قراءة سورة الشورىمع الترجمة
وَهُوَ ٱلَّذِى يَقْبَلُ ٱلتَّوْبَةَ عَنْ عِبَادِهِۦ وَيَعْفُوا۟ عَنِ ٱلسَّيِّـَٔاتِ وَيَعْلَمُ مَا تَفْعَلُونَ
Wahuwa allathee yaqbalu alttawbata AAan AAibadihi wayaAAfoo AAani alssayyiati wayaAAlamu ma tafAAaloona
۽ اُھو آھي جو پنھنجن ٻانھن جي توبه قبول ڪندو آھي ۽ مداين کان ٽارو ڪندو آھي ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو ڄاڻندو آھي.
وَيَسْتَجِيبُ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ وَيَزِيدُهُم مِّن فَضْلِهِۦ وَٱلْكَٰفِرُونَ لَهُمْ عَذَابٌ شَدِيدٌ
Wayastajeebu allatheena amanoo waAAamiloo alssalihati wayazeeduhum min fadlihi waalkafiroona lahum AAathabun shadeedun
۽ جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن تن جي دُعا قبول ڪندو آھي ۽ پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ (به) ڏيندو آھي، ۽ ڪافرن لاءِ ئي سخت سزا آھي.
وَلَوْ بَسَطَ ٱللَّهُ ٱلرِّزْقَ لِعِبَادِهِۦ لَبَغَوْا۟ فِى ٱلْأَرْضِ وَلَٰكِن يُنَزِّلُ بِقَدَرٍ مَّا يَشَآءُ إِنَّهُۥ بِعِبَادِهِۦ خَبِيرٌۢ بَصِيرٌ
Walaw basata Allahu alrrizqa liAAibadihi labaghaw fee alardi walakin yunazzilu biqadarin ma yashao innahu biAAibadihi khabeerun baseerun
۽ جيڪڏھن الله پنھنجن ٻانھن جي روزي ڪشادي ڪري ھا ته مُلڪ ۾ ضرور بگيڙو وجھن ھا پر جيترو (پاڻ) گھرندو آھي (اوترو) نازل ڪندو آھي، ڇوته اُھو پنھنجن ٻانھن کي ڄاڻندڙ ڏسندڙ آھي.
وَهُوَ ٱلَّذِى يُنَزِّلُ ٱلْغَيْثَ مِنۢ بَعْدِ مَا قَنَطُوا۟ وَيَنشُرُ رَحْمَتَهُۥ وَهُوَ ٱلْوَلِىُّ ٱلْحَمِيدُ
Wahuwa allathee yunazzilu alghaytha min baAAdi ma qanatoo wayanshuru rahmatahu wahuwa alwaliyyu alhameedu
۽ (الله) اُھو آھي جو (ماڻھن جي) نا اميد ٿيڻ کان پوءِ مينھن ھيٺ موڪليندو آھي ۽ پنھنجي رحمت پکيڙيندو آھي، اُھو (ئي) ڪارساز ساراھيل آھي.
وَمِنْ ءَايَٰتِهِۦ خَلْقُ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَا بَثَّ فِيهِمَا مِن دَآبَّةٍ وَهُوَ عَلَىٰ جَمْعِهِمْ إِذَا يَشَآءُ قَدِيرٌ
Wamin ayatihi khalqu alssamawati waalardi wama baththa feehima min dabbatin wahuwa AAala jamAAihim itha yashao qadeerun
۽ آسمانن ۽ زمين جو بڻائڻ ۽ جيڪي سندن وچ ۾ چرندڙ پکيڙيائين تن جو (بڻائڻ) سنديس نشانين مان آھي، ۽ اُھو جڏھن گھرندو (تڏھن) سندن گڏ ڪرڻ تي وس وارو آھي.
وَمَآ أَصَٰبَكُم مِّن مُّصِيبَةٍ فَبِمَا كَسَبَتْ أَيْدِيكُمْ وَيَعْفُوا۟ عَن كَثِيرٍ
Wama asabakum min museebatin fabima kasabat aydeekum wayaAAfoo AAan katheerin
۽ جيڪا به اوکائي اوھان کي پھچندي آھي سا اوھان جي ھٿن جي ڪمائي سببان آھي ۽ گھڻن (گناھن) کان (ته خُدا) در گذر ڪندو آھي.
وَمَآ أَنتُم بِمُعْجِزِينَ فِى ٱلْأَرْضِ وَمَا لَكُم مِّن دُونِ ٱللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلَا نَصِيرٍ
Wama antum bimuAAjizeena fee alardi wama lakum min dooni Allahi min waliyyin wala naseerin
۽ اوھين زمين ۾ (ڀڄي) عاجز ڪرڻ وارا نه آھيو، ۽ الله کانسواءِ اوھان جو نڪو ڪارساز ۽ نڪو مددگار آھي.
وَمِنْ ءَايَٰتِهِ ٱلْجَوَارِ فِى ٱلْبَحْرِ كَٱلْأَعْلَٰمِ
Wamin ayatihi aljawari fee albahri kaalaAAlami
۽ سنديس نشانين مان درياءَ ۾ جبلن وانگر جھاز (ھلندا) آھن.
إِن يَشَأْ يُسْكِنِ ٱلرِّيحَ فَيَظْلَلْنَ رَوَاكِدَ عَلَىٰ ظَهْرِهِۦٓ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَءَايَٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُورٍ
In yasha yuskini alrreeha fayathlalna rawakida AAala thahrihi inna fee thalika laayatin likulli sabbarin shakoorin
جيڪڏھن (خدا) گھري ته وائن کي جھلي پوءِ ٻيڙا درياءَ جي پٺي تي (ھلڻ کان) بيھي رھن، بيشڪ ان ۾ سڀڪنھن صبر ڪندڙ لاءِ نشانيون آھن.
أَوْ يُوبِقْهُنَّ بِمَا كَسَبُوا۟ وَيَعْفُ عَن كَثِيرٍ
Aw yoobiqhunna bima kasaboo wayaAAfu AAan katheerin
يا ھلاڪ ڪرين تنھن سببان جو ڪمايائون ۽ عفو ٿو ڪري گھڻن کان.
يقوم الباحث الإسلامي بجلب القرآن, mp3 القرآن الكريم اليك حتى يجعل تلاوته أكثر سهولة. مع أداة إستكشاف القرآن، بضغطة زر يُمكنك إختيار الصورة التي ترغب في تلاوتها! مٌقدماً لك الترجمة والنسخ بالعربية والعديد من اللغات الأخرى، لم تكن تلاوة القرآن بهذه السهولة من قبل. قراءة سعيدة!
روابط سريعة
Contact Us

Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.