قراءة سورة فاطرمع الترجمة
وَمِنَ ٱلنَّاسِ وَٱلدَّوَآبِّ وَٱلْأَنْعَٰمِ مُخْتَلِفٌ أَلْوَٰنُهُۥ كَذَٰلِكَ إِنَّمَا يَخْشَى ٱللَّهَ مِنْ عِبَادِهِ ٱلْعُلَمَٰٓؤُا۟ إِنَّ ٱللَّهَ عَزِيزٌ غَفُورٌ
Wamina alnnasi waalddawabbi waalanAAami mukhtalifun alwanuhu kathalika innama yakhsha Allaha min AAibadihi alAAulamao inna Allaha AAazeezun ghafoorun
۽ اھڙيءَ طرح ماڻھن ۽ چرندڙن ۽ ڍورن مان (به) جو انھن جا رنگ طرح طرح جا آھن (بڻاياسين)، الله کان سندس ٻانھن مان رڳو سمجھ وارا ڊڄندا آھن، بيشڪ الله غالب بخشڻھار آھي.
إِنَّ ٱلَّذِينَ يَتْلُونَ كِتَٰبَ ٱللَّهِ وَأَقَامُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَأَنفَقُوا۟ مِمَّا رَزَقْنَٰهُمْ سِرًّا وَعَلَانِيَةً يَرْجُونَ تِجَٰرَةً لَّن تَبُورَ
Inna allatheena yatloona kitaba Allahi waaqamoo alssalata waanfaqoo mimma razaqnahum sirran waAAalaniyatan yarjoona tijaratan lan taboora
بيشڪ جيڪي (ماڻھو) الله جو ڪتاب پڙھندا آھن ۽ نماز (پوريءَ طرح) پڙھندا آھن ۽ جيڪي کين ڏنوسون تنھن مان ڳُجھو ۽ پڌرو خرچيندا آھن سي اھڙيءَ سوداگري جي اميد رکندا آھن جا ڪڏھن نه برباد ٿيندي.
لِيُوَفِّيَهُمْ أُجُورَهُمْ وَيَزِيدَهُم مِّن فَضْلِهِۦٓ إِنَّهُۥ غَفُورٌ شَكُورٌ
Liyuwaffiyahum ojoorahum wayazeedahum min fadlihi innahu ghafoorun shakoorun
(ھن لاءِ) ته خُدا کين سندن اجر پورو ڏئي ۽ پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ به ڏئي، ڇوته اھو بخشڻھار قدر ڄاڻندڙ آھي.
وَٱلَّذِىٓ أَوْحَيْنَآ إِلَيْكَ مِنَ ٱلْكِتَٰبِ هُوَ ٱلْحَقُّ مُصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ إِنَّ ٱللَّهَ بِعِبَادِهِۦ لَخَبِيرٌۢ بَصِيرٌ
Waallathee awhayna ilayka mina alkitabi huwa alhaqqu musaddiqan lima bayna yadayhi inna Allaha biAAibadihi lakhabeerun baseerun
۽ جيڪي توڏانھن ڪتاب مان وحي ڪيوسون سو سچ آھي جيڪي کانئس اڳ آھن تن کي به سچّو ڪندڙ آھي، بيشڪ الله پنھنجن ٻانھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آھي.
ثُمَّ أَوْرَثْنَا ٱلْكِتَٰبَ ٱلَّذِينَ ٱصْطَفَيْنَا مِنْ عِبَادِنَا فَمِنْهُمْ ظَالِمٌ لِّنَفْسِهِۦ وَمِنْهُم مُّقْتَصِدٌ وَمِنْهُمْ سَابِقٌۢ بِٱلْخَيْرَٰتِ بِإِذْنِ ٱللَّهِ ذَٰلِكَ هُوَ ٱلْفَضْلُ ٱلْكَبِيرُ
Thumma awrathna alkitaba allatheena istafayna min AAibadina faminhum thalimun linafsihi waminhum muqtasidun waminhum sabiqun bialkhayrati biithni Allahi thalika huwa alfadlu alkabeeru
وري انھن کي ڪتابن جو وارث ڪيوسون جن کي پنھنجن ٻانھن مان چونڊيوسون، پوءِ منجھائن ڪي پاڻ لاءِ ظالم آھن، ۽ منجھائن ڪي وچٿرا آھن، ۽ منجھائن ڪي الله جي حُڪم سان چڱاين ۾ اڳرائي ڪندڙ آھن، اِھوئي وڏو فضل آھي.
