Read Surah Yusufwith translation
وَلَمَّا فَتَحُوا۟ مَتَٰعَهُمْ وَجَدُوا۟ بِضَٰعَتَهُمْ رُدَّتْ إِلَيْهِمْ قَالُوا۟ يَٰٓأَبَانَا مَا نَبْغِى هَٰذِهِۦ بِضَٰعَتُنَا رُدَّتْ إِلَيْنَا وَنَمِيرُ أَهْلَنَا وَنَحْفَظُ أَخَانَا وَنَزْدَادُ كَيْلَ بَعِيرٍ ذَٰلِكَ كَيْلٌ يَسِيرٌ
Walamma fatahoo mataAAahum wajadoo bidaAAatahum ruddat ilayhim qaloo ya abana ma nabghee hathihi bidaAAatuna ruddat ilayna wanameeru ahlana wanahfathu akhana wanazdadu kayla baAAeerin thalika kaylun yaseerun
پوءِ جنھن مھل پنھنجو سامان کوليائون (ته اُن وقت) پنھنجي موڙي پاڻ وٽ موٽايل ڏٺائون، چيائون ته اي اسان جا ابا (ٻيو) اسان کي ڇا گھرجي، (جو) ھي اسان جي موڙي اسان ڏانھن وري موٽايل آھي (ته موٽي وڃون)، ۽ پنھنجن گھر وارن لاءِ اَن آڻيون ۽ پنھنجي ڀاءُ جي نگھباني ڪنداسون ۽ ھڪ اُٺ جو بار وڌيڪ به وٺنداسون، اِھو (جيڪي اَن آندو اٿئون سو) ماڻ ٿورو آھي.
قَالَ لَنْ أُرْسِلَهُۥ مَعَكُمْ حَتَّىٰ تُؤْتُونِ مَوْثِقًا مِّنَ ٱللَّهِ لَتَأْتُنَّنِى بِهِۦٓ إِلَّآ أَن يُحَاطَ بِكُمْ فَلَمَّآ ءَاتَوْهُ مَوْثِقَهُمْ قَالَ ٱللَّهُ عَلَىٰ مَا نَقُولُ وَكِيلٌ
Qala lan orsilahu maAAakum hatta tutooni mawthiqan mina Allahi latatunnanee bihi illa an yuhata bikum falamma atawhu mawthiqahum qala Allahu AAala ma naqoolu wakeelun
(يعقوب کين) چيو ته (آءٌ) اوھان سان ان کي (ايسين) ڪڏھن نه موڪليندس جيسين مون وٽ انجام ڪري الله جو سُنھن (نه) کڻندؤ ته اوھين ڪنھن اوکائي پوڻ کانسواءِ ان کي مون وٽ ضرور آڻيندؤ، پوءِ جنھن مھل کيس پنھنجو پڪو انجام ڏنائون (ته يعقوب) چيو ته جيڪي اسين چئون ٿا تنھن تي الله نگھبان آھي.
وَقَالَ يَٰبَنِىَّ لَا تَدْخُلُوا۟ مِنۢ بَابٍ وَٰحِدٍ وَٱدْخُلُوا۟ مِنْ أَبْوَٰبٍ مُّتَفَرِّقَةٍ وَمَآ أُغْنِى عَنكُم مِّنَ ٱللَّهِ مِن شَىْءٍ إِنِ ٱلْحُكْمُ إِلَّا لِلَّهِ عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ وَعَلَيْهِ فَلْيَتَوَكَّلِ ٱلْمُتَوَكِّلُونَ
Waqala ya baniyya la tadkhuloo min babin wahidin waodkhuloo min abwabin mutafarriqatin wama oghnee AAankum mina Allahi min shayin ini alhukmu illa lillahi AAalayhi tawakkaltu waAAalayhi falyatawakkali almutawakkiloona
۽ چيائين ته اي پٽؤ اوھين ھڪ دروازي کان نه گھِڙجو ۽ الڳ الڳ دروازن مان گھڙجو، ۽ آءٌ اوھان کان الله جي تقدير مان ڪابه شيء ٽاري نه ٿو سگھان، الله کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن جو حُڪم نه آھي، مٿس ڀروسو ڪيم، ۽ سڀڪنھن ڀروسي ڪندڙ کي مٿس ڀروسو ڪرڻ گھرجي.
