Baca Surah Hadiddengan terjemahan
مَّن ذَا ٱلَّذِى يُقْرِضُ ٱللَّهَ قَرْضًا حَسَنًا فَيُضَٰعِفَهُۥ لَهُۥ وَلَهُۥٓ أَجْرٌ كَرِيمٌ
Man tha allathee yuqridu Allaha qardan hasanan fayudaAAifahu lahu walahu ajrun kareemun
اُھو ڪير آھي جو الله کي چڱو قرض ڏئي پوءِ (الله) اُھو (قرض) اُن کي ٻيڻو ڪري ڏيندو ۽ اُن لاءِ سڳورو اجر آھي.
يَوْمَ تَرَى ٱلْمُؤْمِنِينَ وَٱلْمُؤْمِنَٰتِ يَسْعَىٰ نُورُهُم بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَبِأَيْمَٰنِهِم بُشْرَىٰكُمُ ٱلْيَوْمَ جَنَّٰتٌ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ خَٰلِدِينَ فِيهَا ذَٰلِكَ هُوَ ٱلْفَوْزُ ٱلْعَظِيمُ
Yawma tara almumineena waalmuminati yasAAa nooruhum bayna aydeehim wabiaymanihim bushrakumu alyawma jannatun tajree min tahtiha alanharu khalideena feeha thalika huwa alfawzu alAAatheemu
(ياد ڪر) جنھن ڏينھن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي (ھن حالت ۾) ڏسندين جو سندن نُور اُنھن جي اڳيان ۽ انھن جي ساڄن پاسن کان پيو ڊوڙندو (چئبن ته) اوھان کي خوشخبري ھجي جو اڄ اوھان لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وَھن اُتي سدائين رھندؤ، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
يَوْمَ يَقُولُ ٱلْمُنَٰفِقُونَ وَٱلْمُنَٰفِقَٰتُ لِلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ٱنظُرُونَا نَقْتَبِسْ مِن نُّورِكُمْ قِيلَ ٱرْجِعُوا۟ وَرَآءَكُمْ فَٱلْتَمِسُوا۟ نُورًا فَضُرِبَ بَيْنَهُم بِسُورٍ لَّهُۥ بَابٌۢ بَاطِنُهُۥ فِيهِ ٱلرَّحْمَةُ وَظَٰهِرُهُۥ مِن قِبَلِهِ ٱلْعَذَابُ
Yawma yaqoolu almunafiqoona waalmunafiqatu lillatheena amanoo onthuroona naqtabis min noorikum qeela irjiAAoo waraakum failtamisoo nooran faduriba baynahum bisoorin lahu babun batinuhu feehi alrrahmatu wathahiruhu min qibalihi alAAathabu
جنھن ڏينھن منافق ۽ منافقياڻيون (گڏجي) مؤمنن کي چوندا ته ترسو (ته سھي) ته اوھان جي (ايماني) نُور مان (ڪجھ) روشني وٺون چيو ويندو ته اوھين پنھنجي پٺ تي (دنيا ڏانھن) موٽو پوءِ ڪو سوجھرو ڳوليو، پوءِ سندن وچ ۾ ھڪ اھڙي ڀت ھنئي ويندي جنھن کي دروازو ھوندو، اُن ڀت جي اندارن رحمت ھوندي ۽ ان جي ٻاھرين پاسي کان عذاب.
يُنَادُونَهُمْ أَلَمْ نَكُن مَّعَكُمْ قَالُوا۟ بَلَىٰ وَلَٰكِنَّكُمْ فَتَنتُمْ أَنفُسَكُمْ وَتَرَبَّصْتُمْ وَٱرْتَبْتُمْ وَغَرَّتْكُمُ ٱلْأَمَانِىُّ حَتَّىٰ جَآءَ أَمْرُ ٱللَّهِ وَغَرَّكُم بِٱللَّهِ ٱلْغَرُورُ
Yunadoonahum alam nakun maAAakum qaloo bala walakinnakum fatantum anfusakum watarabbastum wairtabtum wagharratkumu alamaniyyu hatta jaa amru Allahi wagharrakum biAllahi algharooru
منافق مُسلمانن کي سڏيندا ۽ چوندا ته اسين اوھان سان (دنيا ۾) گڏ نه ھواسون ڇا؟ (مُسلمان) چوندا ته ھائو پر پنھنجو پاڻ کي جوکي ۾ وڌوَ ۽ (ايمان آڻڻ ۾) دير ڪندا رھيؤ ۽ (نبوت ۾) شڪ آندو ۽ اوھان کي سَڌن ٺڳي ڇڏيو تان جو الله جو حُڪم آيو ۽ اوھان کي الله (جي حُڪم مڃڻ) کان (شيطان) ٺڳيندڙ ٺڳي ڇڏيو.
فَٱلْيَوْمَ لَا يُؤْخَذُ مِنكُمْ فِدْيَةٌ وَلَا مِنَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مَأْوَىٰكُمُ ٱلنَّارُ هِىَ مَوْلَىٰكُمْ وَبِئْسَ ٱلْمَصِيرُ
Faalyawma la yukhathu minkum fidyatun wala mina allatheena kafaroo mawakumu alnnaru hiya mawlakum wabisa almaseeru
تنھن ڪري (اي منافقؤ) اڄ نڪي اوھان کان ۽ نڪي ڪافرن کان ڪو بدلو وٺبو، اوھان جي جاءِ (دوزخ جي) باھ آھي، اھا اوھان جي لائق آھي، ۽ اھا موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آھي.
