Baca Surah Maidahdengan terjemahan
قُلْ يَٰٓأَهْلَ ٱلْكِتَٰبِ لَا تَغْلُوا۟ فِى دِينِكُمْ غَيْرَ ٱلْحَقِّ وَلَا تَتَّبِعُوٓا۟ أَهْوَآءَ قَوْمٍ قَدْ ضَلُّوا۟ مِن قَبْلُ وَأَضَلُّوا۟ كَثِيرًا وَضَلُّوا۟ عَن سَوَآءِ ٱلسَّبِيلِ
Qul ya ahla alkitabi la taghloo fee deenikum ghayra alhaqqi wala tattabiAAoo ahwaa qawmin qad dalloo min qablu waadalloo katheeran wadalloo AAan sawai alssabeeli
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ حق کانسواءِ پنھنجي دين ۾ حد کان نه لنگھو ۽ انھيءَ قوم جي سڌن جي پٺيان نه لڳو جيڪي بيشڪ (پاڻ به) اڳ ڀُلا آھن ۽ (ٻـين) گھڻن کي (به) ڀُلايو اٿن ۽ سڌيءَ واٽ کان ڀُلا آھن.
لُعِنَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِنۢ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ عَلَىٰ لِسَانِ دَاوُۥدَ وَعِيسَى ٱبْنِ مَرْيَمَ ذَٰلِكَ بِمَا عَصَوا۟ وَّكَانُوا۟ يَعْتَدُونَ
LuAAina allatheena kafaroo min banee israeela AAala lisani dawooda waAAeesa ibni maryama thalika bima AAasaw wakanoo yaAAtadoona
بني اسرائيلن مان جيڪي ڪافر ٿيا تن تي داؤد ۽ عيسىٰ پٽ مريم جي زبان سان لعنت ڪئي ويئي آھي، اُھو ھن سببان آھي جو بي فرماني ڪيائون ۽ حد کان لنگھندا ھئا.
كَانُوا۟ لَا يَتَنَاهَوْنَ عَن مُّنكَرٍ فَعَلُوهُ لَبِئْسَ مَا كَانُوا۟ يَفْعَلُونَ
Kanoo la yatanahawna AAan munkarin faAAaloohu labisa ma kanoo yafAAaloona
جيڪي بد ڪم ڪندا ھئا تن کان ھڪ ٻئي کي نه جھليندا ھوا، جيڪي ڪندا ھئا سو ضرور بد آھي.
تَرَىٰ كَثِيرًا مِّنْهُمْ يَتَوَلَّوْنَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لَبِئْسَ مَا قَدَّمَتْ لَهُمْ أَنفُسُهُمْ أَن سَخِطَ ٱللَّهُ عَلَيْهِمْ وَفِى ٱلْعَذَابِ هُمْ خَٰلِدُونَ
Tara katheeran minhum yatawallawna allatheena kafaroo labisa ma qaddamat lahum anfusuhum an sakhita Allahu AAalayhim wafee alAAathabi hum khalidoona
(اي پيغمبر) منجھانئن گھڻن کي ڏسين ٿو ته ڪافرن سان دوستي رکندا آھن، جيڪي اُنھن پاڻ لاءِ اڳ موڪليو آھي سو بڇڙو آھي جو مٿن الله جو ڏمرجڻ آھي ۽ اُن عذاب ۾ سدائين رھڻ وارا آھن.
وَلَوْ كَانُوا۟ يُؤْمِنُونَ بِٱللَّهِ وَٱلنَّبِىِّ وَمَآ أُنزِلَ إِلَيْهِ مَا ٱتَّخَذُوهُمْ أَوْلِيَآءَ وَلَٰكِنَّ كَثِيرًا مِّنْهُمْ فَٰسِقُونَ
Walaw kanoo yuminoona biAllahi waalnnabiyyi wama onzila ilayhi ma ittakhathoohum awliyaa walakinna katheeran minhum fasiqoona
۽ جيڪڏھن (اُھي) الله ۽ (پنھنجي) پيغمبر کي ۽ جيڪي پيغمبر ڏانھن لاٿو ويو تنھن کي مڃين ھا ته انھن (مشرڪن) کي دوست ڪري نه وٺن ھا پر منجھانئن گھڻا ايمان کان نڪتل آھن.
