قراءة سورة هودمع الترجمة
وَيَٰقَوْمِ ٱسْتَغْفِرُوا۟ رَبَّكُمْ ثُمَّ تُوبُوٓا۟ إِلَيْهِ يُرْسِلِ ٱلسَّمَآءَ عَلَيْكُم مِّدْرَارًا وَيَزِدْكُمْ قُوَّةً إِلَىٰ قُوَّتِكُمْ وَلَا تَتَوَلَّوْا۟ مُجْرِمِينَ
Waya qawmi istaghfiroo rabbakum thumma tooboo ilayhi yursili alssamaa AAalaykum midraran wayazidkum quwwatan ila quwwatikum wala tatawallaw mujrimeena
۽ اي منھنجي قوم پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبه ڪريو ته اوھان تي لڳولڳ وسندڙ ڪڪر موڪليندو ۽ اوھان جي سگھ تي سگھ وڌائيندو ۽ اوھين ڏوھي ٿي منھن نه ڦيريو.
قَالُوا۟ يَٰهُودُ مَا جِئْتَنَا بِبَيِّنَةٍ وَمَا نَحْنُ بِتَارِكِىٓ ءَالِهَتِنَا عَن قَوْلِكَ وَمَا نَحْنُ لَكَ بِمُؤْمِنِينَ
Qaloo ya hoodu ma jitana bibayyinatin wama nahnu bitarikee alihatina AAan qawlika wama nahnu laka bimumineena
چيائون ته اي ھُود اسان وٽ ڪوئي دليل نه آندو اٿئي ۽ اسين تنھنجي چوڻ تي پنھنجن معبودن کي ڇڏڻ وارا نه آھيون ۽ نڪي توکي مڃيندڙ آھيون.
إِن نَّقُولُ إِلَّا ٱعْتَرَىٰكَ بَعْضُ ءَالِهَتِنَا بِسُوٓءٍ قَالَ إِنِّىٓ أُشْهِدُ ٱللَّهَ وَٱشْهَدُوٓا۟ أَنِّى بَرِىٓءٌ مِّمَّا تُشْرِكُونَ
In naqoolu illa iAAtaraka baAAdu alihatina bisooin qala innee oshhidu Allaha waishhadoo annee bareeon mimma tushrikoona
اسين توکي رڳو (ھي ڳالھ) چئون ٿا ته اسان جي ڪِن بُتن توکي ڪي ايذايو آھي، (ھود) چيو بيشڪ آءٌ الله کي شاھد ڪريان ٿو ۽ اوھين به شاھد ھُجو تحقيق آءٌ انھن کان بيزار آھيان جن کي (الله سان) شريڪ بڻائيندا آھيو.
مِن دُونِهِۦ فَكِيدُونِى جَمِيعًا ثُمَّ لَا تُنظِرُونِ
Min doonihi fakeedoonee jameeAAan thumma la tunthirooni
اُن (الله) ڌاران پوءِ مون سان سڀئي مدائي ڪريو وري مون کي مُھلت نه ڏيو.
إِنِّى تَوَكَّلْتُ عَلَى ٱللَّهِ رَبِّى وَرَبِّكُم مَّا مِن دَآبَّةٍ إِلَّا هُوَ ءَاخِذٌۢ بِنَاصِيَتِهَآ إِنَّ رَبِّى عَلَىٰ صِرَٰطٍ مُّسْتَقِيمٍ
Innee tawakkaltu AAala Allahi rabbee warabbikum ma min dabbatin illa huwa akhithun binasiyatiha inna rabbee AAala siratin mustaqeemin
تحقيق مون پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار الله تي ڀروسو ڪيو آھي، ڪو (جاندار) چرندڙ نه آھي جنھنجي پيشانيءَ (جي چڳه) اُن (الله) کانسواءِ ٻيو ڪو (ھٿ ۾) وٺندڙ ھجي بيشڪ منھنجو پالڻھار سڌيءَ واٽ تي آھي.
