Oku Surat NisaSure okuma
أُو۟لَٰٓئِكَ مَأْوَىٰهُمْ جَهَنَّمُ وَلَا يَجِدُونَ عَنْهَا مَحِيصًا
Olaika mawahum jahannamu wala yajidoona AAanha maheesan
اھڙن (ماڻھن) جي جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُن کان ڀڄڻ جي ڪا واہ نه لھندا.
وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ سَنُدْخِلُهُمْ جَنَّٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ خَٰلِدِينَ فِيهَآ أَبَدًا وَعْدَ ٱللَّهِ حَقًّا وَمَنْ أَصْدَقُ مِنَ ٱللَّهِ قِيلًا
Waallatheena amanoo waAAamiloo alssalihati sanudkhiluhum jannatin tajree min tahtiha alanharu khalideena feeha abadan waAAda Allahi haqqan waman asdaqu mina Allahi qeelan
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سگھوئي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن، (اھو) الله جو پڪو انجام آھي، ۽ انجام ڏيڻ ۾ الله کان وڌيڪ سچو ڪير آھي.
لَّيْسَ بِأَمَانِيِّكُمْ وَلَآ أَمَانِىِّ أَهْلِ ٱلْكِتَٰبِ مَن يَعْمَلْ سُوٓءًا يُجْزَ بِهِۦ وَلَا يَجِدْ لَهُۥ مِن دُونِ ٱللَّهِ وَلِيًّا وَلَا نَصِيرًا
Laysa biamaniyyikum wala amaniyyi ahli alkitabi man yaAAmal sooan yujza bihi wala yajid lahu min dooni Allahi waliyyan wala naseeran
(۽) نڪي اوھان جي سَڌن تي نڪي ڪتاب وارن جي سَڌن تي (ڇوٽڪارو) آھي، جيڪو ڪا مدائي ڪندو تنھن کي ان جي سزا ڏبي ۽ الله کانسواءِ پاڻ لاءِ نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار لھندو.
وَمَن يَعْمَلْ مِنَ ٱلصَّٰلِحَٰتِ مِن ذَكَرٍ أَوْ أُنثَىٰ وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَأُو۟لَٰٓئِكَ يَدْخُلُونَ ٱلْجَنَّةَ وَلَا يُظْلَمُونَ نَقِيرًا
Waman yaAAmal mina alssalihati min thakarin aw ontha wahuwa muminun faolaika yadkhuloona aljannata wala yuthlamoona naqeeran
۽ جيڪي (ماڻھو) مرد يا زال مؤمن ٿي چڱا ڪم ڪندا سي بھشت ۾ گھڙندا ۽ تر جيترو به ظلم نه ڪبن.
وَمَنْ أَحْسَنُ دِينًا مِّمَّنْ أَسْلَمَ وَجْهَهُۥ لِلَّهِ وَهُوَ مُحْسِنٌ وَٱتَّبَعَ مِلَّةَ إِبْرَٰهِيمَ حَنِيفًا وَٱتَّخَذَ ٱللَّهُ إِبْرَٰهِيمَ خَلِيلًا
Waman ahsanu deenan mimman aslama wajhahu lillahi wahuwa muhsinun waittabaAAa millata ibraheema haneefan waittakhatha Allahu ibraheema khaleelan
۽ دين جي ڪري انھيءَ کان وڌيڪ چڱو ڪير آھي؟ جنھن پنھنجو مُنھن (سر) الله لاءِ نوايو ۽ اُھو چڱائي ڪندڙ آھي ۽ ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جي پيروي ڪئي اٿس، ۽ الله ابراھيم کي پنھنجو خاص دوست بڻايو ھو.
وَلِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ وَكَانَ ٱللَّهُ بِكُلِّ شَىْءٍ مُّحِيطًا
Walillahi ma fee alssamawati wama fee alardi wakana Allahu bikulli shayin muheetan
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي گھيرو ڪندڙ آھي.
