Oku Surat MaidahSure okuma
فَأَثَٰبَهُمُ ٱللَّهُ بِمَا قَالُوا۟ جَنَّٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ خَٰلِدِينَ فِيهَا وَذَٰلِكَ جَزَآءُ ٱلْمُحْسِنِينَ
Faathabahumu Allahu bima qaloo jannatin tajree min tahtiha alanharu khalideena feeha wathalika jazao almuhsineena
پوءِ جيڪي چيائون تنھن سببان الله کين بھشت ڏنو جنھن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اِھو ڀلارن جو بدلو آھي.
وَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَكَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَآ أُو۟لَٰٓئِكَ أَصْحَٰبُ ٱلْجَحِيمِ
Waallatheena kafaroo wakaththaboo biayatina olaika ashabu aljaheemi
۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو اُھي دوزخي آھن.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تُحَرِّمُوا۟ طَيِّبَٰتِ مَآ أَحَلَّ ٱللَّهُ لَكُمْ وَلَا تَعْتَدُوٓا۟ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يُحِبُّ ٱلْمُعْتَدِينَ
Ya ayyuha allatheena amanoo la tuharrimoo tayyibati ma ahalla Allahu lakum wala taAAtadoo inna Allaha la yuhibbu almuAAtadeena
اي ايمان وارؤ جيڪي پاڪ شيون الله اوھان لاءِ حلال ڪيون آھن سي حرام نه بڻايو ۽ نڪي حد کان لنگھو، بيشڪ الله حد کان لنگھندڙن کي دوست نه رکندو آھي.
وَكُلُوا۟ مِمَّا رَزَقَكُمُ ٱللَّهُ حَلَٰلًا طَيِّبًا وَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ ٱلَّذِىٓ أَنتُم بِهِۦ مُؤْمِنُونَ
Wakuloo mimma razaqakumu Allahu halalan tayyiban waittaqoo Allaha allathee antum bihi muminoona
۽ جيڪي الله اوھان کي پاڪ حلال رزق ڏنو آھي تنھن مان کائو، ۽ اُن الله کان ڊڄو جنھن کي مڃيندڙ آھيو.
لَا يُؤَاخِذُكُمُ ٱللَّهُ بِٱللَّغْوِ فِىٓ أَيْمَٰنِكُمْ وَلَٰكِن يُؤَاخِذُكُم بِمَا عَقَّدتُّمُ ٱلْأَيْمَٰنَ فَكَفَّٰرَتُهُۥٓ إِطْعَامُ عَشَرَةِ مَسَٰكِينَ مِنْ أَوْسَطِ مَا تُطْعِمُونَ أَهْلِيكُمْ أَوْ كِسْوَتُهُمْ أَوْ تَحْرِيرُ رَقَبَةٍ فَمَن لَّمْ يَجِدْ فَصِيَامُ ثَلَٰثَةِ أَيَّامٍ ذَٰلِكَ كَفَّٰرَةُ أَيْمَٰنِكُمْ إِذَا حَلَفْتُمْ وَٱحْفَظُوٓا۟ أَيْمَٰنَكُمْ كَذَٰلِكَ يُبَيِّنُ ٱللَّهُ لَكُمْ ءَايَٰتِهِۦ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
La yuakhithukumu Allahu biallaghwi fee aymanikum walakin yuakhithukum bima AAaqqadtumu alaymana fakaffaratuhu itAAamu AAasharati masakeena min awsati ma tutAAimoona ahleekum aw kiswatuhum aw tahreeru raqabatin faman lam yajid fasiyamu thalathati ayyamin thalika kaffaratu aymanikum itha halaftum waihfathoo aymanakum kathalika yubayyinu Allahu lakum ayatihi laAAallakum tashkuroona
الله اوھان جي اجاين قسمن کڻڻ ۾ اوھان کي نه پڪڙيندو پر جيڪي قسم اوھان پڪي نيت سان کنيا تنھن سببان اوھانکي وَٺ ڪندو، پوءِ ان جي ڪفارت وچٿرو (کاڌو) جيڪي پنھنجي عيال کي کارائيندا آھيو تنھن مان ڏھن مسڪينن کي کاڌو ڏيڻ آھي يا کين ويس ڍڪائڻ يا ٻانھون آجو ڪرڻ (جڳائي)، پوءِ جيڪو نه لھي ته ٽي ڏينھن روزو رکڻ لازم آھي، جڏھن اوھين قسم کڻو (۽ ڀڃو تڏھن) اِھا ڪفارت اوھان جي قسمن جي آھي، ۽ پنھنجي قسمن کي (ڀڃڻ کان) سوگھو رکو، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ پنھنجا حڪم بيان ڪندو آھي مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِنَّمَا ٱلْخَمْرُ وَٱلْمَيْسِرُ وَٱلْأَنصَابُ وَٱلْأَزْلَٰمُ رِجْسٌ مِّنْ عَمَلِ ٱلشَّيْطَٰنِ فَٱجْتَنِبُوهُ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ
Ya ayyuha allatheena amanoo innama alkhamru waalmaysiru waalansabu waalazlamu rijsun min AAamali alshshaytani faijtaniboohu laAAallakum tuflihoona
اي ايمان وارؤ شراب ۽ جؤا ۽ پوڄا آستانا ۽ ڍارا پليتُ شيطاني ڪمن مان آھن تنھنڪري اوھين کانئن پرھيز ڪريو ته مانَ ڇٽو.