فَإِن تَوَلَّوْا۟ فَقَدْ أَبْلَغْتُكُم مَّآ أُرْسِلْتُ بِهِۦٓ إِلَيْكُمْ وَيَسْتَخْلِفُ رَبِّى قَوْمًا غَيْرَكُمْ وَلَا تَضُرُّونَهُۥ شَيْـًٔا إِنَّ رَبِّى عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ حَفِيظٌ
Fain tawallaw faqad ablaghtukum ma orsiltu bihi ilaykum wayastakhlifu rabbee qawman ghayrakum wala tadurroonahu shayan inna rabbee AAala kulli shayin hafeethun
پوءِ جيڪڏھن ڦرندؤ ته (مون کي ڇا ٿيندو) بيشڪ جنھن پيغام سان اوھان ڏانھن موڪليو ويو آھيان سو اوھان کي پھچايم، ۽ منھنجو پالڻھار اوھان کانسواءِ ٻيءَ قوم کي اوھان جي جاءِ تي وھاريندو، ۽ اوھين کيس ڪُجھ ذرو نقصان پھچائي نه سگھندؤ، بيشڪ منھنجو پالڻھار سڀني شين تي نگھبان آھي.
وَلَمَّا جَآءَ أَمْرُنَا نَجَّيْنَا هُودًا وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مَعَهُۥ بِرَحْمَةٍ مِّنَّا وَنَجَّيْنَٰهُم مِّنْ عَذَابٍ غَلِيظٍ
Walamma jaa amruna najjayna hoodan waallatheena amanoo maAAahu birahmatin minna wanajjaynahum min AAathabin ghaleethin
۽ جنھن مھل اسان جو عذاب پھتو (تنھن مھل) ھود کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون، ۽ کين سخت عذاب کان ڇڏايوسون.
وَتِلْكَ عَادٌ جَحَدُوا۟ بِـَٔايَٰتِ رَبِّهِمْ وَعَصَوْا۟ رُسُلَهُۥ وَٱتَّبَعُوٓا۟ أَمْرَ كُلِّ جَبَّارٍ عَنِيدٍ
Watilka AAadun jahadoo biayati rabbihim waAAasaw rusulahu waittabaAAoo amra kulli jabbarin AAaneedin
۽ اھو حال عادين جو آھي جو پنھنجي پالڻھار جي نشانين جو انڪار ڪيائون ۽ پنھنجي پيغمبرن جي نافرماني ڪيائون ۽ سڀڪنھن ھٺيلي فساديءَ جي حُڪم جا تابعدار ٿيا.
وَأُتْبِعُوا۟ فِى هَٰذِهِ ٱلدُّنْيَا لَعْنَةً وَيَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ أَلَآ إِنَّ عَادًا كَفَرُوا۟ رَبَّهُمْ أَلَا بُعْدًا لِّعَادٍ قَوْمِ هُودٍ
WaotbiAAoo fee hathihi alddunya laAAnatan wayawma alqiyamati ala inna AAadan kafaroo rabbahum ala buAAdan liAAadin qawmi hoodin
۽ ھن دُنيا ۾ (به) ۽ قيامت جي ڏينھن (به) پويان لعنت لاتي وين، خبردار تحقيق عادين پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو، خبردار عادين کي لعنت ھجي جو ھود جي قوم ھوا.
وَإِلَىٰ ثَمُودَ أَخَاهُمْ صَٰلِحًا قَالَ يَٰقَوْمِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُۥ هُوَ أَنشَأَكُم مِّنَ ٱلْأَرْضِ وَٱسْتَعْمَرَكُمْ فِيهَا فَٱسْتَغْفِرُوهُ ثُمَّ تُوبُوٓا۟ إِلَيْهِ إِنَّ رَبِّى قَرِيبٌ مُّجِيبٌ
Waila thamooda akhahum salihan qala ya qawmi oAAbudoo Allaha ma lakum min ilahin ghayruhu huwa anshaakum mina alardi waistaAAmarakum feeha faistaghfiroohu thumma tooboo ilayhi inna rabbee qareebun mujeebun
۽ ثمود جي قوم ڏانھن سندن ڀاءُ صالحؑ کي موڪليوسون، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو ان کانسواءِ (ڪو ٻيو) معبود نه آھي، اُنھيءَ اوھان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ منجھس اوھان کي آباد ڪيائين تنھنڪري کانئس بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبه ڪريو، بيشڪ منھنجو پالڻھار ويجھو (۽) قبول ڪندڙ آھي.
يقوم الباحث الإسلامي بجلب القرآن, mp3 القرآن الكريم اليك حتى يجعل تلاوته أكثر سهولة. مع أداة إستكشاف القرآن، بضغطة زر يُمكنك إختيار الصورة التي ترغب في تلاوتها! مٌقدماً لك الترجمة والنسخ بالعربية والعديد من اللغات الأخرى، لم تكن تلاوة القرآن بهذه السهولة من قبل. قراءة سعيدة!
روابط سريعة
Contact Us

Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.