قراءة سورة هودمع الترجمة
وَيَٰقَوْمِ هَٰذِهِۦ نَاقَةُ ٱللَّهِ لَكُمْ ءَايَةً فَذَرُوهَا تَأْكُلْ فِىٓ أَرْضِ ٱللَّهِ وَلَا تَمَسُّوهَا بِسُوٓءٍ فَيَأْخُذَكُمْ عَذَابٌ قَرِيبٌ
Waya qawmi hathihi naqatu Allahi lakum ayatan fatharooha takul fee ardi Allahi wala tamassooha bisooin fayakhuthakum AAathabun qareebun
۽ اي منھنجي قوم ھيءَ الله جي ڏاچي اوھان لاءِ نشاني (مُعجزو) آھي پوءِ ان کي ڇڏيو ته الله جي زمين ۾ (جتي وڻيس اُتي) چَري ۽ ان کي ڪو ايذاءُ نه پھچايو نه ته پوءِ اوھان کي ستت ئي عذاب اچي وٺندو.
فَعَقَرُوهَا فَقَالَ تَمَتَّعُوا۟ فِى دَارِكُمْ ثَلَٰثَةَ أَيَّامٍ ذَٰلِكَ وَعْدٌ غَيْرُ مَكْذُوبٍ
FaAAaqarooha faqala tamattaAAoo fee darikum thalathata ayyamin thalika waAAdun ghayru makthoobin
پوءِ اُن جو کُچون ڪپي (ماري) وڌائون پوءِ (صالحؑ) چيو ته اوھين پنھنجن گھرن ۾ (ڇڙا) ٽي ڏينھن فائدو وٺو، اُھو فائدو ڪوڙو نه آھي.
فَلَمَّا جَآءَ أَمْرُنَا نَجَّيْنَا صَٰلِحًا وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مَعَهُۥ بِرَحْمَةٍ مِّنَّا وَمِنْ خِزْىِ يَوْمِئِذٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ ٱلْقَوِىُّ ٱلْعَزِيزُ
Falamma jaa amruna najjayna salihan waallatheena amanoo maAAahu birahmatin minna wamin khizyi yawmiithin inna rabbaka huwa alqawiyyu alAAazeezu
پوءِ جنھن مھل اسان جو عذاب آيو (تنھن مھل) صالح ۽ جن ساڻس ايمان آندو ھو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون ۽ قيامت جي ڏينھن جي خواري کان (به) تحقيق تنھنجو پالڻھار طاقت وارو ۽ غالب آھي.
وَأَخَذَ ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ ٱلصَّيْحَةُ فَأَصْبَحُوا۟ فِى دِيَٰرِهِمْ جَٰثِمِينَ
Waakhatha allatheena thalamoo alssayhatu faasbahoo fee diyarihim jathimeena
۽ (انھن) ظالمن کي ھڪ خوفناڪ آواز ورتو پوءِ صبح جو پنھنجن حويلين ۾ ڪرونڊڙا ٿي مري ويا.
كَأَن لَّمْ يَغْنَوْا۟ فِيهَآ أَلَآ إِنَّ ثَمُودَا۟ كَفَرُوا۟ رَبَّهُمْ أَلَا بُعْدًا لِّثَمُودَ
Kaan lam yaghnaw feeha ala inna thamooda kafaroo rabbahum ala buAAdan lithamooda
ڄڻڪ منجھس رھيا ئي نه ھوا، خبردار ثمودي پنھنجي رب کان منڪر ٿيا، ٻڌو! ثمودين تي لعنت ھجي.
