تَرْضَىٰ عَنكَ ٱلْيَهُودُ وَلَا ٱلنَّصَٰرَىٰ حَتَّىٰ تَتَّبِعَ مِلَّتَهُمْ قُلْ إِنَّ هُدَى ٱللَّهِ هُوَ ٱلْهُدَىٰ وَلَئِنِ ٱتَّبَعْتَ أَهْوَآءَهُم بَعْدَ ٱلَّذِى جَآءَكَ مِنَ ٱلْعِلْمِ مَا لَكَ مِنَ ٱللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلَا نَصِيرٍ
Walan tarda AAanka alyahoodu wala alnnasara hatta tattabiAAa millatahum qul inna huda Allahi huwa alhuda walaini ittabaAAta ahwaahum baAAda allathee jaaka mina alAAilmi ma laka mina Allahi min waliyyin wala naseerin
۽ (اي پيغمبر) يھودي ايسين توکان ڪڏھن راضي نه ٿيندا ۽ نڪي نصارىٰ جيسين تون سندن دين جي تابعداري ڪرين، (کين) چؤ ته الله جي ھدايت اھا (اسلام) جي ھدايت آھي، ۽ (اي پيغمبر) تو وٽ جو علم آيو آھي تنھن کان پوءِ به جيڪڏھن (تون) سندن سَڌن جي تابعداري ڪندين ته تو لاءِ الله وٽان نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو واھرو ٿيندو.
ٱلَّذِينَ ءَاتَيْنَٰهُمُ ٱلْكِتَٰبَ يَتْلُونَهُۥ حَقَّ تِلَاوَتِهِۦٓ أُو۟لَٰٓئِكَ يُؤْمِنُونَ بِهِۦ وَمَن يَكْفُرْ بِهِۦ فَأُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْخَٰسِرُونَ
Allatheena ataynahumu alkitaba yatloonahu haqqa tilawatihi olaika yuminoona bihi waman yakfur bihi faolaika humu alkhasiroona
جن کي ڪتاب ڏنوسون سي ان کي اھڙي طرح پڙھندا آھن جھڙو سندس پڙھڻ جو حق آھي، اھي ان کي مڃيندا آھن، ۽ جيڪي اُن کي نه مڃيندا سي ئي ڇيئي وارا آھن.
يَٰبَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ ٱذْكُرُوا۟ نِعْمَتِىَ ٱلَّتِىٓ أَنْعَمْتُ عَلَيْكُمْ وَأَنِّى فَضَّلْتُكُمْ عَلَى ٱلْعَٰلَمِينَ
Ya banee israeela othkuroo niAAmatiya allatee anAAamtu AAalaykum waannee faddaltukum AAala alAAalameena
اي بني اسرائيلؤ اُھي مُنھنجا ڳُڻ ياد ڪريو جيڪي مون اوھان تي ڪيا ۽ مون جھان (وارن) تي اوھان کي سڳورو ڪيو.
وَٱتَّقُوا۟ يَوْمًا لَّا تَجْزِى نَفْسٌ عَن نَّفْسٍ شَيْـًٔا وَلَا يُقْبَلُ مِنْهَا عَدْلٌ وَلَا تَنفَعُهَا شَفَٰعَةٌ وَلَا هُمْ يُنصَرُونَ
Waittaqoo yawman la tajzee nafsun AAan nafsin shayan wala yuqbalu minha AAadlun wala tanfaAAuha shafaAAatun wala hum yunsaroona
۽ انھيءَ ڏينھن کا ڊڄو جنھن ۾ ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کان ڪجھ به نه ٽاري سگھندو ۽ نڪي کانئس ڪو بدلو قبول ڪبو ۽ نڪي کيس ڪا پارت نفعو ڏيندي ۽ نڪي کين مدد ڏبي.
وَإِذِ ٱبْتَلَىٰٓ إِبْرَٰهِۦمَ رَبُّهُۥ بِكَلِمَٰتٍ فَأَتَمَّهُنَّ قَالَ إِنِّى جَاعِلُكَ لِلنَّاسِ إِمَامًا قَالَ وَمِن ذُرِّيَّتِى قَالَ لَا يَنَالُ عَهْدِى ٱلظَّٰلِمِينَ
Waithi ibtala ibraheema rabbuhu bikalimatin faatammahunna qala innee jaAAiluka lilnnasi imaman qala wamin thurriyyatee qala la yanalu AAahdee alththalimeena
۽ جڏھن ابراھيمؑ کي سندس پالڻھار ڪن ڳالھين سان پرکيو پوءِ اُھي پوريون ڪيائين، ۽ (الله) فرمايو ته آءٌ توکي ماڻھن لاءِ امام مُقرّر ڪرڻ وارو آھيان، (تڏھن ابراھيم) چيو ته منھنجي اولاد مان به (امام ڪندين؟ الله) فرمايو ته ظالمن کي اھو منھنجو انجام نه پھچندو.