إِنَّمَا يُرِيدُ ٱلشَّيْطَٰنُ أَن يُوقِعَ بَيْنَكُمُ ٱلْعَدَٰوَةَ وَٱلْبَغْضَآءَ فِى ٱلْخَمْرِ وَٱلْمَيْسِرِ وَيَصُدَّكُمْ عَن ذِكْرِ ٱللَّهِ وَعَنِ ٱلصَّلَوٰةِ فَهَلْ أَنتُم مُّنتَهُونَ
Innama yureedu alshshaytanu an yooqiAAa baynakumu alAAadawata waalbaghdaa fee alkhamri waalmaysiri wayasuddakum AAan thikri Allahi waAAani alssalati fahal antum muntahoona
شيطان جو ارادو شراب (پيارڻ) ۽ جؤا (کيڏائڻ) ۾ ھن کانسواءِ نه آھي ته اوھان جي وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجھي ۽ الله جي ياد ڪرڻ کان ۽ نماز کان اوھان کي جھلي، پوءِ (ھاڻي به) اوھين (نه) جھلبؤ ڇا؟
وَأَطِيعُوا۟ ٱللَّهَ وَأَطِيعُوا۟ ٱلرَّسُولَ وَٱحْذَرُوا۟ فَإِن تَوَلَّيْتُمْ فَٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّمَا عَلَىٰ رَسُولِنَا ٱلْبَلَٰغُ ٱلْمُبِينُ
WaateeAAoo Allaha waateeAAoo alrrasoola waihtharoo fain tawallaytum faiAAlamoo annama AAala rasoolina albalaghu almubeenu
۽ الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ ڊڄو، پوءِ جيڪڏھن اوھين ڦرندؤ ته (پڪ) ڄاڻو ته اسان جي پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پھچائڻ آھي.
لَيْسَ عَلَى ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ جُنَاحٌ فِيمَا طَعِمُوٓا۟ إِذَا مَا ٱتَّقَوا۟ وَّءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ ثُمَّ ٱتَّقَوا۟ وَّءَامَنُوا۟ ثُمَّ ٱتَّقَوا۟ وَّأَحْسَنُوا۟ وَٱللَّهُ يُحِبُّ ٱلْمُحْسِنِينَ
Laysa AAala allatheena amanoo waAAamiloo alssalihati junahun feema taAAimoo itha ma ittaqaw waamanoo waAAamiloo alssalihati thumma ittaqaw waamanoo thumma ittaqaw waahsanoo waAllahu yuhibbu almuhsineena
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن تي جيڪي (اڳ) کاڌائون تنھن ۾ گناہ نه آھي جڏھن پرھيزگاري ڪيائون ۽ ايمان آندائون ۽ چڱا ڪم ڪيائون وري پرھيزگاري ڪيائون ۽ ايمان آندائون وري پرھيزگاري ڪيائون ۽ چڱائي ڪيائون، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَيَبْلُوَنَّكُمُ ٱللَّهُ بِشَىْءٍ مِّنَ ٱلصَّيْدِ تَنَالُهُۥٓ أَيْدِيكُمْ وَرِمَاحُكُمْ لِيَعْلَمَ ٱللَّهُ مَن يَخَافُهُۥ بِٱلْغَيْبِ فَمَنِ ٱعْتَدَىٰ بَعْدَ ذَٰلِكَ فَلَهُۥ عَذَابٌ أَلِيمٌ
Ya ayyuha allatheena amanoo layabluwannakumu Allahu bishayin mina alssaydi tanaluhu aydeekum warimahukum liyaAAlama Allahu man yakhafuhu bialghaybi famani iAAtada baAAda thalika falahu AAathabun aleemun
اي ايمان وارؤ الله ڪنھن شڪار (جي حڪم) سان جنھن کي اوھان جا ھٿ يا اوھان جا تير پھچن اوھان کي ھن لاءِ ضرور پرکيندو ته الله نکيڙي ته ڪير کانئس پرپُٺ ڊڄندو آھي، پوءِ جيڪو ھن کانپوءِ حد کان لنگھندو تنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.