Baca Surah Yunusdengan terjemahan
إِنَّ رَبَّكُمُ ٱللَّهُ ٱلَّذِى خَلَقَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ فِى سِتَّةِ أَيَّامٍ ثُمَّ ٱسْتَوَىٰ عَلَى ٱلْعَرْشِ يُدَبِّرُ ٱلْأَمْرَ مَا مِن شَفِيعٍ إِلَّا مِنۢ بَعْدِ إِذْنِهِۦ ذَٰلِكُمُ ٱللَّهُ رَبُّكُمْ فَٱعْبُدُوهُ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ
Inna rabbakumu Allahu allathee khalaqa alssamawati waalarda fee sittati ayyamin thumma istawa AAala alAAarshi yudabbiru alamra ma min shafeeAAin illa min baAAdi ithnihi thalikumu Allahu rabbukum faoAAbudoohu afala tathakkaroona
بيشڪ اوھان جو پالڻھار اُھو الله آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو (۽) وري عرش ڏانھن توجّه ڪيائين اھوئي ڪمن کي رِٿيندو آھي، ڪوئي سفارش ڪندڙ نه آھي پر سندس اجازت کانپوءِ، اھوئي اوھان جو پالڻھار الله آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟
إِلَيْهِ مَرْجِعُكُمْ جَمِيعًا وَعْدَ ٱللَّهِ حَقًّا إِنَّهُۥ يَبْدَؤُا۟ ٱلْخَلْقَ ثُمَّ يُعِيدُهُۥ لِيَجْزِىَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ بِٱلْقِسْطِ وَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لَهُمْ شَرَابٌ مِّنْ حَمِيمٍ وَعَذَابٌ أَلِيمٌۢ بِمَا كَانُوا۟ يَكْفُرُونَ
Ilayhi marjiAAukum jameeAAan waAAda Allahi haqqan innahu yabdao alkhalqa thumma yuAAeeduhu liyajziya allatheena amanoo waAAamiloo alssalihati bialqisti waallatheena kafaroo lahum sharabun min hameemin waAAathabun aleemun bima kanoo yakfuroona
اوھان مڙني جو ڏانھس موٽڻ آھي، الله جو انجام سچو آھي، اھوئي پھريون (به) بڻائيندو آھي وري (به) کين ھن لاءِ موٽائي بڻائيندو ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي انصاف سان بدلو ڏئي، ۽ جن نه مڃيو تن لاءِ ٽھڪندڙ پاڻي ۽ ڏکوئيندڙ عذاب انھيءَ ڪري آھي جو ڪُفر ڪيو ھئائون.
هُوَ ٱلَّذِى جَعَلَ ٱلشَّمْسَ ضِيَآءً وَٱلْقَمَرَ نُورًا وَقَدَّرَهُۥ مَنَازِلَ لِتَعْلَمُوا۟ عَدَدَ ٱلسِّنِينَ وَٱلْحِسَابَ مَا خَلَقَ ٱللَّهُ ذَٰلِكَ إِلَّا بِٱلْحَقِّ يُفَصِّلُ ٱلْءَايَٰتِ لِقَوْمٍ يَعْلَمُونَ
Huwa allathee jaAAala alshshamsa diyaan waalqamara nooran waqaddarahu manazila litaAAlamoo AAadada alssineena waalhisaba ma khalaqa Allahu thalika illa bialhaqqi yufassilu alayati liqawmin yaAAlamoona
اُھو (الله) آھي جنھن سج کي چمڪندڙ ۽ چنڊ کي روشن ڪيو ۽ اُن (چنڊ) جون منزلون ھن لاءِ مَقرّر ڪيون ته اوھين ورھن جو ڳاڻيٽو ۽ حساب ڄاڻو، الله اِھو سچ کانسواءِ نه بڻايو آھي، ڄاڻندڙ قوم لاءِ کولي نشانيون بيان ڪندو آھي.
إِنَّ فِى ٱخْتِلَٰفِ ٱلَّيْلِ وَٱلنَّهَارِ وَمَا خَلَقَ ٱللَّهُ فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ لَءَايَٰتٍ لِّقَوْمٍ يَتَّقُونَ
Inna fee ikhtilafi allayli waalnnahari wama khalaqa Allahu fee alssamawati waalardi laayatin liqawmin yattaqoona
بيشڪ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير (۾) ۽ الله جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ بڻايو تنھن ۾ پرھيزگار قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن.