وَيَسْتَفْتُونَكَ فِى ٱلنِّسَآءِ قُلِ ٱللَّهُ يُفْتِيكُمْ فِيهِنَّ وَمَا يُتْلَىٰ عَلَيْكُمْ فِى ٱلْكِتَٰبِ فِى يَتَٰمَى ٱلنِّسَآءِ ٱلَّٰتِى لَا تُؤْتُونَهُنَّ مَا كُتِبَ لَهُنَّ وَتَرْغَبُونَ أَن تَنكِحُوهُنَّ وَٱلْمُسْتَضْعَفِينَ مِنَ ٱلْوِلْدَٰنِ وَأَن تَقُومُوا۟ لِلْيَتَٰمَىٰ بِٱلْقِسْطِ وَمَا تَفْعَلُوا۟ مِنْ خَيْرٍ فَإِنَّ ٱللَّهَ كَانَ بِهِۦ عَلِيمًا
Wayastaftoonaka fee alnnisai quli Allahu yufteekum feehinna wama yutla AAalaykum fee alkitabi fee yatama alnnisai allatee la tutoonahunna ma kutiba lahunna watarghaboona an tankihoohunna waalmustadAAafeena mina alwildani waan taqoomoo lilyatama bialqisti wama tafAAaloo min khayrin fainna Allaha kana bihi AAaleeman
(اي پيغمبر) زالن بابت توکان پڇن ٿا، چؤ ته الله انھن بابت اوھان کي حُڪم ڪري ٿو ۽ (پڻ) جيڪي اوھان کي (ھن) ڪتاب ۾ (اڳ) پڙھي ٻڌايو ويو آھي سو انھن يتيمن زالن بابت آھي جن کي سندن حق جيڪو انھن لاءِ لازم ڪيو ويو سو نه ڏيندا آھيو ۽ کين پرڻجڻ جي خواھش ڪندا آھيو ۽ (پڻ) ھيڻن ٻارن بابت (سو اُھو حُڪم قائم آھي) ۽ يتيمن (جي حقن ادا ڪرڻ) لاءِ انصاف تي بيھڪ وٺو، ۽ اوھين جيڪا ڪا چڱائي ڪندؤ تنھن کي الله ڄاڻندڙ آھي.
وَإِنِ ٱمْرَأَةٌ خَافَتْ مِنۢ بَعْلِهَا نُشُوزًا أَوْ إِعْرَاضًا فَلَا جُنَاحَ عَلَيْهِمَآ أَن يُصْلِحَا بَيْنَهُمَا صُلْحًا وَٱلصُّلْحُ خَيْرٌ وَأُحْضِرَتِ ٱلْأَنفُسُ ٱلشُّحَّ وَإِن تُحْسِنُوا۟ وَتَتَّقُوا۟ فَإِنَّ ٱللَّهَ كَانَ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرًا
Waini imraatun khafat min baAAliha nushoozan aw iAAradan fala junaha AAalayhima an yusliha baynahuma sulhan waalssulhu khayrun waohdirati alanfusu alshshuhha wain tuhsinoo watattaqoo fainna Allaha kana bima taAAmaloona khabeeran
۽ جيڪڏھن ڪا زال پنھنجي مڙس جي بي پرواھيءَ يا منھن موڙڻ کان ڊڄي ته ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ صُلح ڪن (ڪنھن به قسم جو صُلح) ته ٻنھين تي گناھ نه آھي، ۽ صُلح ڀلو آھي، ۽ نفس (ته) بخل کي ويجھو ڪيا ويا آھن، ۽ جيڪڏھن اوھين چڱائي ڪندؤ ۽ پرھيزگار ٿيندؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.
وَلَن تَسْتَطِيعُوٓا۟ أَن تَعْدِلُوا۟ بَيْنَ ٱلنِّسَآءِ وَلَوْ حَرَصْتُمْ فَلَا تَمِيلُوا۟ كُلَّ ٱلْمَيْلِ فَتَذَرُوهَا كَٱلْمُعَلَّقَةِ وَإِن تُصْلِحُوا۟ وَتَتَّقُوا۟ فَإِنَّ ٱللَّهَ كَانَ غَفُورًا رَّحِيمًا
Walan tastateeAAoo an taAAdiloo bayna alnnisai walaw harastum fala tameeloo kulla almayli fatatharooha kaalmuAAallaqati wain tuslihoo watattaqoo fainna Allaha kana ghafooran raheeman
۽ اوھين زالن جي وچ ۾ ڪڏھن به برابري رکي نه سگھندؤ توڻيڪ گھڻي خواھش ڪريو تنھنڪري اوھين (ھڪ پاسي اھڙو) سارو لاڙو نه لڙو جو ٻيءَ کي لڙڪيل وانگر ڇڏيو، ۽ جيڪڏھن اوھين (پاڻ ۾) صُلح ڪريو ۽ پرھيزگار ٿيو ته الله بخشڻھار مھربان آھي.
وَإِن يَتَفَرَّقَا يُغْنِ ٱللَّهُ كُلًّا مِّن سَعَتِهِۦ وَكَانَ ٱللَّهُ وَٰسِعًا حَكِيمًا
Wain yatafarraqa yughni Allahu kullan min saAAatihi wakana Allahu wasiAAan hakeeman
۽ جيڪڏھن ٻئي جدا ٿيندا ته الله پنھنجي فضل سان ھر ڪنھن کي آسودو ڪندو، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو حڪمت وارو آھي.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.