Oku Surat NisaSure okuma
مَّآ أَصَابَكَ مِنْ حَسَنَةٍ فَمِنَ ٱللَّهِ وَمَآ أَصَابَكَ مِن سَيِّئَةٍ فَمِن نَّفْسِكَ وَأَرْسَلْنَٰكَ لِلنَّاسِ رَسُولًا وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ شَهِيدًا
Ma asabaka min hasanatin famina Allahi wama asabaka min sayyiatin famin nafsika waarsalnaka lilnnasi rasoolan wakafa biAllahi shaheedan
توکي جيڪا ڪا چڱائي پھچي ٿي سا الله وٽان (ڄاڻ)، ۽ توکي جيڪو ڪو اھنج پھچي ٿو سو پنھنجي نفس (جي ڪمن جي شامت) کان (ڀانءِ)، ۽ توکي ماڻھن لاءِ پيغمبر ڪري موڪليوسون، ۽ الله شاھد بس آھي.
مَّن يُطِعِ ٱلرَّسُولَ فَقَدْ أَطَاعَ ٱللَّهَ وَمَن تَوَلَّىٰ فَمَآ أَرْسَلْنَٰكَ عَلَيْهِمْ حَفِيظًا
Man yutiAAi alrrasoola faqad ataAAa Allaha waman tawalla fama arsalnaka AAalayhim hafeethan
جيڪو پيغمبر جي فرمانبرداري ڪندو تنھن بيشڪ الله جي فرمانبرداري ڪئي، ۽ جيڪو ڦرندو تن تي توکي نگھبان ڪري نه موڪليو اٿئون.
وَيَقُولُونَ طَاعَةٌ فَإِذَا بَرَزُوا۟ مِنْ عِندِكَ بَيَّتَ طَآئِفَةٌ مِّنْهُمْ غَيْرَ ٱلَّذِى تَقُولُ وَٱللَّهُ يَكْتُبُ مَا يُبَيِّتُونَ فَأَعْرِضْ عَنْهُمْ وَتَوَكَّلْ عَلَى ٱللَّهِ وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ وَكِيلًا
Wayaqooloona taAAatun faitha barazoo min AAindika bayyata taifatun minhum ghayra allathee taqoolu waAllahu yaktubu ma yubayyitoona faaAArid AAanhum watawakkal AAala Allahi wakafa biAllahi wakeelan
۽ (منافق تو وٽ) چوندا آھن فرمانبرداري (ڪنداسون) پوءِ جڏھن تو وٽان ھليا ويندا آھن تڏھن منجھانئن ھڪ ٽولي تنھنجي ڳالھين جي ابتڙ رات جو صلاحون ڪندي آھي، ۽ جيڪي رات جو صلاحون ڪندا آھن سي الله لکندو آھي، تنھنڪري کانئن مُنھن موڙ ۽ الله تي ڀروسو ڪر، ۽ الله وڪيل بس آھي.
أَفَلَا يَتَدَبَّرُونَ ٱلْقُرْءَانَ وَلَوْ كَانَ مِنْ عِندِ غَيْرِ ٱللَّهِ لَوَجَدُوا۟ فِيهِ ٱخْتِلَٰفًا كَثِيرًا
Afala yatadabbaroona alqurana walaw kana min AAindi ghayri Allahi lawajadoo feehi ikhtilafan katheeran
قرآن ۾ ڇونه سوچ ڪندا آھن، جيڪڏھن الله کانسواءِ ٻئي (ڪنھن) وٽان ھجي ھا ته منجھس گھڻو اختلاف لھن ھا.
وَإِذَا جَآءَهُمْ أَمْرٌ مِّنَ ٱلْأَمْنِ أَوِ ٱلْخَوْفِ أَذَاعُوا۟ بِهِۦ وَلَوْ رَدُّوهُ إِلَى ٱلرَّسُولِ وَإِلَىٰٓ أُو۟لِى ٱلْأَمْرِ مِنْهُمْ لَعَلِمَهُ ٱلَّذِينَ يَسْتَنۢبِطُونَهُۥ مِنْهُمْ وَلَوْلَا فَضْلُ ٱللَّهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهُۥ لَٱتَّبَعْتُمُ ٱلشَّيْطَٰنَ إِلَّا قَلِيلًا
Waitha jaahum amrun mina alamni awi alkhawfi athaAAoo bihi walaw raddoohu ila alrrasooli waila olee alamri minhum laAAalimahu allatheena yastanbitoonahu minhum walawla fadlu Allahi AAalaykum warahmatuhu laittabaAAtumu alshshaytana illa qaleelan
۽ جڏھن وٽن امن جي يا ڀَو جي ڪا خبر ايندي آھي ته ان کي پڌرو ڪندا آھن، ۽ جيڪڏھن ان کي پيغمبر ڏانھن ۽ پنھنجن (مسلمانن) مان اميرن ڏانھن پھچائين ھا ته منجھائن جيڪي اُنکي جاچيندا آھن سي ضرور ان کي (چڱي طرح) ڄاڻن ھا، ۽ جيڪڏھن الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ اوھان تي نه ھجي ھا ته ٿورڙن کانسواءِ ضرور شيطان جي پٺيان لڳو ھا.
