قراءة سورة المؤمنونمع الترجمة
رَبَّنَآ أَخْرِجْنَا مِنْهَا فَإِنْ عُدْنَا فَإِنَّا ظَٰلِمُونَ
Rabbana akhrijna minha fain AAudna fainna thalimoona
چوندا ته اي اسان جا پالڻھار ھتان اسان کي ٻاھر ڪڍ پوءِ جيڪڏھن موٽي (ڪفر) ڪريون ته بيشڪ اسين ظالم ٿيون.
قَالَ ٱخْسَـُٔوا۟ فِيهَا وَلَا تُكَلِّمُونِ
Qala ikhsaoo feeha wala tukallimooni
(الله) فرمائيندو ته منجھس خوار پيا رھو ۽ مون سان نه ڳالھايو.
إِنَّهُۥ كَانَ فَرِيقٌ مِّنْ عِبَادِى يَقُولُونَ رَبَّنَآ ءَامَنَّا فَٱغْفِرْ لَنَا وَٱرْحَمْنَا وَأَنتَ خَيْرُ ٱلرَّٰحِمِينَ
Innahu kana fareequn min AAibadee yaqooloona rabbana amanna faighfir lana wairhamna waanta khayru alrrahimeena
ڇوته منھنجن ٻانھن مان ھڪ ٽولي ھئي جا چوندي ھئي ته اي اسان جا پالڻھار اسان ايمان آندو تنھنڪري اسان کي بخش ۽ اسان تي رحم ڪر ۽ تون (سڀ کان) چڱو ٻاجھارو آھين.
فَٱتَّخَذْتُمُوهُمْ سِخْرِيًّا حَتَّىٰٓ أَنسَوْكُمْ ذِكْرِى وَكُنتُم مِّنْهُمْ تَضْحَكُونَ
Faittakhathtumoohum sikhriyyan hatta ansawkum thikree wakuntum minhum tadhakoona
پوءِ ايسين کين ٺـٺولي ڪري ورتوَ جيسين (سندن دشمنيءَ) اوھان (جي دل) کان منھنجي يادگيري وسارائي ۽ اوھين مٿن کِليؤ ٿي.
إِنِّى جَزَيْتُهُمُ ٱلْيَوْمَ بِمَا صَبَرُوٓا۟ أَنَّهُمْ هُمُ ٱلْفَآئِزُونَ
Innee jazaytuhumu alyawma bima sabaroo annahum humu alfaizoona
بيشڪ اڄ کين چڱو بدلو انھي ڪري ڏنم جو صبر ڪيو ھئائون جو اُھي مراد ماڻيندڙ آھن.
قَٰلَ كَمْ لَبِثْتُمْ فِى ٱلْأَرْضِ عَدَدَ سِنِينَ
Qala kam labithtum fee alardi AAadada sineena
(الله) فرمائيندو ته زمين ۾ (اوھين) ڪيترا ورھ رھيؤ؟
قَالُوا۟ لَبِثْنَا يَوْمًا أَوْ بَعْضَ يَوْمٍ فَسْـَٔلِ ٱلْعَآدِّينَ
Qaloo labithna yawman aw baAAda yawmin faisali alAAaddeena
چوندا ته ھڪ ڏينھن يا ڏينھن جو ڀاڱو رھياسون پوءِ ڳڻيندڙن کان پُڇا ڪر.
قَٰلَ إِن لَّبِثْتُمْ إِلَّا قَلِيلًا لَّوْ أَنَّكُمْ كُنتُمْ تَعْلَمُونَ
Qala in labithtum illa qaleelan law annakum kuntum taAAlamoona
(الله) فرمائيندو ته ٿوريءَ (دير) کانسواءِ نه رھيا ھيؤ جيڪر اوھين ڄاڻو ھا.
أَفَحَسِبْتُمْ أَنَّمَا خَلَقْنَٰكُمْ عَبَثًا وَأَنَّكُمْ إِلَيْنَا لَا تُرْجَعُونَ
Afahasibtum annama khalaqnakum AAabathan waannakum ilayna la turjaAAoona
اوھين ڀانيو ٿا ڇا ته اوھان کي اجايو بڻايو اٿئون ۽ اوھين اسان ڏانھن وري نه موٽايا ويندؤ؟
فَتَعَٰلَى ٱللَّهُ ٱلْمَلِكُ ٱلْحَقُّ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ رَبُّ ٱلْعَرْشِ ٱلْكَرِيمِ
FataAAala Allahu almaliku alhaqqu la ilaha illa huwa rabbu alAAarshi alkareemi
پوءِ الله سچو بادشاھ تمام مٿاھون آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي (اھو) سڳوري عرش جو پالڻھار آھي.
يقوم الباحث الإسلامي بجلب القرآن, mp3 القرآن الكريم اليك حتى يجعل تلاوته أكثر سهولة. مع أداة إستكشاف القرآن، بضغطة زر يُمكنك إختيار الصورة التي ترغب في تلاوتها! مٌقدماً لك الترجمة والنسخ بالعربية والعديد من اللغات الأخرى، لم تكن تلاوة القرآن بهذه السهولة من قبل. قراءة سعيدة!
روابط سريعة
Contact Us

Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.