Baca Surah Nahldengan terjemahan
لِيَحْمِلُوٓا۟ أَوْزَارَهُمْ كَامِلَةً يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ وَمِنْ أَوْزَارِ ٱلَّذِينَ يُضِلُّونَهُم بِغَيْرِ عِلْمٍ أَلَا سَآءَ مَا يَزِرُونَ
Liyahmiloo awzarahum kamilatan yawma alqiyamati wamin awzari allatheena yudilloonahum bighayri AAilmin ala saa ma yaziroona
(اھو سندن چوڻ) ھن لاءِ آھي جو قيامت جي ڏينھن پنھنجو پورو بار کڻندا ۽ جن کي اڻ ڄاڻائيءَ سان گمراہ ڪندا آھن تن جو (به) ڪجھ بار کڻندا، خبردار جيڪو (به) بار کڻندا سو بڇڙو آھي.
قَدْ مَكَرَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ فَأَتَى ٱللَّهُ بُنْيَٰنَهُم مِّنَ ٱلْقَوَاعِدِ فَخَرَّ عَلَيْهِمُ ٱلسَّقْفُ مِن فَوْقِهِمْ وَأَتَىٰهُمُ ٱلْعَذَابُ مِنْ حَيْثُ لَا يَشْعُرُونَ
Qad makara allatheena min qablihim faata Allahu bunyanahum mina alqawaAAidi fakharra AAalayhimu alssaqfu min fawqihim waatahumu alAAathabu min haythu la yashAAuroona
جيڪي کائن اڳ ھوا تن بيشڪ فريب ڪيو پوءِ الله جو حُڪم سندن اڏاوتن کي پيڙھي کان پٽيو ۽ انھن تي مٿانئن ڇت اچي ڪري ۽ کين عذاب اُتان پُھتو جتان ڄاتائون ئي نه ٿي.
ثُمَّ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ يُخْزِيهِمْ وَيَقُولُ أَيْنَ شُرَكَآءِىَ ٱلَّذِينَ كُنتُمْ تُشَٰٓقُّونَ فِيهِمْ قَالَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْعِلْمَ إِنَّ ٱلْخِزْىَ ٱلْيَوْمَ وَٱلسُّوٓءَ عَلَى ٱلْكَٰفِرِينَ
Thumma yawma alqiyamati yukhzeehim wayaqoolu ayna shurakaiya allatheena kuntum tushaqqoona feehim qala allatheena ootoo alAAilma inna alkhizya alyawma waalssooa AAala alkafireena
وري قيامت جي ڏينھن کين خوار ڪندو ۽ چوندو ته (اوھان جا) مون سان ٺھرايل شريڪ جن جي بابت اوھين تڪرار ڪندا ھيؤ سي ڪٿي آھن؟ جن کي عِلم ڏنو ويو سي چوندا ته اَڄ انھن ڪافرن تي خواري ۽ بڇڙائي آھي.
ٱلَّذِينَ تَتَوَفَّىٰهُمُ ٱلْمَلَٰٓئِكَةُ ظَالِمِىٓ أَنفُسِهِمْ فَأَلْقَوُا۟ ٱلسَّلَمَ مَا كُنَّا نَعْمَلُ مِن سُوٓءٍۭ بَلَىٰٓ إِنَّ ٱللَّهَ عَلِيمٌۢ بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
Allatheena tatawaffahumu almalaikatu thalimee anfusihim faalqawoo alssalama ma kunna naAAmalu min sooin bala inna Allaha AAaleemun bima kuntum taAAmaloona
جن جو ملائڪ اھڙيءَ حالت ۾ ساہ ڪڍندا آھن جو پاڻ تي ظالم ھوا، اُھي صُلح پيش ڪندا (۽ چوندا ته) اسان ڪا بڇڙائي نه ڪئي ھئي، (ملائڪ چوندا ته) ھائو! جيڪي اوھين ڪندا ھيؤ سو الله ڄاڻندڙ آھي.
فَٱدْخُلُوٓا۟ أَبْوَٰبَ جَهَنَّمَ خَٰلِدِينَ فِيهَا فَلَبِئْسَ مَثْوَى ٱلْمُتَكَبِّرِينَ
Faodkhuloo abwaba jahannama khalideena feeha falabisa mathwa almutakabbireena
پوءِ دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ ھجو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آھي.