وَلَقَدْ جَآءَتْ رُسُلُنَآ إِبْرَٰهِيمَ بِٱلْبُشْرَىٰ قَالُوا۟ سَلَٰمًا قَالَ سَلَٰمٌ فَمَا لَبِثَ أَن جَآءَ بِعِجْلٍ حَنِيذٍ
Walaqad jaat rusuluna ibraheema bialbushra qaloo salaman qala salamun fama labitha an jaa biAAijlin haneethin
۽ بيشڪ اسانجا قاصد ابراھيمؑ وٽ خوشخبري (ڏيڻ) لاءِ آيا (پوءِ) سلام ڏنائون، (ابراھيمؑ) سلام ورايو پوءِ ڀُڳل گابي (جي گوشت آڻڻ) ۾ ڪا دير نه ڪيائين.
فَلَمَّا رَءَآ أَيْدِيَهُمْ لَا تَصِلُ إِلَيْهِ نَكِرَهُمْ وَأَوْجَسَ مِنْهُمْ خِيفَةً قَالُوا۟ لَا تَخَفْ إِنَّآ أُرْسِلْنَآ إِلَىٰ قَوْمِ لُوطٍ
Falamma raa aydiyahum la tasilu ilayhi nakirahum waawjasa minhum kheefatan qaloo la takhaf inna orsilna ila qawmi lootin
پوءِ جنھن مھل سندن ھٿن کي اُن (گوشت) ڏانھن نه پھچندو ڏنائين (تنھن مھل) کين اوپرو ڀانيائين ۽ کائن دل ۾ ڊنون چيائون ته نه ڊڄ اسان کي لُوط جي قوم ڏانھن موڪليو ويو آھي.
وَٱمْرَأَتُهُۥ قَآئِمَةٌ فَضَحِكَتْ فَبَشَّرْنَٰهَا بِإِسْحَٰقَ وَمِن وَرَآءِ إِسْحَٰقَ يَعْقُوبَ
Waimraatuhu qaimatun fadahikat fabashsharnaha biishaqa wamin warai ishaqa yaAAqooba
۽ سنديس زال جا بيٺل ھُئي سا کِلي پوءِ ان کي اسحاق جي (ڄمڻ جي) ۽ اسحاق جي پٺيان يعقوب جي مُبارڪ ڏنيسون.
قَالَتْ يَٰوَيْلَتَىٰٓ ءَأَلِدُ وَأَنَا۠ عَجُوزٌ وَهَٰذَا بَعْلِى شَيْخًا إِنَّ هَٰذَا لَشَىْءٌ عَجِيبٌ
Qalat ya waylata aalidu waana AAajoozun wahatha baAAlee shaykhan inna hatha lashayon AAajeebun
چيائين ته مون لاءِ افسوس آھي آءٌ ھن حالت ۾ ڄڻينديس ڇا جو آءٌ پاڻ ڪراڙي جھور آھيان ۽ ھيءُ منھنجو مڙس ٻڍو آھي، ھي ته ھڪ عجيب ڳالھ آھي.
قَالُوٓا۟ أَتَعْجَبِينَ مِنْ أَمْرِ ٱللَّهِ رَحْمَتُ ٱللَّهِ وَبَرَكَٰتُهُۥ عَلَيْكُمْ أَهْلَ ٱلْبَيْتِ إِنَّهُۥ حَمِيدٌ مَّجِيدٌ
Qaloo ataAAjabeena min amri Allahi rahmatu Allahi wabarakatuhu AAalaykum ahla albayti innahu hameedun majeedun
چيائون ته الله جي حُڪم تي عجب ڇو ٿي ڪرين اي ھن گھر وارؤ اوھان تي الله جي ٻاجھ ۽ سندس برڪتون آھن، بيشڪ اھو (الله) ساراھيل وڏائيءَ وارو آھي.
يقوم الباحث الإسلامي بجلب القرآن, mp3 القرآن الكريم اليك حتى يجعل تلاوته أكثر سهولة. مع أداة إستكشاف القرآن، بضغطة زر يُمكنك إختيار الصورة التي ترغب في تلاوتها! مٌقدماً لك الترجمة والنسخ بالعربية والعديد من اللغات الأخرى، لم تكن تلاوة القرآن بهذه السهولة من قبل. قراءة سعيدة!
روابط سريعة
Contact Us

Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.