أَلَمْ يَأْنِ لِلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ أَن تَخْشَعَ قُلُوبُهُمْ لِذِكْرِ ٱللَّهِ وَمَا نَزَلَ مِنَ ٱلْحَقِّ وَلَا يَكُونُوا۟ كَٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَٰبَ مِن قَبْلُ فَطَالَ عَلَيْهِمُ ٱلْأَمَدُ فَقَسَتْ قُلُوبُهُمْ وَكَثِيرٌ مِّنْهُمْ فَٰسِقُونَ
Alam yani lillatheena amanoo an takhshaAAa quloobuhum lithikri Allahi wama nazala mina alhaqqi wala yakoonoo kaallatheena ootoo alkitaba min qablu fatala AAalayhimu alamadu faqasat quloobuhum wakatheerun minhum fasiqoona
اڃا مؤمنن لاءِ اُھو وقت نه آيو آھي ڇا؟ جو الله جي ياد ڪرڻ وقت ۽ وحي الٰھيءَ مان جيڪو نازل ٿيو تنھن (جي ياد) آڻڻ وقت سندن دليون آزي ڪن ۽ انھن وانگر نه ٿين جن کي ھن کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو پوءِ مٿن ڊگھي مدت گذري تنھنڪري سندن دليون سخت ٿي ويون، ۽ منجھائن گھڻا بي دين آھن.
ٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّ ٱللَّهَ يُحْىِ ٱلْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا قَدْ بَيَّنَّا لَكُمُ ٱلْءَايَٰتِ لَعَلَّكُمْ تَعْقِلُونَ
IAAlamoo anna Allaha yuhyee alarda baAAda mawtiha qad bayyanna lakumu alayati laAAallakum taAAqiloona
ڄاڻو ته الله زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ آباد ڪندو آھي، بيشڪ اسان اوھان لاءِ چٽيون نشانيون بيان ڪيون آھن ته مانَ اوھين پرجھو.
إِنَّ ٱلْمُصَّدِّقِينَ وَٱلْمُصَّدِّقَٰتِ وَأَقْرَضُوا۟ ٱللَّهَ قَرْضًا حَسَنًا يُضَٰعَفُ لَهُمْ وَلَهُمْ أَجْرٌ كَرِيمٌ
Inna almussaddiqeena waalmussaddiqati waaqradoo Allaha qardan hasanan yudaAAafu lahum walahum ajrun kareemun
بيشڪ خيرات ڏيندڙن ۽ خيرات ڏيندڙن کي، ۽ جن الله کي سھڻو قرض ڏنو آھي تن کي ٻيڻو ڪري ڏبو ۽ اُنھن لاءِ سڳورو اجر آھي.
وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ بِٱللَّهِ وَرُسُلِهِۦٓ أُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلصِّدِّيقُونَ وَٱلشُّهَدَآءُ عِندَ رَبِّهِمْ لَهُمْ أَجْرُهُمْ وَنُورُهُمْ وَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَكَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَآ أُو۟لَٰٓئِكَ أَصْحَٰبُ ٱلْجَحِيمِ
Waallatheena amanoo biAllahi warusulihi olaika humu alssiddeeqoona waalshshuhadao AAinda rabbihim lahum ajruhum wanooruhum waallatheena kafaroo wakaththaboo biayatina olaika ashabu aljaheemi
۽ جن الله ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آندو آھي اُھي ئي پنھنجي پالڻھار وٽ بلڪل سچا ۽ شھيد آھن، اُنھن لاءِ سندن اجر ۽ سندن نُور آھي، ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڀانيو اُھي دوزخي آھن.
ٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّمَا ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَا لَعِبٌ وَلَهْوٌ وَزِينَةٌ وَتَفَاخُرٌۢ بَيْنَكُمْ وَتَكَاثُرٌ فِى ٱلْأَمْوَٰلِ وَٱلْأَوْلَٰدِ كَمَثَلِ غَيْثٍ أَعْجَبَ ٱلْكُفَّارَ نَبَاتُهُۥ ثُمَّ يَهِيجُ فَتَرَىٰهُ مُصْفَرًّا ثُمَّ يَكُونُ حُطَٰمًا وَفِى ٱلْءَاخِرَةِ عَذَابٌ شَدِيدٌ وَمَغْفِرَةٌ مِّنَ ٱللَّهِ وَرِضْوَٰنٌ وَمَا ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَآ إِلَّا مَتَٰعُ ٱلْغُرُورِ
IAAlamoo annama alhayatu alddunya laAAibun walahwun wazeenatun watafakhurun baynakum watakathurun fee alamwali waalawladi kamathali ghaythin aAAjaba alkuffara nabatuhu thumma yaheeju fatarahu musfarran thumma yakoonu hutaman wafee alakhirati AAathabun shadeedun wamaghfiratun mina Allahi waridwanun wama alhayatu alddunya illa mataAAu alghuroori
ڄاڻو ته دُنيا جي حياتي رڳو راند ۽ بي فائدِي ۽ سينگار ۽ پاڻ ۾ فخر ڪرڻ ۽ مالن ۽ اولادن ۾ (ھڪ ٻئي کان) گھڻائي طلبڻ آھي، (انھيءَ جو مثال) انھيءَ مينھن وانگر (آھي) جنھن جو سلو (ڄمائڻ) ڪڙمين کي عجب ۾ وجھي وري سُڪي وڃي پوءِ اُن کي پيلو ٿيل ڏسين وري ڀُري وڃي، ۽ آخرت ۾ (الله جي دشمنن لاءِ) سخت عذاب آھي ۽ (الله جي دوستن لاءِ) الله کان بخشش ۽ رضامندي آھي، ۽ دنيا جي حياتي رڳو ٺڳيءَ جو سامان آھي.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.