Baca Surah Nahldengan terjemahan
لَا جَرَمَ أَنَّهُمْ فِى ٱلْءَاخِرَةِ هُمُ ٱلْخَٰسِرُونَ
La jarama annahum fee alakhirati humu alkhasiroona
بلاشڪ اُھي ئي آخرت ۾ ڇيئي وارا آھن.
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذِينَ هَاجَرُوا۟ مِنۢ بَعْدِ مَا فُتِنُوا۟ ثُمَّ جَٰهَدُوا۟ وَصَبَرُوٓا۟ إِنَّ رَبَّكَ مِنۢ بَعْدِهَا لَغَفُورٌ رَّحِيمٌ
Thumma inna rabbaka lillatheena hajaroo min baAAdi ma futinoo thumma jahadoo wasabaroo inna rabbaka min baAAdiha laghafoorun raheemun
وري بيشڪ تنھنجو پالڻھار انھن کي (بخشي ٿو) جيڪي (ڪفر جي ڪلمي چوڻ لاءِ ڪافرن جي ھٿان) ايذايا ويا پوءِ وطن ڇڏيائون وري جھاد ڪيائون ۽ صبر ڪيائون بيشڪ تنھنجو پالڻھار ان کانپوءِ ضرور بخشڻھار مھربان آھي.
يَوْمَ تَأْتِى كُلُّ نَفْسٍ تُجَٰدِلُ عَن نَّفْسِهَا وَتُوَفَّىٰ كُلُّ نَفْسٍ مَّا عَمِلَتْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ
Yawma tatee kullu nafsin tujadilu AAan nafsiha watuwaffa kullu nafsin ma AAamilat wahum la yuthlamoona
انھيءَ ڏينھن سڀڪو جيءُ پنھنجي طرفان جھيڙو ڪندو ايندو ۽ سڀڪنھن نفس جيڪي ڪمايو تنھنجو کيس پورو بدلو ڏبو ۽ انھن سان ظلم نه ڪبو.
وَضَرَبَ ٱللَّهُ مَثَلًا قَرْيَةً كَانَتْ ءَامِنَةً مُّطْمَئِنَّةً يَأْتِيهَا رِزْقُهَا رَغَدًا مِّن كُلِّ مَكَانٍ فَكَفَرَتْ بِأَنْعُمِ ٱللَّهِ فَأَذَٰقَهَا ٱللَّهُ لِبَاسَ ٱلْجُوعِ وَٱلْخَوْفِ بِمَا كَانُوا۟ يَصْنَعُونَ
Wadaraba Allahu mathalan qaryatan kanat aminatan mutmainnatan yateeha rizquha raghadan min kulli makanin fakafarat bianAAumi Allahi faathaqaha Allahu libasa aljooAAi waalkhawfi bima kanoo yasnaAAoona
۽ الله ھڪ ڳوٺ جو (ھڪ) قِصو بيان ڪيو جو بي ڀئو آراميل ھو ان کي سندس روزي سڀڪنھن ھنڌان سوکائيءَ سان ايندي ھئي پوءِ الله جي نعمتن جي بي شڪرائي ڪيائون پوءِ جيڪي ڪندا ھوا تنھن سببان الله کين بُک ۽ ڀؤ جي پوشاڪ چکائي.
وَلَقَدْ جَآءَهُمْ رَسُولٌ مِّنْهُمْ فَكَذَّبُوهُ فَأَخَذَهُمُ ٱلْعَذَابُ وَهُمْ ظَٰلِمُونَ
Walaqad jaahum rasoolun minhum fakaththaboohu faakhathahumu alAAathabu wahum thalimoona
۽ بيشڪ منجھائن (ھڪ) پيغمبر وٽن آيو پوءِ کيس ڪُوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين عذاب پڪڙيو ۽ اُھي ظالم ھوا.
فَكُلُوا۟ مِمَّا رَزَقَكُمُ ٱللَّهُ حَلَٰلًا طَيِّبًا وَٱشْكُرُوا۟ نِعْمَتَ ٱللَّهِ إِن كُنتُمْ إِيَّاهُ تَعْبُدُونَ
Fakuloo mimma razaqakumu Allahu halalan tayyiban waoshkuroo niAAmata Allahi in kuntum iyyahu taAAbudoona
پوءِ الله اوھان کي جيڪا حلال (۽) سُٺي روزي ڪري ڏني تنھن مان کائو، ۽ جيڪڏھن اُھين خاص الله جي عبادت ڪندا آھيو ته سندس نعمتن جو شڪرانو ڪريو.
إِنَّمَا حَرَّمَ عَلَيْكُمُ ٱلْمَيْتَةَ وَٱلدَّمَ وَلَحْمَ ٱلْخِنزِيرِ وَمَآ أُهِلَّ لِغَيْرِ ٱللَّهِ بِهِۦ فَمَنِ ٱضْطُرَّ غَيْرَ بَاغٍ وَلَا عَادٍ فَإِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
Innama harrama AAalaykumu almaytata waalddama walahma alkhinzeeri wama ohilla lighayri Allahi bihi famani idturra ghayra baghin wala AAadin fainna Allaha ghafoorun raheemun
مئل ڍور ۽ رت ۽ سوئر جو ماس ۽ جنھن شيء کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وڃي تنھن کانسواءِ ٻيو (ڪي به) اوھان تي حرام نه ڪيائين، پوءِ جيڪو نافرماني ڪندڙ نه ھجي ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿي لاچار ٿئي (۽ کائي) ته بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.
وَلَا تَقُولُوا۟ لِمَا تَصِفُ أَلْسِنَتُكُمُ ٱلْكَذِبَ هَٰذَا حَلَٰلٌ وَهَٰذَا حَرَامٌ لِّتَفْتَرُوا۟ عَلَى ٱللَّهِ ٱلْكَذِبَ إِنَّ ٱلَّذِينَ يَفْتَرُونَ عَلَى ٱللَّهِ ٱلْكَذِبَ لَا يُفْلِحُونَ
Wala taqooloo lima tasifu alsinatukumu alkathiba hatha halalun wahatha haramun litaftaroo AAala Allahi alkathiba inna allatheena yaftaroona AAala Allahi alkathiba la yuflihoona
۽ جن شين کي اوھان جون زبانون ڪوڙ سان بيان ڪنديون آھن تن لاءِ (ھنڪري) نه چئو ته ھي حلال آھي ۽ ھيءُ حرام آھي ته الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھيو، بيشڪ جيڪي الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھيندا آھن سي (ڪڏھن) نه ڇٽندا.
مَتَٰعٌ قَلِيلٌ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
MataAAun qaleelun walahum AAathabun aleemun
(۽ ھيءُ حياتي) ٿوري وَٿ آھي، ۽ اُنھن لاءِ آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
وَعَلَى ٱلَّذِينَ هَادُوا۟ حَرَّمْنَا مَا قَصَصْنَا عَلَيْكَ مِن قَبْلُ وَمَا ظَلَمْنَٰهُمْ وَلَٰكِن كَانُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ يَظْلِمُونَ
WaAAala allatheena hadoo harramna ma qasasna AAalayka min qablu wama thalamnahum walakin kanoo anfusahum yathlimoona
۽ جيڪي توتي ھن کان اڳ بيان ڪيوسون سو يھودين تي حرام ڪيو ھوسون، ۽ اسان مٿن ظلم نه ڪيو پر (ھو) پاڻ تي ظلم ڪندا ھوا.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.