Baca Surah Muminundengan terjemahan
فَمَنِ ٱبْتَغَىٰ وَرَآءَ ذَٰلِكَ فَأُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْعَادُونَ
Famani ibtagha waraa thalika faolaika humu alAAadoona
پوءِ جيڪي اُنھن (پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين) کانسواءِ طلبيندا سي ئي حد کان لنگھندڙ آھن.
وَٱلَّذِينَ هُمْ لِأَمَٰنَٰتِهِمْ وَعَهْدِهِمْ رَٰعُونَ
Waallatheena hum liamanatihim waAAahdihim raAAoona
۽ جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجي انجام کي سنڀاليندڙ آھن.
وَٱلَّذِينَ هُمْ عَلَىٰ صَلَوَٰتِهِمْ يُحَافِظُونَ
Waallatheena hum AAala salawatihim yuhafithoona
۽ جيڪي پنھنجين نمازن جي نگاھ رکندا آھن.
ٱلَّذِينَ يَرِثُونَ ٱلْفِرْدَوْسَ هُمْ فِيهَا خَٰلِدُونَ
Allatheena yarithoona alfirdawsa hum feeha khalidoona
جيڪي نيٺ بھشت جا وارث ٿيندا، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.
وَلَقَدْ خَلَقْنَا ٱلْإِنسَٰنَ مِن سُلَٰلَةٍ مِّن طِينٍ
Walaqad khalaqna alinsana min sulalatin min teenin
۽ بيشڪ ماڻھوءَ کي مٽيءَ جي ست مان بڻايوسون.
ثُمَّ جَعَلْنَٰهُ نُطْفَةً فِى قَرَارٍ مَّكِينٍ
Thumma jaAAalnahu nutfatan fee qararin makeenin
وري اُن کي نطفو ڪري مُحڪم جاءِ ۾ رکيوسون.
ثُمَّ خَلَقْنَا ٱلنُّطْفَةَ عَلَقَةً فَخَلَقْنَا ٱلْعَلَقَةَ مُضْغَةً فَخَلَقْنَا ٱلْمُضْغَةَ عِظَٰمًا فَكَسَوْنَا ٱلْعِظَٰمَ لَحْمًا ثُمَّ أَنشَأْنَٰهُ خَلْقًا ءَاخَرَ فَتَبَارَكَ ٱللَّهُ أَحْسَنُ ٱلْخَٰلِقِينَ
Thumma khalaqna alnnutfata AAalaqatan fakhalaqna alAAalaqata mudghatan fakhalaqna almudghata AAithaman fakasawna alAAithama lahman thumma anshanahu khalqan akhara fatabaraka Allahu ahsanu alkhaliqeena
وري (اُن) نُطفي کي رت جو دڳ بڻايوسون وري (اُن) رت جي دڳ کي ٻوٽي بڻايوسون وري (اُن) ٻوٽي کي ھڏا بڻايوسون پوءِ (اُنھن) ھڏن کي گوشت پھرايوسون، وري اُن کي ٻي (نئين) بڻاوت بڻائي سون، پوءِ الله (وڏيءَ) برڪت وارو (سڀ کان) ڏاڍو چڱو خلقيندڙ آھي.
ثُمَّ إِنَّكُم بَعْدَ ذَٰلِكَ لَمَيِّتُونَ
Thumma innakum baAAda thalika lamayyitoona
وري بيشڪ اوھين ان کانپوءِ ضرور مرندؤ.
ثُمَّ إِنَّكُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ تُبْعَثُونَ
Thumma innakum yawma alqiyamati tubAAathoona
وري بيشڪ اوھين قيامت جي ڏينھن اُٿاربؤ.
Contact Us

Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.