وَلَمَّا دَخَلُوا۟ مِنْ حَيْثُ أَمَرَهُمْ أَبُوهُم مَّا كَانَ يُغْنِى عَنْهُم مِّنَ ٱللَّهِ مِن شَىْءٍ إِلَّا حَاجَةً فِى نَفْسِ يَعْقُوبَ قَضَىٰهَا وَإِنَّهُۥ لَذُو عِلْمٍ لِّمَا عَلَّمْنَٰهُ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
Walamma dakhaloo min haythu amarahum aboohum ma kana yughnee AAanhum mina Allahi min shayin illa hajatan fee nafsi yaAAqooba qadaha wainnahu lathoo AAilmin lima AAallamnahu walakinna akthara alnnasi la yaAAlamoona
۽ جھڙي طرح سندن پيءُ کين حُڪم فرمايو ھو تھڙي طرح جنھن مھل (مصر جي دروازن کان) گھڙيا، (تنھن مھل جيڪا سختي پھچين ھا) ته سندن پيءُ الله جي تقدير مان کائن ڪجھ به ٽاري نه ٿي سگھيو (اھو حُڪم ڪرڻ) يعقوب جي دل ۾ رڳو ھڪ خيال ھو جو اُن کي پورو ڪيائين، ۽ جيڪي کيس سيکاريو ھوسون تنھن سببان (اُھو) علم وارو ھو پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
وَلَمَّا دَخَلُوا۟ عَلَىٰ يُوسُفَ ءَاوَىٰٓ إِلَيْهِ أَخَاهُ قَالَ إِنِّىٓ أَنَا۠ أَخُوكَ فَلَا تَبْتَئِسْ بِمَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
Walamma dakhaloo AAala yoosufa awa ilayhi akhahu qala innee ana akhooka fala tabtais bima kanoo yaAAmaloona
۽ جنھن مھل يُوسف وٽ ويا تنھن مھل اُن پنھنجي (سڳي) ڀاءُ کي پاڻ وٽ جاءِ ڏني چيائين ته سچ پچ آءٌ تنھنجو ڀاءُ آھيان تنھنڪري جيڪي ڪيو اٿن تنھن تي ڏک نه ڪر.
فَلَمَّا جَهَّزَهُم بِجَهَازِهِمْ جَعَلَ ٱلسِّقَايَةَ فِى رَحْلِ أَخِيهِ ثُمَّ أَذَّنَ مُؤَذِّنٌ أَيَّتُهَا ٱلْعِيرُ إِنَّكُمْ لَسَٰرِقُونَ
Falamma jahhazahum bijahazihim jaAAala alssiqayata fee rahli akheehi thumma aththana muaththinun ayyatuha alAAeeru innakum lasariqoona
پوءِ جنھن مھل اُنھن لاءِ سندن سامان سنبرايائين (تنھن مھل) پنھنجي (سڳي) ڀاءُ جي مڏيءَ ۾ پيالو لڪايائين وري آواز ڪندڙ آواز ڪيو ته اي قافلي وارؤ اوھين ضرور چور اھيو.
قَالُوا۟ وَأَقْبَلُوا۟ عَلَيْهِم مَّاذَا تَفْقِدُونَ
Qaloo waaqbaloo AAalayhim matha tafqidoona
(قافلي وارن ٻڌي) انھن ڏانھن مُنھن ڪري چيو ته ڇا وڃايو اٿو؟
قَالُوا۟ نَفْقِدُ صُوَاعَ ٱلْمَلِكِ وَلِمَن جَآءَ بِهِۦ حِمْلُ بَعِيرٍ وَأَنَا۠ بِهِۦ زَعِيمٌ
Qaloo nafqidu suwaAAa almaliki waliman jaa bihi himlu baAAeerin waana bihi zaAAeemun
چيائون ته بادشاھ جو پيالو وڃايو اٿون ۽ جنھن اُھو (لھي) آندو تنھن لاءِ اُٺ جو بار (انعام) آھي ۽ آءٌ (ان انجام) جو ذمي وار آھيان.
قَالُوا۟ تَٱللَّهِ لَقَدْ عَلِمْتُم مَّا جِئْنَا لِنُفْسِدَ فِى ٱلْأَرْضِ وَمَا كُنَّا سَٰرِقِينَ
Qaloo taAllahi laqad AAalimtum ma jina linufsida fee alardi wama kunna sariqeena
چيائون ته الله جو قسم آھي ته اوھان کي خبر ھوندي ته اسين ھن لاءِ نه آيا آھيون ته مُلڪ ۾ ڏڦيڙ وجھون ۽ نڪي اسين چور آھيون.
قَالُوا۟ فَمَا جَزَٰٓؤُهُۥٓ إِن كُنتُمْ كَٰذِبِينَ
Qaloo fama jazaohu in kuntum kathibeena
(وري نوڪرن) چيو ته جيڪڏھن ڪوڙا ھُجو ته اُن (چور) جي سزا ڪھڙي آھي؟
IslamicFinder brings Al Quran to you making the Holy Quran recitation a whole lot easier. With our Al Quran explorer feature, just with a tap, you can select the Surah you want to recite or listen Quran mp3 audio! Offering your Holy Quran Translation and Quran Transliteration in English and several other languages, Quran recitation has never been easier. Happy reading!
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.