قراءة سورة المؤمنونمع الترجمة
وَأَنزَلْنَا مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءًۢ بِقَدَرٍ فَأَسْكَنَّٰهُ فِى ٱلْأَرْضِ وَإِنَّا عَلَىٰ ذَهَابٍۭ بِهِۦ لَقَٰدِرُونَ
Waanzalna mina alssamai maan biqadarin faaskannahu fee alardi wainna AAala thahabin bihi laqadiroona
۽ آسمان کان پاڻي اندازي سان وسايوسون پوءِ اُن کي زمين ۾ رھايوسون، بيشڪ اسين اُن جي ورائي نيڻ تي وس وارا آھيون.
فَأَنشَأْنَا لَكُم بِهِۦ جَنَّٰتٍ مِّن نَّخِيلٍ وَأَعْنَٰبٍ لَّكُمْ فِيهَا فَوَٰكِهُ كَثِيرَةٌ وَمِنْهَا تَأْكُلُونَ
Faanshana lakum bihi jannatin min nakheelin waaAAnabin lakum feeha fawakihu katheeratun waminha takuloona
پوءِ اُن سان کجين ۽ ڊاکن جا باغ اوھان لاءِ ڄماياسون، اوھان لاءِ انھن باغن ۾ گھڻا ميوا آھن ۽ انھن مان ڪي اوھان کائيندا آھيو.
وَشَجَرَةً تَخْرُجُ مِن طُورِ سَيْنَآءَ تَنۢبُتُ بِٱلدُّهْنِ وَصِبْغٍ لِّلْءَاكِلِينَ
Washajaratan takhruju min toori saynaa tanbutu bialdduhni wasibghin lilakileena
۽ اھُو (زيتون جو) وڻ (پيدا ڪيوسون) جو طُور سَينا مان نڪرندو آھي (اھڙي طرح) ڄمندو آھي جو تيل ۽ کائڻ وارن لاءِ ٻوڙ پيدا ٿيندو آھي.
وَإِنَّ لَكُمْ فِى ٱلْأَنْعَٰمِ لَعِبْرَةً نُّسْقِيكُم مِّمَّا فِى بُطُونِهَا وَلَكُمْ فِيهَا مَنَٰفِعُ كَثِيرَةٌ وَمِنْهَا تَأْكُلُونَ
Wainna lakum fee alanAAami laAAibratan nusqeekum mimma fee butooniha walakum feeha manafiAAu katheeratun waminha takuloona
۽ بيشڪ اوھان لاءِ ڍورن ۾ (به) عبرت آھي، (جو) جيڪي سندن پيٽن (يعني اوھن) ۾ آھي تنھن مان اوھان کي (کير) پياريندا آھيون ۽ اوھان لاءِ منجھن (ٻيا به) گھڻا فائدا آھن ۽ منجھائن ڪي کائيندا (به) آھيو.
وَعَلَيْهَا وَعَلَى ٱلْفُلْكِ تُحْمَلُونَ
WaAAalayha waAAala alfulki tuhmaloona
۽ انھن تي ۽ ٻيڙين تي اوھان کي سوار ڪبو آھي.
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا نُوحًا إِلَىٰ قَوْمِهِۦ فَقَالَ يَٰقَوْمِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُۥٓ أَفَلَا تَتَّقُونَ
Walaqad arsalna noohan ila qawmihi faqala ya qawmi oAAbudoo Allaha ma lakum min ilahin ghayruhu afala tattaqoona
۽ بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليوسون پوءِ چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نه آھي، پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟
فَقَالَ ٱلْمَلَؤُا۟ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِن قَوْمِهِۦ مَا هَٰذَآ إِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ يُرِيدُ أَن يَتَفَضَّلَ عَلَيْكُمْ وَلَوْ شَآءَ ٱللَّهُ لَأَنزَلَ مَلَٰٓئِكَةً مَّا سَمِعْنَا بِهَٰذَا فِىٓ ءَابَآئِنَا ٱلْأَوَّلِينَ
Faqala almalao allatheena kafaroo min qawmihi ma hatha illa basharun mithlukum yureedu an yatafaddala AAalaykum walaw shaa Allahu laanzala malaikatan ma samiAAna bihatha fee abaina alawwaleena
پوءِ سندس قوم مان جيڪي سردار ڪافر ھوا تن چيو ته ھي رڳو اوھان جھڙو ماڻھو آھي اوھان تي سرادري (حاصل) ڪرڻ گھرندو آھي، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته ملائڪن کي موڪلي ھا، اِھا (ڳالھ ته) پنھنجن ابن ڏاڏن ۾ نه ٻڌيسون.
إِنْ هُوَ إِلَّا رَجُلٌۢ بِهِۦ جِنَّةٌ فَتَرَبَّصُوا۟ بِهِۦ حَتَّىٰ حِينٍ
In huwa illa rajulun bihi jinnatun fatarabbasoo bihi hatta heenin
اِھو ته رڳو ھڪڙو ديوانو شخص آھي تنھنڪري اُن لاءِ ھڪ وقت تائين ترسو.
قَالَ رَبِّ ٱنصُرْنِى بِمَا كَذَّبُونِ
Qala rabbi onsurnee bima kaththabooni
(نوح) چيو اي منھنجا پالڻھار مون کي مدد ڏي انھيءَ ڪري جو مون کي ڪوڙو ڀانيائون.
فَأَوْحَيْنَآ إِلَيْهِ أَنِ ٱصْنَعِ ٱلْفُلْكَ بِأَعْيُنِنَا وَوَحْيِنَا فَإِذَا جَآءَ أَمْرُنَا وَفَارَ ٱلتَّنُّورُ فَٱسْلُكْ فِيهَا مِن كُلٍّ زَوْجَيْنِ ٱثْنَيْنِ وَأَهْلَكَ إِلَّا مَن سَبَقَ عَلَيْهِ ٱلْقَوْلُ مِنْهُمْ وَلَا تُخَٰطِبْنِى فِى ٱلَّذِينَ ظَلَمُوٓا۟ إِنَّهُم مُّغْرَقُونَ
Faawhayna ilayhi ani isnaAAi alfulka biaAAyunina wawahyina faitha jaa amruna wafara alttannooru faosluk feeha min kullin zawjayni ithnayni waahlaka illa man sabaqa AAalayhi alqawlu minhum wala tukhatibnee fee allatheena thalamoo innahum mughraqoona
پوءِ ڏانھنس وحي ڪيوسون ته اسان جي اکين آڏو ۽ اسان جي حُڪم سان ٻيڙي ٺاھ پوءِ جڏھن اسان جو حُڪم اچي ۽ تنور اُڀامي تڏھن سڀڪنھن جوڙي مان ٻه ٻه (نر ۽ مادي) ۽ پنھنجي گھر وارا منجھس چاڙھ پر منجھائن جن بابت (ھلاڪ ٿيڻ جو) حُڪم ٿي چڪو (سي نه چاڙھ)، ۽ ظالمن بابت مون کي نه چؤ، ڇوته اُھي ٻُڏل آھن.
يقوم الباحث الإسلامي بجلب القرآن, mp3 القرآن الكريم اليك حتى يجعل تلاوته أكثر سهولة. مع أداة إستكشاف القرآن، بضغطة زر يُمكنك إختيار الصورة التي ترغب في تلاوتها! مٌقدماً لك الترجمة والنسخ بالعربية والعديد من اللغات الأخرى، لم تكن تلاوة القرآن بهذه السهولة من قبل. قراءة سعيدة!
روابط سريعة
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.