إِنَّ ٱلَّذِينَ لَا يَرْجُونَ لِقَآءَنَا وَرَضُوا۟ بِٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا وَٱطْمَأَنُّوا۟ بِهَا وَٱلَّذِينَ هُمْ عَنْ ءَايَٰتِنَا غَٰفِلُونَ
Inna allatheena la yarjoona liqaana waradoo bialhayati alddunya waitmaannoo biha waallatheena hum AAan ayatina ghafiloona
بيشڪ جيڪي اسان جي ملڻ جو آسرو نه ٿا رکن ۽ دنيا جي حياتيءَ ساڻ ريجھي ويا ۽ اُنھيءَ سان آرامي ٿي رھيا ۽ اُھي جيڪي اسان جي آيتن کان بيخبر رھيا.
أُو۟لَٰٓئِكَ مَأْوَىٰهُمُ ٱلنَّارُ بِمَا كَانُوا۟ يَكْسِبُونَ
Olaika mawahumu alnnaru bima kanoo yaksiboona
اھي جيڪي ڪمائيندا رھيا تنھن سببان انھن جو مڪان باھ آھي.
إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ يَهْدِيهِمْ رَبُّهُم بِإِيمَٰنِهِمْ تَجْرِى مِن تَحْتِهِمُ ٱلْأَنْهَٰرُ فِى جَنَّٰتِ ٱلنَّعِيمِ
Inna allatheena amanoo waAAamiloo alssalihati yahdeehim rabbuhum bieemanihim tajree min tahtihimu alanharu fee jannati alnnaAAeemi
(۽) جن مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پالڻھار سندن ايمان سببان (اھڙن بھشتن ڏانھن) سڌو رستو ڏيکاريندو، جن جي ھيٺان نعمتن وارن باغن ۾ واھيون وھنديون آھن.
دَعْوَىٰهُمْ فِيهَا سُبْحَٰنَكَ ٱللَّهُمَّ وَتَحِيَّتُهُمْ فِيهَا سَلَٰمٌ وَءَاخِرُ دَعْوَىٰهُمْ أَنِ ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ
DaAAwahum feeha subhanaka allahumma watahiyyatuhum feeha salamun waakhiru daAAwahum ani alhamdu lillahi rabbi alAAalameena
منجھن سندين دُعا (ھيءَ) آھي ته اي الله توکي پاڪائي جڳائي ۽ منجھن سندن آڌرڀاءُ سلام آھي، سندين پوئين دُعا ھيءَ آھي ته سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جُڳائي.
وَلَوْ يُعَجِّلُ ٱللَّهُ لِلنَّاسِ ٱلشَّرَّ ٱسْتِعْجَالَهُم بِٱلْخَيْرِ لَقُضِىَ إِلَيْهِمْ أَجَلُهُمْ فَنَذَرُ ٱلَّذِينَ لَا يَرْجُونَ لِقَآءَنَا فِى طُغْيَٰنِهِمْ يَعْمَهُونَ
Walaw yuAAajjilu Allahu lilnnasi alshsharra istiAAjalahum bialkhayri laqudiya ilayhim ajaluhum fanatharu allatheena la yarjoona liqaana fee tughyanihim yaAAmahoona
۽ جيڪڏھن الله ماڻھن لاءِ مدائي جلد موڪلي ھا جھڙو اُھي پنھنجي چڱائي جلد گھرندا آھن ته سندين (ٺھرايل) مدت انھن لاءِ پوري ڪئي وڃي ھا، پوءِ جيڪي اسان جي ملڻ جي اميد نه رکندا آھن تن کي سندن گمراھيءَ ۾ حيران ڇڏيندا آھيون.
وَإِذَا مَسَّ ٱلْإِنسَٰنَ ٱلضُّرُّ دَعَانَا لِجَنۢبِهِۦٓ أَوْ قَاعِدًا أَوْ قَآئِمًا فَلَمَّا كَشَفْنَا عَنْهُ ضُرَّهُۥ مَرَّ كَأَن لَّمْ يَدْعُنَآ إِلَىٰ ضُرٍّ مَّسَّهُۥ كَذَٰلِكَ زُيِّنَ لِلْمُسْرِفِينَ مَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
Waitha massa alinsana alddurru daAAana lijanbihi aw qaAAidan aw qaiman falamma kashafna AAanhu durrahu marra kaan lam yadAAuna ila durrin massahu kathalika zuyyina lilmusrifeena ma kanoo yaAAmaloona
۽ جنھن مھل ماڻھوءَ کي ڪو ڏُک پھچندو آھي (ته) پنھنجي پاسي ڀر ويٺي يا بيٺي اسان کي سڏيندو آھي، پوءِ جنھن مھل کانئس سندس ڏک لاھيندا آھيون (ته اُن وقت اھڙي ويساري ۾ پئجي) ھليو ويندو آھي (جو) ڄڻڪ کيس جا اوکائي پُھتي ھئي تنھن (جي لاھڻ) لاءِ اسان کي سڏيو ئي نه ھوائين، اھڙي طرح حد کان لنگھندڙ جيڪي ڪندا آھن سو اُنھن لاءِ سينگاريو ويو آھي.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.