وَقِيلَ لِلَّذِينَ ٱتَّقَوْا۟ مَاذَآ أَنزَلَ رَبُّكُمْ قَالُوا۟ خَيْرًا لِّلَّذِينَ أَحْسَنُوا۟ فِى هَٰذِهِ ٱلدُّنْيَا حَسَنَةٌ وَلَدَارُ ٱلْءَاخِرَةِ خَيْرٌ وَلَنِعْمَ دَارُ ٱلْمُتَّقِينَ
Waqeela lillatheena ittaqaw matha anzala rabbukum qaloo khayran lillatheena ahsanoo fee hathihi alddunya hasanatun waladaru alakhirati khayrun walaniAAma daru almuttaqeena
۽ پرھيزگارن کي چيو ويندو ته ته اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي، چوندا ته چڱائي، جن ھن دنيا ۾ چڱائي ڪئي تن لاءِ چڱائي آھي، ۽ آخرت جو گھر ضرور ڀلو آھي، ۽ پرھيزگارن جو گھر ضرور ڀلو آھي.
جَنَّٰتُ عَدْنٍ يَدْخُلُونَهَا تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ لَهُمْ فِيهَا مَا يَشَآءُونَ كَذَٰلِكَ يَجْزِى ٱللَّهُ ٱلْمُتَّقِينَ
Jannatu AAadnin yadkhuloonaha tajree min tahtiha alanharu lahum feeha ma yashaoona kathalika yajzee Allahu almuttaqeena
جو ھميشه جي رھڻ وارا باغ آھن اُن ۾ گھڙندا انھن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ منجھس آھي، اھڙي طرح الله پرھيزگارن کي بدلو ڏيندو.
ٱلَّذِينَ تَتَوَفَّىٰهُمُ ٱلْمَلَٰٓئِكَةُ طَيِّبِينَ يَقُولُونَ سَلَٰمٌ عَلَيْكُمُ ٱدْخُلُوا۟ ٱلْجَنَّةَ بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
Allatheena tatawaffahumu almalaikatu tayyibeena yaqooloona salamun AAalaykumu odkhuloo aljannata bima kuntum taAAmaloona
(اِھي اُھي آھن) جن کي ملائڪ پاڪ حالت ۾ ماريندا آھن (ملائڪ) چوندا آھن اَلسّلامُ عليڪم جيڪي ڪندا ھيؤ تنھن سببان بھشت ۾ گھِڙو.
هَلْ يَنظُرُونَ إِلَّآ أَن تَأْتِيَهُمُ ٱلْمَلَٰٓئِكَةُ أَوْ يَأْتِىَ أَمْرُ رَبِّكَ كَذَٰلِكَ فَعَلَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ وَمَا ظَلَمَهُمُ ٱللَّهُ وَلَٰكِن كَانُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ يَظْلِمُونَ
Hal yanthuroona illa an tatiyahumu almalaikatu aw yatiya amru rabbika kathalika faAAala allatheena min qablihim wama thalamahumu Allahu walakin kanoo anfusahum yathlimoona
ڪافر (موت جي) ملائڪن جي پاڻ وٽ اچڻ يا تنھنجي پالڻھار (جي عذاب) جي حُڪم اچڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪو انتظار نه ڪندا آھن، جيڪي کائن اڳ ھوا تن به اھڙي طرح ڪيو ھو، ۽ الله مٿن ظلم نه ڪيو پر اُھي پاڻ تي ظلم ڪندا ھوا.
فَأَصَابَهُمْ سَيِّـَٔاتُ مَا عَمِلُوا۟ وَحَاقَ بِهِم مَّا كَانُوا۟ بِهِۦ يَسْتَهْزِءُونَ
Faasabahum sayyiatu ma AAamiloo wahaqa bihim ma kanoo bihi yastahzioona
پوءِ کين سندن ڪرتوتن جي بڇڙائي پھتي ۽ جنھن لاءِ ٺـٺوليون ڪندا ھوا سا کين ويڙھي ويئي.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.