Oku Surat NisaSure okuma
وَإِن يَتَفَرَّقَا يُغْنِ ٱللَّهُ كُلًّا مِّن سَعَتِهِۦ وَكَانَ ٱللَّهُ وَٰسِعًا حَكِيمًا
Wain yatafarraqa yughni Allahu kullan min saAAatihi wakana Allahu wasiAAan hakeeman
۽ جيڪڏھن ٻئي جدا ٿيندا ته الله پنھنجي فضل سان ھر ڪنھن کي آسودو ڪندو، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو حڪمت وارو آھي.
وَلِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ وَلَقَدْ وَصَّيْنَا ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَٰبَ مِن قَبْلِكُمْ وَإِيَّاكُمْ أَنِ ٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَإِن تَكْفُرُوا۟ فَإِنَّ لِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ وَكَانَ ٱللَّهُ غَنِيًّا حَمِيدًا
Walillahi ma fee alssamawati wama fee alardi walaqad wassayna allatheena ootoo alkitaba min qablikum waiyyakum ani ittaqoo Allaha wain takfuroo fainna lillahi ma fee alssamawati wama fee alardi wakana Allahu ghaniyyan hameedan
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ اوھان کان اڳ ڪتاب وارن کي ۽ (ھاڻي) خلاصو اوھان کي بيشڪ وصيت ڪئي اٿئون ته الله کان ڊڄو، ۽ جيڪڏھن نه مڃيندؤ ته (سمجھو ته) جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (خاص) الله جو آھي، ۽ الله بي پرواہ ساراھيل آھي.
وَلِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ وَكِيلًا
Walillahi ma fee alssamawati wama fee alardi wakafa biAllahi wakeelan
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (خاص) الله جو آھي، ۽ الله ڀرجھلو بس آھي.
إِن يَشَأْ يُذْهِبْكُمْ أَيُّهَا ٱلنَّاسُ وَيَأْتِ بِـَٔاخَرِينَ وَكَانَ ٱللَّهُ عَلَىٰ ذَٰلِكَ قَدِيرًا
In yasha yuthhibkum ayyuha alnnasu wayati biakhareena wakana Allahu AAala thalika qadeeran
اي ماڻھؤ جيڪڏھن الله گھري ته اوھان کي فنا ڪري ڇڏي ۽ ٻـين کي پيدا ڪري، ۽ الله انھيءَ (ڪم) تي وس وارو آھي.
مَّن كَانَ يُرِيدُ ثَوَابَ ٱلدُّنْيَا فَعِندَ ٱللَّهِ ثَوَابُ ٱلدُّنْيَا وَٱلْءَاخِرَةِ وَكَانَ ٱللَّهُ سَمِيعًۢا بَصِيرًا
Man kana yureedu thawaba alddunya faAAinda Allahi thawabu alddunya waalakhirati wakana Allahu sameeAAan baseeran
جيڪو دنيا ۾ (پنھنجين چڱائين جو) ثواب گھرندو آھي ته الله وٽ دنيا ۽ آخرت جو ثواب آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ كُونُوا۟ قَوَّٰمِينَ بِٱلْقِسْطِ شُهَدَآءَ لِلَّهِ وَلَوْ عَلَىٰٓ أَنفُسِكُمْ أَوِ ٱلْوَٰلِدَيْنِ وَٱلْأَقْرَبِينَ إِن يَكُنْ غَنِيًّا أَوْ فَقِيرًا فَٱللَّهُ أَوْلَىٰ بِهِمَا فَلَا تَتَّبِعُوا۟ ٱلْهَوَىٰٓ أَن تَعْدِلُوا۟ وَإِن تَلْوُۥٓا۟ أَوْ تُعْرِضُوا۟ فَإِنَّ ٱللَّهَ كَانَ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرًا
Ya ayyuha allatheena amanoo koonoo qawwameena bialqisti shuhadaa lillahi walaw AAala anfusikum awi alwalidayni waalaqrabeena in yakun ghaniyyan aw faqeeran faAllahu awla bihima fala tattabiAAoo alhawa an taAAdiloo wain talwoo aw tuAAridoo fainna Allaha kana bima taAAmaloona khabeeran
اي ايمان وارؤ! انصاف تي بيھندڙ الله ڪارڻ شاھدي ڏيندڙ ھجو توڻيڪ اوھان کي پاڻ تي يا ماءُ پيءُ يا مٽن تي ھجي، جيڪڏھن (اُھو ماڻھو جنھن تي حق ثابت ٿئي ٿو سو) آسودو ھجي يا سڃو ته الله اُنھن تي وڌيڪ مھربان آھي، پوءِ انصاف ڪرڻ ۾ سَڌن جي پٺيان نه لڳو، ۽ جيڪڏھن اوھين وچڙائي ڳالھائيندؤ يا منھن موڙيندؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ ءَامِنُوا۟ بِٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦ وَٱلْكِتَٰبِ ٱلَّذِى نَزَّلَ عَلَىٰ رَسُولِهِۦ وَٱلْكِتَٰبِ ٱلَّذِىٓ أَنزَلَ مِن قَبْلُ وَمَن يَكْفُرْ بِٱللَّهِ وَمَلَٰٓئِكَتِهِۦ وَكُتُبِهِۦ وَرُسُلِهِۦ وَٱلْيَوْمِ ٱلْءَاخِرِ فَقَدْ ضَلَّ ضَلَٰلًۢا بَعِيدًا
Ya ayyuha allatheena amanoo aminoo biAllahi warasoolihi waalkitabi allathee nazzala AAala rasoolihi waalkitabi allathee anzala min qablu waman yakfur biAllahi wamalaikatihi wakutubihi warusulihi waalyawmi alakhiri faqad dalla dalalan baAAeedan
اي مسلمانؤ الله کي ۽ سندس پيغمبر کي ۽ جيڪو ڪتاب پنھنجي پيغمبر تي لاٿائين ۽ جيڪو کانئس اڳ لاٿائين تنھن کي (به مڃيو)، ۽ جيڪو الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس پيغمبرن ۽ قيامت جي ڏينھن کي نه مڃيندو سو بيشڪ وڏيءَ ڀل ۾ ڀلو.
إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ثُمَّ كَفَرُوا۟ ثُمَّ ءَامَنُوا۟ ثُمَّ كَفَرُوا۟ ثُمَّ ٱزْدَادُوا۟ كُفْرًا لَّمْ يَكُنِ ٱللَّهُ لِيَغْفِرَ لَهُمْ وَلَا لِيَهْدِيَهُمْ سَبِيلًۢا
Inna allatheena amanoo thumma kafaroo thumma amanoo thumma kafaroo thumma izdadoo kufran lam yakuni Allahu liyaghfira lahum wala liyahdiyahum sabeelan
جن ايمان آندو وري ڪفر ڪيائون وري ايمان آندائون وري ڪفر ڪيائون وري ڪفر ۾ وڌندا ويا تن کي الله ڪڏھن نه بخشيندو ۽ نڪي کين ڪا واٽ ڏيکاريندو.
بَشِّرِ ٱلْمُنَٰفِقِينَ بِأَنَّ لَهُمْ عَذَابًا أَلِيمًا
Bashshiri almunafiqeena bianna lahum AAathaban aleeman
(اي پيغمبر) انھن منافقن کي (ھيءَ) سڌ ڏي ته انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
ٱلَّذِينَ يَتَّخِذُونَ ٱلْكَٰفِرِينَ أَوْلِيَآءَ مِن دُونِ ٱلْمُؤْمِنِينَ أَيَبْتَغُونَ عِندَهُمُ ٱلْعِزَّةَ فَإِنَّ ٱلْعِزَّةَ لِلَّهِ جَمِيعًا
Allatheena yattakhithoona alkafireena awliyaa min dooni almumineena ayabtaghoona AAindahumu alAAizzata fainna alAAizzata lillahi jameeAAan
جيڪي مؤمنن ڌاران ڪافرن کي دوست ڪري وٺندا آھن، اُنھن وٽان مانُ گھرندا آھن ڇا؟ ڇوته ھيڪاندو مانُ الله جوئي آھي.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.