جَنَّٰتُ عَدْنٍ يَدْخُلُونَهَا يُحَلَّوْنَ فِيهَا مِنْ أَسَاوِرَ مِن ذَهَبٍ وَلُؤْلُؤًا وَلِبَاسُهُمْ فِيهَا حَرِيرٌ
Jannatu AAadnin yadkhuloonaha yuhallawna feeha min asawira min thahabin waluluan walibasuhum feeha hareerun
(انھن لاءِ ھميشه وارا باغ آھن) جن ۾ (اُھي) گھڙندا منجھن سون جا ڪنگڻ ۽ موتي پھرائبن، ۽ انھن ۾ سندن لباس پَٽ ھوندو.
وَقَالُوا۟ ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ ٱلَّذِىٓ أَذْهَبَ عَنَّا ٱلْحَزَنَ إِنَّ رَبَّنَا لَغَفُورٌ شَكُورٌ
Waqaloo alhamdu lillahi allathee athhaba AAanna alhazana inna rabbana laghafoorun shakoorun
۽ چوندا ته سڀ ساراھ انھي الله کي جڳائي جنھن اسان کان (سڀ) ڏُک ٽاريا، بيشڪ اسان جو پالڻھار بخشڻھار قدر ڄاڻندڙ آھي.
ٱلَّذِىٓ أَحَلَّنَا دَارَ ٱلْمُقَامَةِ مِن فَضْلِهِۦ لَا يَمَسُّنَا فِيهَا نَصَبٌ وَلَا يَمَسُّنَا فِيهَا لُغُوبٌ
Allathee ahallana dara almuqamati min fadlihi la yamassuna feeha nasabun wala yamassuna feeha lughoobun
جنھن اسان کي پنھنجي فضل سان سدائين رھڻ واري ھنڌ لاٿو، نڪي اسان کي منجھس ڪو ڏک پھچندو ۽ نڪي اسان کي منجھس ڪو ٿَڪ پھچندو.
وَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لَهُمْ نَارُ جَهَنَّمَ لَا يُقْضَىٰ عَلَيْهِمْ فَيَمُوتُوا۟ وَلَا يُخَفَّفُ عَنْهُم مِّنْ عَذَابِهَا كَذَٰلِكَ نَجْزِى كُلَّ كَفُورٍ
Waallatheena kafaroo lahum naru jahannama la yuqda AAalayhim fayamootoo wala yukhaffafu AAanhum min AAathabiha kathalika najzee kulla kafoorin
۽ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ دوزخ جي باھ آھي، نڪي مٿن حُڪم ڪبو ته مرن ۽ نڪي کائن اُن جي عذاب مان ڪي ھلڪو ڪبو، سڀڪنھن بي شُڪر کي اھڙي طرح سزا ڏيندا آھيون.
وَهُمْ يَصْطَرِخُونَ فِيهَا رَبَّنَآ أَخْرِجْنَا نَعْمَلْ صَٰلِحًا غَيْرَ ٱلَّذِى كُنَّا نَعْمَلُ أَوَلَمْ نُعَمِّرْكُم مَّا يَتَذَكَّرُ فِيهِ مَن تَذَكَّرَ وَجَآءَكُمُ ٱلنَّذِيرُ فَذُوقُوا۟ فَمَا لِلظَّٰلِمِينَ مِن نَّصِيرٍ
Wahum yastarikhoona feeha rabbana akhrijna naAAmal salihan ghayra allathee kunna naAAmalu awalam nuAAammirkum ma yatathakkaru feehi man tathakkara wajaakumu alnnatheeru fathooqoo fama lilththalimeena min naseerin
۽ اُھي (دوزخي) منجھس دانھون ڪندا، ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي ڪڍ ته جيڪي ڪم ڪندا ھواسون تن ڌاران ٻيا چڱا ڪم ڪريون، (چيو ويندن ته) اوھان کي ايتري ڄمار نه ڏني ھئي سون ڇا ته جيڪو نصيحت وٺڻ گھري ھا سو منجھس نصيحت وٺي سگھي ھا؟ ۽ اوھان وٽ ڊيڄاريندڙ (به) آيو، تنھنڪري (پنھنجي ڪمائيءَ جو مزو) چکو ڇوته ظالمن جو ڪو مددگار نه آھي.
يقوم الباحث الإسلامي بجلب القرآن, mp3 القرآن الكريم اليك حتى يجعل تلاوته أكثر سهولة. مع أداة إستكشاف القرآن، بضغطة زر يُمكنك إختيار الصورة التي ترغب في تلاوتها! مٌقدماً لك الترجمة والنسخ بالعربية والعديد من اللغات الأخرى، لم تكن تلاوة القرآن بهذه السهولة من قبل. قراءة سعيدة!
روابط سريعة
Contact Us
Thanks for reaching out.
We'll get back to you soon.