وَإِذْ جَعَلْنَا ٱلْبَيْتَ مَثَابَةً لِّلنَّاسِ وَأَمْنًا وَٱتَّخِذُوا۟ مِن مَّقَامِ إِبْرَٰهِۦمَ مُصَلًّى وَعَهِدْنَآ إِلَىٰٓ إِبْرَٰهِۦمَ وَإِسْمَٰعِيلَ أَن طَهِّرَا بَيْتِىَ لِلطَّآئِفِينَ وَٱلْعَٰكِفِينَ وَٱلرُّكَّعِ ٱلسُّجُودِ
Waith jaAAalna albayta mathabatan lilnnasi waamnan waittakhithoo min maqami ibraheema musallan waAAahidna ila ibraheema waismaAAeela an tahhira baytiya lilttaifeena waalAAakifeena waalrrukkaAAi alssujoodi
۽ جڏھن بيت الله کي ماڻھن جي موٽڻ جو ماڳ ۽ امن جو ھنڌ مقرر ڪيوسون، ۽ (ھن امت کي حُڪم ڪيوسون) ته مقام ابراھيم کي (به) نماز پڙھڻ جي جاءِ ڪري وٺو، ۽ ابراھيم ۽ اسمٰعيل کي وصيّت ڪئي سون ته منھنجي گھر کي طواف ڪندڙن ۽ اعتڪاف وارن ۽ رڪوع (۽) سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ رکو.
وَإِذْ قَالَ إِبْرَٰهِۦمُ رَبِّ ٱجْعَلْ هَٰذَا بَلَدًا ءَامِنًا وَٱرْزُقْ أَهْلَهُۥ مِنَ ٱلثَّمَرَٰتِ مَنْ ءَامَنَ مِنْهُم بِٱللَّهِ وَٱلْيَوْمِ ٱلْءَاخِرِ قَالَ وَمَن كَفَرَ فَأُمَتِّعُهُۥ قَلِيلًا ثُمَّ أَضْطَرُّهُۥٓ إِلَىٰ عَذَابِ ٱلنَّارِ وَبِئْسَ ٱلْمَصِيرُ
Waith qala ibraheemu rabbi ijAAal hatha baladan aminan waorzuq ahlahu mina alththamarati man amana minhum biAllahi waalyawmi alakhiri qala waman kafara faomattiAAuhu qaleelan thumma adtarruhu ila AAathabi alnnari wabisa almaseeru
۽ جڏھن ابراھيم چيو ته اي منھنجا پالڻھار ھن شھر (مڪي) کي امن جو ھنڌ ڪر ۽ سندس رھندڙن مان انھن کي ميون جي روزي ڏي جيڪي منجھائن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃين، (تڏھن الله) فرمايو ته جنھن نه مڃيو (تنھن کي به) پوءِ اُن کي (حياتيءَ جا) ٿورڙا ڏينھن آسودو ڪندس وري کيس باھ جي عذاب ڏانھن بيوس ڪندس، ۽ اُھا بُڇڙي جاءِ آھي.
وَإِذْ يَرْفَعُ إِبْرَٰهِۦمُ ٱلْقَوَاعِدَ مِنَ ٱلْبَيْتِ وَإِسْمَٰعِيلُ رَبَّنَا تَقَبَّلْ مِنَّآ إِنَّكَ أَنتَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْعَلِيمُ
Waith yarfaAAu ibraheemu alqawaAAida mina albayti waismaAAeelu rabbana taqabbal minna innaka anta alssameeAAu alAAaleemu
۽ جڏھن ابراھيم ۽ اسمٰعيل بيت (الله) جا بنياد اوساريندا هُئا (تڏھن چوندا هُئا ته) اي اسان جا پالڻھار (ھيءُ پورھيو) اسان کان قبول ڪر، ڇوته تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھين.
رَبَّنَا وَٱجْعَلْنَا مُسْلِمَيْنِ لَكَ وَمِن ذُرِّيَّتِنَآ أُمَّةً مُّسْلِمَةً لَّكَ وَأَرِنَا مَنَاسِكَنَا وَتُبْ عَلَيْنَآ إِنَّكَ أَنتَ ٱلتَّوَّابُ ٱلرَّحِيمُ
Rabbana waijAAalna muslimayni laka wamin thurriyyatina ommatan muslimatan laka waarina manasikana watub AAalayna innaka anta alttawwabu alrraheemu
۽ اسان جا پالڻھار اسان کي پنھنجو فرمانبردار ڪر ۽ اسان جي اولاد مان (به) ھڪ ٽوليءَ کي پنھنجو فرمانبردار ڪر، ۽ اسان کي اسان جي حج جا ارڪان سيکار ۽ اسان جون (خطائون) معاف ڪر، ڇو ته تون ئي وڏو معاف ڪندڙ مھربان آھين.
يقوم الباحث الإسلامي بجلب القرآن, mp3 القرآن الكريم اليك حتى يجعل تلاوته أكثر سهولة. مع أداة إستكشاف القرآن، بضغطة زر يُمكنك إختيار الصورة التي ترغب في تلاوتها! مٌقدماً لك الترجمة والنسخ بالعربية والعديد من اللغات الأخرى، لم تكن تلاوة القرآن بهذه السهولة من قبل. قراءة سعيدة!
روابط سريعة
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.