Oku Surat YusufSure okuma
وَلَأَجْرُ ٱلْءَاخِرَةِ خَيْرٌ لِّلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَكَانُوا۟ يَتَّقُونَ
Walaajru alakhirati khayrun lillatheena amanoo wakanoo yattaqoona
۽ جن ايمان آندو ۽ پرھيزگاري ڪندا رھيا تن لاءِ آخرت جو اجر ضرورڀلو آھي.
وَجَآءَ إِخْوَةُ يُوسُفَ فَدَخَلُوا۟ عَلَيْهِ فَعَرَفَهُمْ وَهُمْ لَهُۥ مُنكِرُونَ
Wajaa ikhwatu yoosufa fadakhaloo AAalayhi faAAarafahum wahum lahu munkiroona
۽ يُوسف جا ڀائر آيا پوءِ وٽس ويا ته کين سڃاتائين ۽ اُھي کيس نه سڃاڻندا ھوا.
وَلَمَّا جَهَّزَهُم بِجَهَازِهِمْ قَالَ ٱئْتُونِى بِأَخٍ لَّكُم مِّنْ أَبِيكُمْ أَلَا تَرَوْنَ أَنِّىٓ أُوفِى ٱلْكَيْلَ وَأَنَا۠ خَيْرُ ٱلْمُنزِلِينَ
Walamma jahhazahum bijahazihim qala itoonee biakhin lakum min abeekum ala tarawna annee oofee alkayla waana khayru almunzileena
۽ جنھن مھل انھن لاءِ سندن سامان تيار ڪيائين (تنھن مھل کين) چيائين ته پنھنجي پيئيتي ڀاءُ کي مون وٽ آڻيو، اوھين نه ٿا ڏسو ڇا ته آءٌ پورو ماڻ ڏيان ٿو ۽ آءٌ چڱو مھماني ڪندڙ آھيان؟
فَإِن لَّمْ تَأْتُونِى بِهِۦ فَلَا كَيْلَ لَكُمْ عِندِى وَلَا تَقْرَبُونِ
Fain lam tatoonee bihi fala kayla lakum AAindee wala taqrabooni
پوءِ جيڪڏھن کيس مون وٽ نه آڻيندؤ ته اوھان لاءِ مون وٽ ڪا مئپ ڪانھي ۽ نڪي مون کي ويجھا ٿجو.
قَالُوا۟ سَنُرَٰوِدُ عَنْهُ أَبَاهُ وَإِنَّا لَفَٰعِلُونَ
Qaloo sanurawidu AAanhu abahu wainna lafaAAiloona
چيائون سگھو ان بابت (ڪنھن بھاني سان) سندس پيءُ کي راڻينداسون ۽ ضرور اسين (ايئن) ڪرڻ وارا ٿينداسون.
وَقَالَ لِفِتْيَٰنِهِ ٱجْعَلُوا۟ بِضَٰعَتَهُمْ فِى رِحَالِهِمْ لَعَلَّهُمْ يَعْرِفُونَهَآ إِذَا ٱنقَلَبُوٓا۟ إِلَىٰٓ أَهْلِهِمْ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ
Waqala lifityanihi ijAAaloo bidaAAatahum fee rihalihim laAAallahum yaAArifoonaha itha inqalaboo ila ahlihim laAAallahum yarjiAAoona
۽ (يوسف) پنھنجن ماڻھن کي چيو ته سندين موڙي سندين مڏين ۾ وجھي ڇڏيو پوءِ جڏھن پنھنجن گھرن ڏانھن موٽي وڃن مانَ انھي کي سڃاڻن مانَ اُھي وري اچن.
فَلَمَّا رَجَعُوٓا۟ إِلَىٰٓ أَبِيهِمْ قَالُوا۟ يَٰٓأَبَانَا مُنِعَ مِنَّا ٱلْكَيْلُ فَأَرْسِلْ مَعَنَآ أَخَانَا نَكْتَلْ وَإِنَّا لَهُۥ لَحَٰفِظُونَ
Falamma rajaAAoo ila abeehim qaloo ya abana muniAAa minna alkaylu faarsil maAAana akhana naktal wainna lahu lahafithoona
پوءِ جنھن مھل پنھنجي پيءُ وٽ (ڪنعان ۾) موٽي آيا (تنھن مھل) چيائون ته اي ابا (اَنَّ) مئي ڏيڻ اسان کان روڪيو ويو آھي تنھنڪري اسان مان اسان جي ڀاءُ (بنيامين) کي موڪل (ته) مئپ وٺون ۽ اسين سندس ضرور نگھبان آھيون.