لَتَجِدَنَّ أَشَدَّ ٱلنَّاسِ عَدَٰوَةً لِّلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ٱلْيَهُودَ وَٱلَّذِينَ أَشْرَكُوا۟ وَلَتَجِدَنَّ أَقْرَبَهُم مَّوَدَّةً لِّلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ٱلَّذِينَ قَالُوٓا۟ إِنَّا نَصَٰرَىٰ ذَٰلِكَ بِأَنَّ مِنْهُمْ قِسِّيسِينَ وَرُهْبَانًا وَأَنَّهُمْ لَا يَسْتَكْبِرُونَ
Latajidanna ashadda alnnasi AAadawatan lillatheena amanoo alyahooda waallatheena ashrakoo walatajidanna aqrabahum mawaddatan lillatheena amanoo allatheena qaloo inna nasara thalika bianna minhum qisseeseena waruhbanan waannahum la yastakbiroona
(اي پيغمبر) يھودين ۽ مشرڪن کي مؤمنن لاءِ ٻـين ماڻھن کان بلڪل وڌيڪ دشمني ڪرڻ وارو ضرور ڏسندين، ۽ جيڪي چون ٿا ته اسين نصارىٰ آھيون تن کي مسلمانن سان دوستي ڪرڻ ۾ ڏاڍو ويجھو ڏسندين، اِھو ھن سببان آھي جو منجھانئن ڪي عالم ۽ ڪي فقير آھن ۽ بيشڪ اُھي وڏائي نه ڪندا آھن.
وَإِذَا سَمِعُوا۟ مَآ أُنزِلَ إِلَى ٱلرَّسُولِ تَرَىٰٓ أَعْيُنَهُمْ تَفِيضُ مِنَ ٱلدَّمْعِ مِمَّا عَرَفُوا۟ مِنَ ٱلْحَقِّ يَقُولُونَ رَبَّنَآ ءَامَنَّا فَٱكْتُبْنَا مَعَ ٱلشَّٰهِدِينَ
Waitha samiAAoo ma onzila ila alrrasooli tara aAAyunahum tafeedu mina alddamAAi mimma AAarafoo mina alhaqqi yaqooloona rabbana amanna faoktubna maAAa alshshahideena
۽ جيڪي پيغمبر ڏانھن لاٿو ويو سو جڏھن ٻڌندا آھن تڏھن سندين اکين کي انھيءَ سببان جو سچ کي سڃاتائون ڳوڙھا ڳاڙيندو ڏسندين، چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار ايمان آندوسين تنھنڪري اسان کي شاھدن ۾ لِک.
وَمَا لَنَا لَا نُؤْمِنُ بِٱللَّهِ وَمَا جَآءَنَا مِنَ ٱلْحَقِّ وَنَطْمَعُ أَن يُدْخِلَنَا رَبُّنَا مَعَ ٱلْقَوْمِ ٱلصَّٰلِحِينَ
Wama lana la numinu biAllahi wama jaana mina alhaqqi wanatmaAAu an yudkhilana rabbuna maAAa alqawmi alssaliheena
۽ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو الله کي ۽ جيڪي اسان وٽ سچ (يعني قرآن) آيو تنھن کي ھن ھوندي به نه مڃيون جو اُميد ٿا رکون ته اسان جو پالڻھار اسان کي صالحن جي ٽوليءَ سان (گڏي بھشت ۾) گھيريندو.
فَأَثَٰبَهُمُ ٱللَّهُ بِمَا قَالُوا۟ جَنَّٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ خَٰلِدِينَ فِيهَا وَذَٰلِكَ جَزَآءُ ٱلْمُحْسِنِينَ
Faathabahumu Allahu bima qaloo jannatin tajree min tahtiha alanharu khalideena feeha wathalika jazao almuhsineena
پوءِ جيڪي چيائون تنھن سببان الله کين بھشت ڏنو جنھن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اِھو ڀلارن جو بدلو آھي.
وَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَكَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَآ أُو۟لَٰٓئِكَ أَصْحَٰبُ ٱلْجَحِيمِ
Waallatheena kafaroo wakaththaboo biayatina olaika ashabu aljaheemi
۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو اُھي دوزخي آھن.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.