Baca Surah Nahldengan terjemahan
وَٱلَّذِينَ يَدْعُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ لَا يَخْلُقُونَ شَيْـًٔا وَهُمْ يُخْلَقُونَ
Waallatheena yadAAoona min dooni Allahi la yakhluqoona shayan wahum yukhlaqoona
۽ جن کي الله کانسواءِ سڏيندا آھن سي ڪا شيء خلقي نه سگھندا آھن ۽ اُھي (پاڻ) خلقيا ويا آھن.
أَمْوَٰتٌ غَيْرُ أَحْيَآءٍ وَمَا يَشْعُرُونَ أَيَّانَ يُبْعَثُونَ
Amwatun ghayru ahyain wama yashAAuroona ayyana yubAAathoona
بي جان مُردا آھن، ۽ نه ڄاڻندا آھن ته ڪڏھن کڙا ڪيا ويندا.
إِلَٰهُكُمْ إِلَٰهٌ وَٰحِدٌ فَٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱلْءَاخِرَةِ قُلُوبُهُم مُّنكِرَةٌ وَهُم مُّسْتَكْبِرُونَ
Ilahukum ilahun wahidun faallatheena la yuminoona bialakhirati quloobuhum munkiratun wahum mustakbiroona
اوھان جو معبود ھڪڙو خُدا آھي، پوءِ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جون دليون مڃڻ واريون نه آھن ۽ اُھي وڏائي ڪندڙ آھن.
لَا جَرَمَ أَنَّ ٱللَّهَ يَعْلَمُ مَا يُسِرُّونَ وَمَا يُعْلِنُونَ إِنَّهُۥ لَا يُحِبُّ ٱلْمُسْتَكْبِرِينَ
La jarama anna Allaha yaAAlamu ma yusirroona wama yuAAlinoona innahu la yuhibbu almustakbireena
(ڪافر) جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي (ھو) پڌرو ڪندا آھن سو بلاشڪ الله ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو وڏائي ڪندڙن کي پيار نه ڪندو آھي.
وَإِذَا قِيلَ لَهُم مَّاذَآ أَنزَلَ رَبُّكُمْ قَالُوٓا۟ أَسَٰطِيرُ ٱلْأَوَّلِينَ
Waitha qeela lahum matha anzala rabbukum qaloo asateeru alawwaleena
۽ جڏھن اُنھن کي چئبو آھي ته اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي؟ (تڏھن) چوندا آھن ته اڳين جون اکاڻيون.
لِيَحْمِلُوٓا۟ أَوْزَارَهُمْ كَامِلَةً يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ وَمِنْ أَوْزَارِ ٱلَّذِينَ يُضِلُّونَهُم بِغَيْرِ عِلْمٍ أَلَا سَآءَ مَا يَزِرُونَ
Liyahmiloo awzarahum kamilatan yawma alqiyamati wamin awzari allatheena yudilloonahum bighayri AAilmin ala saa ma yaziroona
(اھو سندن چوڻ) ھن لاءِ آھي جو قيامت جي ڏينھن پنھنجو پورو بار کڻندا ۽ جن کي اڻ ڄاڻائيءَ سان گمراہ ڪندا آھن تن جو (به) ڪجھ بار کڻندا، خبردار جيڪو (به) بار کڻندا سو بڇڙو آھي.
قَدْ مَكَرَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ فَأَتَى ٱللَّهُ بُنْيَٰنَهُم مِّنَ ٱلْقَوَاعِدِ فَخَرَّ عَلَيْهِمُ ٱلسَّقْفُ مِن فَوْقِهِمْ وَأَتَىٰهُمُ ٱلْعَذَابُ مِنْ حَيْثُ لَا يَشْعُرُونَ
Qad makara allatheena min qablihim faata Allahu bunyanahum mina alqawaAAidi fakharra AAalayhimu alssaqfu min fawqihim waatahumu alAAathabu min haythu la yashAAuroona
جيڪي کائن اڳ ھوا تن بيشڪ فريب ڪيو پوءِ الله جو حُڪم سندن اڏاوتن کي پيڙھي کان پٽيو ۽ انھن تي مٿانئن ڇت اچي ڪري ۽ کين عذاب اُتان پُھتو جتان ڄاتائون ئي نه ٿي.
ثُمَّ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ يُخْزِيهِمْ وَيَقُولُ أَيْنَ شُرَكَآءِىَ ٱلَّذِينَ كُنتُمْ تُشَٰٓقُّونَ فِيهِمْ قَالَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْعِلْمَ إِنَّ ٱلْخِزْىَ ٱلْيَوْمَ وَٱلسُّوٓءَ عَلَى ٱلْكَٰفِرِينَ
Thumma yawma alqiyamati yukhzeehim wayaqoolu ayna shurakaiya allatheena kuntum tushaqqoona feehim qala allatheena ootoo alAAilma inna alkhizya alyawma waalssooa AAala alkafireena
وري قيامت جي ڏينھن کين خوار ڪندو ۽ چوندو ته (اوھان جا) مون سان ٺھرايل شريڪ جن جي بابت اوھين تڪرار ڪندا ھيؤ سي ڪٿي آھن؟ جن کي عِلم ڏنو ويو سي چوندا ته اَڄ انھن ڪافرن تي خواري ۽ بڇڙائي آھي.
ٱلَّذِينَ تَتَوَفَّىٰهُمُ ٱلْمَلَٰٓئِكَةُ ظَالِمِىٓ أَنفُسِهِمْ فَأَلْقَوُا۟ ٱلسَّلَمَ مَا كُنَّا نَعْمَلُ مِن سُوٓءٍۭ بَلَىٰٓ إِنَّ ٱللَّهَ عَلِيمٌۢ بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
Allatheena tatawaffahumu almalaikatu thalimee anfusihim faalqawoo alssalama ma kunna naAAmalu min sooin bala inna Allaha AAaleemun bima kuntum taAAmaloona
جن جو ملائڪ اھڙيءَ حالت ۾ ساہ ڪڍندا آھن جو پاڻ تي ظالم ھوا، اُھي صُلح پيش ڪندا (۽ چوندا ته) اسان ڪا بڇڙائي نه ڪئي ھئي، (ملائڪ چوندا ته) ھائو! جيڪي اوھين ڪندا ھيؤ سو الله ڄاڻندڙ آھي.
فَٱدْخُلُوٓا۟ أَبْوَٰبَ جَهَنَّمَ خَٰلِدِينَ فِيهَا فَلَبِئْسَ مَثْوَى ٱلْمُتَكَبِّرِينَ
Faodkhuloo abwaba jahannama khalideena feeha falabisa mathwa almutakabbireena
پوءِ دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ ھجو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آھي.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.