قَالَ هَلْ ءَامَنُكُمْ عَلَيْهِ إِلَّا كَمَآ أَمِنتُكُمْ عَلَىٰٓ أَخِيهِ مِن قَبْلُ فَٱللَّهُ خَيْرٌ حَٰفِظًا وَهُوَ أَرْحَمُ ٱلرَّٰحِمِينَ
Qala hal amanukum AAalayhi illa kama amintukum AAala akheehi min qablu faAllahu khayrun hafithan wahuwa arhamu alrrahimeena
(يعقوب کين) چيو ته ھن جي نسبت اوھان تي اھڙو ئي اعتبار ٿو ڪريان جھڙو اڳ سندس ڀاءُ جي به نسبت اوھان تي اعتبار ڪيو ھوم، پوءِ الله چڱو نگھبان آھي، ۽ اُھو ٻاجھارن کان کان وڏو ٻاجھارو آھي.
وَلَمَّا فَتَحُوا۟ مَتَٰعَهُمْ وَجَدُوا۟ بِضَٰعَتَهُمْ رُدَّتْ إِلَيْهِمْ قَالُوا۟ يَٰٓأَبَانَا مَا نَبْغِى هَٰذِهِۦ بِضَٰعَتُنَا رُدَّتْ إِلَيْنَا وَنَمِيرُ أَهْلَنَا وَنَحْفَظُ أَخَانَا وَنَزْدَادُ كَيْلَ بَعِيرٍ ذَٰلِكَ كَيْلٌ يَسِيرٌ
Walamma fatahoo mataAAahum wajadoo bidaAAatahum ruddat ilayhim qaloo ya abana ma nabghee hathihi bidaAAatuna ruddat ilayna wanameeru ahlana wanahfathu akhana wanazdadu kayla baAAeerin thalika kaylun yaseerun
پوءِ جنھن مھل پنھنجو سامان کوليائون (ته اُن وقت) پنھنجي موڙي پاڻ وٽ موٽايل ڏٺائون، چيائون ته اي اسان جا ابا (ٻيو) اسان کي ڇا گھرجي، (جو) ھي اسان جي موڙي اسان ڏانھن وري موٽايل آھي (ته موٽي وڃون)، ۽ پنھنجن گھر وارن لاءِ اَن آڻيون ۽ پنھنجي ڀاءُ جي نگھباني ڪنداسون ۽ ھڪ اُٺ جو بار وڌيڪ به وٺنداسون، اِھو (جيڪي اَن آندو اٿئون سو) ماڻ ٿورو آھي.
قَالَ لَنْ أُرْسِلَهُۥ مَعَكُمْ حَتَّىٰ تُؤْتُونِ مَوْثِقًا مِّنَ ٱللَّهِ لَتَأْتُنَّنِى بِهِۦٓ إِلَّآ أَن يُحَاطَ بِكُمْ فَلَمَّآ ءَاتَوْهُ مَوْثِقَهُمْ قَالَ ٱللَّهُ عَلَىٰ مَا نَقُولُ وَكِيلٌ
Qala lan orsilahu maAAakum hatta tutooni mawthiqan mina Allahi latatunnanee bihi illa an yuhata bikum falamma atawhu mawthiqahum qala Allahu AAala ma naqoolu wakeelun
(يعقوب کين) چيو ته (آءٌ) اوھان سان ان کي (ايسين) ڪڏھن نه موڪليندس جيسين مون وٽ انجام ڪري الله جو سُنھن (نه) کڻندؤ ته اوھين ڪنھن اوکائي پوڻ کانسواءِ ان کي مون وٽ ضرور آڻيندؤ، پوءِ جنھن مھل کيس پنھنجو پڪو انجام ڏنائون (ته يعقوب) چيو ته جيڪي اسين چئون ٿا تنھن تي الله نگھبان آھي.
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.