Oku Surat NahlSure okuma
وَلَا تَقُولُوا۟ لِمَا تَصِفُ أَلْسِنَتُكُمُ ٱلْكَذِبَ هَٰذَا حَلَٰلٌ وَهَٰذَا حَرَامٌ لِّتَفْتَرُوا۟ عَلَى ٱللَّهِ ٱلْكَذِبَ إِنَّ ٱلَّذِينَ يَفْتَرُونَ عَلَى ٱللَّهِ ٱلْكَذِبَ لَا يُفْلِحُونَ
Wala taqooloo lima tasifu alsinatukumu alkathiba hatha halalun wahatha haramun litaftaroo AAala Allahi alkathiba inna allatheena yaftaroona AAala Allahi alkathiba la yuflihoona
۽ جن شين کي اوھان جون زبانون ڪوڙ سان بيان ڪنديون آھن تن لاءِ (ھنڪري) نه چئو ته ھي حلال آھي ۽ ھيءُ حرام آھي ته الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھيو، بيشڪ جيڪي الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھيندا آھن سي (ڪڏھن) نه ڇٽندا.
مَتَٰعٌ قَلِيلٌ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
MataAAun qaleelun walahum AAathabun aleemun
(۽ ھيءُ حياتي) ٿوري وَٿ آھي، ۽ اُنھن لاءِ آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
وَعَلَى ٱلَّذِينَ هَادُوا۟ حَرَّمْنَا مَا قَصَصْنَا عَلَيْكَ مِن قَبْلُ وَمَا ظَلَمْنَٰهُمْ وَلَٰكِن كَانُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ يَظْلِمُونَ
WaAAala allatheena hadoo harramna ma qasasna AAalayka min qablu wama thalamnahum walakin kanoo anfusahum yathlimoona
۽ جيڪي توتي ھن کان اڳ بيان ڪيوسون سو يھودين تي حرام ڪيو ھوسون، ۽ اسان مٿن ظلم نه ڪيو پر (ھو) پاڻ تي ظلم ڪندا ھوا.
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذِينَ عَمِلُوا۟ ٱلسُّوٓءَ بِجَهَٰلَةٍ ثُمَّ تَابُوا۟ مِنۢ بَعْدِ ذَٰلِكَ وَأَصْلَحُوٓا۟ إِنَّ رَبَّكَ مِنۢ بَعْدِهَا لَغَفُورٌ رَّحِيمٌ
Thumma inna rabbaka lillatheena AAamiloo alssooa bijahalatin thumma taboo min baAAdi thalika waaslahoo inna rabbaka min baAAdiha laghafoorun raheemun
وري جن بي سمجھائي سان بڇڙا ڪم ڪيا وري اُن کانپوءِ توبه ڪيائون ۽ پاڻ سڌاريائون تن لاءِ تنھنجو پالڻھار اُن (توبه) کانپوءِ بلڪل بخشڻھار مھربان آھي.
إِنَّ إِبْرَٰهِيمَ كَانَ أُمَّةً قَانِتًا لِّلَّهِ حَنِيفًا وَلَمْ يَكُ مِنَ ٱلْمُشْرِكِينَ
Inna ibraheema kana ommatan qanitan lillahi haneefan walam yaku mina almushrikeena
ابراھيمؑ ھڪ طرفو ٿيل الله جي عبادت ڪندڙ امام ھو، ۽ مُشرڪن مان نه ھو.
شَاكِرًا لِّأَنْعُمِهِ ٱجْتَبَىٰهُ وَهَدَىٰهُ إِلَىٰ صِرَٰطٍ مُّسْتَقِيمٍ
Shakiran lianAAumihi ijtabahu wahadahu ila siratin mustaqeemin
الله جي نعمتن جو شُڪر ڪندڙ ھو، (الله) کيس سڳورو ڪيو ۽ سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪيائينس.
وَءَاتَيْنَٰهُ فِى ٱلدُّنْيَا حَسَنَةً وَإِنَّهُۥ فِى ٱلْءَاخِرَةِ لَمِنَ ٱلصَّٰلِحِينَ
Waataynahu fee alddunya hasanatan wainnahu fee alakhirati lamina alssaliheena
۽ دنيا ۾ کيس چڱائي ڏني سون، ۽ بيشڪ اُھو آخرت ۾ ڀلارن مان آھي.
ثُمَّ أَوْحَيْنَآ إِلَيْكَ أَنِ ٱتَّبِعْ مِلَّةَ إِبْرَٰهِيمَ حَنِيفًا وَمَا كَانَ مِنَ ٱلْمُشْرِكِينَ
Thumma awhayna ilayka ani ittabiAA millata ibraheema haneefan wama kana mina almushrikeena
(اي پيغمبر اُن کان) پوءِ توڏانھن وحي ڪيوسون ته ھڪ مُھاڙي دين ابراھيم جي تابعداري ڪر، ۽ ابراھيم مشرڪن مان نه ھو.
إِنَّمَا جُعِلَ ٱلسَّبْتُ عَلَى ٱلَّذِينَ ٱخْتَلَفُوا۟ فِيهِ وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَحْكُمُ بَيْنَهُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ فِيمَا كَانُوا۟ فِيهِ يَخْتَلِفُونَ
Innama juAAila alssabtu AAala allatheena ikhtalafoo feehi wainna rabbaka layahkumu baynahum yawma alqiyamati feema kanoo feehi yakhtalifoona
جن ڇنڇر بابت تڪرار ڪيو تن کانسواءِ ٻـين تي اُن (جي تعظيم) جو حُڪم لازم نه ڪيو ويو، ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ ضرور نبيرو ڪندو جنھن ۾ تڪرار ڪندا آھن.
ٱدْعُ إِلَىٰ سَبِيلِ رَبِّكَ بِٱلْحِكْمَةِ وَٱلْمَوْعِظَةِ ٱلْحَسَنَةِ وَجَٰدِلْهُم بِٱلَّتِى هِىَ أَحْسَنُ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبِيلِهِۦ وَهُوَ أَعْلَمُ بِٱلْمُهْتَدِينَ
OdAAu ila sabeeli rabbika bialhikmati waalmawAAithati alhasanati wajadilhum biallatee hiya ahsanu inna rabbaka huwa aAAlamu biman dalla AAan sabeelihi wahuwa aAAlamu bialmuhtadeena
(اي پيغمبر) حڪمت ۽ چڱي نصيحت سان پنھنجي پالڻھار جي واٽ ڏانھن (ماڻھن کي) سڏ ۽ چڱي طرح کين الزام ڏي، تحقيق جيڪو الله جي واٽ کان گمراھ ٿيو تنھنکي تنھنجو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي ۽ اُھو ھدايت وارن کي (به) چڱو ڄاڻندڙ آھي.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.