فَقَٰتِلْ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ لَا تُكَلَّفُ إِلَّا نَفْسَكَ وَحَرِّضِ ٱلْمُؤْمِنِينَ عَسَى ٱللَّهُ أَن يَكُفَّ بَأْسَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَٱللَّهُ أَشَدُّ بَأْسًا وَأَشَدُّ تَنكِيلًا
Faqatil fee sabeeli Allahi la tukallafu illa nafsaka waharridi almumineena AAasa Allahu an yakuffa basa allatheena kafaroo waAllahu ashaddu basan waashaddu tankeelan
پوءِ (اي پيغمبر) الله جي واٽ ۾ ويڙھ ڪر، تنھنجي سِر کانسواءِ توتي بار نه رکيو ويو آھي ۽ مؤمنن کي ھمٿاءِ، ويجھو ئي الله ڪافرن جي ويڙھ کي روڪڻ تي آھي، ۽ الله ويڙھ جي ڪري ڏاڍو زور وارو ۽ سزا ڏيڻ ۾ (به) ڏاڍو زور وارو آھي.
مَّن يَشْفَعْ شَفَٰعَةً حَسَنَةً يَكُن لَّهُۥ نَصِيبٌ مِّنْهَا وَمَن يَشْفَعْ شَفَٰعَةً سَيِّئَةً يَكُن لَّهُۥ كِفْلٌ مِّنْهَا وَكَانَ ٱللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ مُّقِيتًا
Man yashfaAA shafaAAatan hasanatan yakun lahu naseebun minha waman yashfaAA shafaAAatan sayyiatan yakun lahu kiflun minha wakana Allahu AAala kulli shayin muqeetan
جيڪو چڱيءَ ڳالھ جي سفارش ڪندو تنھن لاءِ منجھانئس حصّو آھي، جيڪي بڇڙي ڳالھ جي سفارش ڪندو تنھن لاءِ منجھانئس حصّو آھي، ۽ الله سڀ شيءِ تي نگھبان آھي.
وَإِذَا حُيِّيتُم بِتَحِيَّةٍ فَحَيُّوا۟ بِأَحْسَنَ مِنْهَآ أَوْ رُدُّوهَآ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ حَسِيبًا
Waitha huyyeetum bitahiyyatin fahayyoo biahsana minha aw ruddooha inna Allaha kana AAala kulli shayin haseeban
۽ جڏھن اوھانکي سلام ڪرڻ سان تعظيم ڏني وڃي ته ان کان بھتر تعظيم سان (سلام) ورايو يا اوترو ورايو، ڇوته الله سڀڪنھن شيءِ جو حساب ڪندڙ آھي.
ٱللَّهُ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ لَيَجْمَعَنَّكُمْ إِلَىٰ يَوْمِ ٱلْقِيَٰمَةِ لَا رَيْبَ فِيهِ وَمَنْ أَصْدَقُ مِنَ ٱللَّهِ حَدِيثًا
Allahu la ilaha illa huwa layajmaAAannakum ila yawmi alqiyamati la rayba feehi waman asdaqu mina Allahi hadeethan
الله (اُھو آھي) جو اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، قيامت جي ڏينھن جنھن ۾ (ڪو) شڪ نه آھي اوھان کي ضرور گڏ ڪندو، ۽ الله کان ڪير (پنھنجي) ڳالھ ۾ زور سچو آھي.
فَمَا لَكُمْ فِى ٱلْمُنَٰفِقِينَ فِئَتَيْنِ وَٱللَّهُ أَرْكَسَهُم بِمَا كَسَبُوٓا۟ أَتُرِيدُونَ أَن تَهْدُوا۟ مَنْ أَضَلَّ ٱللَّهُ وَمَن يُضْلِلِ ٱللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُۥ سَبِيلًا
Fama lakum fee almunafiqeena fiatayni waAllahu arkasahum bima kasaboo atureedoona an tahdoo man adalla Allahu waman yudlili Allahu falan tajida lahu sabeelan
اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو منافقن جي بابت ٻه ٽوليون (ٿي پيا) آھيو ۽ الله سندن ڪرتوتن سببان کين اونڌو ڪيو آھي، جنھن کي الله ڀلايو تنھن کي اوھين ھدايت ڪرڻ گھُرندا آھيو ڇا؟ جنھن کي الله ڀلائيندو آھي تنھن لاءِ ڪا واٽ ڪڏھن نه لھندين.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.